19 بدھ , دسمبر 2018

آرمي چيف جي سينيٽ کي بريفنگ ۽ پاڪستان جو سياسي وايو منڊل:قاسم سوڍر

پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ هر دور ۾ رياستي ادارا خاص طور فوج ۽ انٽيلجنس ايجنسيون تمام گھڻو طاقتور رهيون آهن ۽ اڄ به آهن، جن جنهن وقت به چاهيو اچي چونڊيل حڪومتن جا تڏا ويڙهه ڪرڻ کان ويندي هزارين سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ انهن جا تشدد ٿيل لاش موڪلڻ جو سلسلو به هلايو ويندو رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته، ان حوالي سان مٿين ڌرين جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته، سياسي گمشدگين ۾ رياستي ادارا ملوث نه رهيا آهن، پر ملڪي توڻي پرڏيهي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن طرفان بار بار انگن اکرن سان اهو ثابت ڪيو ويندو رهيو آهي ته انهن گمشدگين ۽ سياسي ڪارڪنن جي قتل پٺيان ڪهڙيون ڌريون ملوث هيون ۽ آهن.

جيتوڻيڪ رياستي نظام کي برقرار رکڻ يا اڃا ويتر تقويت بخشڻ لاءِ نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ رياستي ڌريون مختلف حربا هلائي، پنهنجي هڪ هٽي کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون آهن. رياستي جبر جو سڀ کان وڌيڪ استعمال جيتوڻيڪ سرمائيدار رياستن اندر ئي ٿيندو رهيو آهي، پر ڳالهه جڏهن پاڪستان جهڙن نيم جاگيردار ۽ نيم سرمائيدار ملڪن جي اچي ٿي ته، اتي عوامي سياست ڪندڙ ڌرين لاءِ اسپيس تمام گھٽ آهي. جيڪڏهن ڪا ڌر حقيقي معني ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ميدان ۾ لهي به ٿي ته، يا ته ان کي هيسائي ۽ ڌمڪائي يا پوءِ لالچائي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. جيڪي ڌريون پنهنجي قيام وقت يا ان کان ڪجھ سال بعد تائين به عوامي پارٽين طور سڃاتيون ٿي ويون، تن به ڪجھ وقت کانپوءِ پنهنجو قبلو تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن جو وڏي ۾ وڏي مثال پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جهڙيون ڪنهن وقت ۾ ترقي پسند پارٽين طور سڃاتيون ويندڙ پارٽيون آهن، جن اسيمبلين تائين رسائي ۽ مدو پورو ڪرڻ جي چڪر ۾ هڻي پوري پارٽي جي نظريي ۽ منشور جو ئي ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. باقي جيڪي ٻه چار ترقي پسند ۽ سوشلزم جي دعوي ڪندڙ پارٽيون موجود به آهن ته، اهي به سياسي اسپيس نه ملڻ ۽ رياستي جبر سبب يا ته فقط ڪنهن مخصوص علائقي سطح تائين محدود آهن يا وري ٻين کوڙ سارن مسئلن جي ور چڙهڻ سبب بس عادت جي پورائي خاطر ئي سياست ڪنديون رهن ٿيون. جيتري حد تائين ڳالهه آهي قومپرست ڌرين جي ته، انهن لاءِ نه ڪالهه ڪو اسپيس موجود هو ۽ نه ئي اڄ موجود آهي. اها ڳالهه به درست آهي ته قومپرست پارٽين کي رياست طرفان اسپيس نه ملڻ به هڪ اهم مسئلو آهي پر ان کان علاوهه انهن جون پنهنجون پاليسيون ۽ ڪجھ عوام دشمن عملن سبب به انهن جي ڪا بهتر ساک نه رهي آهي. مطلب ته ان سڄي سياسي خال رهڻ سبب ئي جمهوري ۽ سويلين ڌرين بجاءِ سڄو ميدان غيرجمهوري ڌرين لاءِ خالي رهيو آهي، جنهن کي هو پنهنجي مرضي مطابق ڪيش ڪرائيندا رهن ٿا.

پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ وڏو الميو ته اهو به آهي ته، اڄ تائين به اسين مڪمل طور برطانوي آپيشاهي کان آزاد نه ٿي سگھيا آهيون ۽ اڄ به آئين جي شڪل ۾ يا ڪاموراشاهي جي بيهڪ وغيرهه ۾ ساڳي برطانوي نظام جون ڪيتريون ئي پاليسيون گڏ کنيو پيا هلون. اها به برطانوي راڄ جي ئي مهرباني هئي، جنهن کي پوري ننڍي کنڊ ۾ پنجابي ئي اهڙي قوم نظر آئي جيڪا فوج ۾ ڀرتي ۽ ان جي وفاداري تي يقين ڪرڻ جي لائق هئي، باقي ٻين قومن تي نه ته انهن کي يقين پئي آيو ۽ نه ئي وري انهن کي لڳو پئي ته ٻيا ماڻهو فوج ۾ ڀرتي لاءِ موزون هئا. بنگالين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني کي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا هئا. سنڌي بقول برطانوي راڄ جي قومپرست سوچ جا مالڪ ته بلوچ سست هئا. ان سڄي معاملي جو فائدو وٺندي پاڪستان ٺهڻ کان ويندي اڄ تائين ان جو پنجابي ئي فائدو کڻي رهيا آهن. منهنجو اهو هرگز مطلب نه آهي ته ڪو پنجابين کان علاوهه ٻين قومن جا ماڻهو به فوج ۾ وڃي ائين ئي وقتن فوقتن جمهوري سيٽ اپ کي ڊي ريل ڪن، پر جيڪڏهن ملڪ جي هڪ اعلي اداري ۾ سمورين قومن جا ماڻهو شامل هوندا ته يقينن ان سان محرومين ۾ ڪافي گھٽتائي اچي سگھي ٿي.

ملڪ کي سويلين ڌرين کان وڌيڪ فوجي آمرن نقصان پهچايو آهي، جن مارشلائون لڳائي نه فقط ملڪ جي ناڻي کي فقط هڪ مخصوص اداري جي حوالي ڪري ڇڏيو پر ان سان گڏوگڏ پوري سياسي نظام کي جهڙوڪ ويهاري ئي ڇڏيو. پاڪستان جي گھڻ قومي ملڪ هئڻ ۽ قومي ڦرلٽ سبب قومن وچ ۾ ويڇا ۽ نفرتون به وڏي عرصي کان رهنديون پيون اچن. جنهن حوالي سان پوري ملڪ اندر پوءِ سنڌي هجي، بلوچ، پٺاڻ يا پوءِ سرائيڪي ڳالهائيندڙ، پر هر ماڻهو پنجابي آپيشاهي کي ئي ننديندو رهي ٿو. ٻئي طرف، پنجابي آپيشاهي جا محافظ اهو دليل ڏيندي ٻڌا وڃن ٿا ته، ملڪ کي جيڪڏهن جنرلن نقصان پهچايو آهي ته اهي ته پنجابي ڪونه هئا ۽ ملڪ کي ٽوڙڻ جي جيڪا ڳالهه آهي، سو ته ذاولفقار ڀٽي جي اقتداري لالچ جي ڪري ٽٽو هو. پوءِ پنجابي ان ۾ ملوث ڪيئن ٿيا!!؟؟ ان وقت دوستن کان اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته، فيصلاسازي ڪنهن وٽ آهي ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جون واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ آهن. جيڪڏهن سياستدانن وٽ اختيار هجن ها ته پوءِ ڇا اهو ممڪن هو ته، جنرل جنهن وقت مرضي ٿئين ها ته حڪومتن جا ائين آساني سان تختا اونڌا ڪري ڇڏين ها؟ يا ڇا اهو ممڪن هجي ها ته هر ڀيري پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر هر حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ سان هر لمحي سهڪاري رهڻو پئي ها؟ هر ڀيري پاليسي مٿين جي ۽ جيڪڏهن ناڪام وڃي ته سڄو نزلو سويلين ڌرين تي ئي ڇو ڪرندو آهي؟ بنگال جي عليحدگي ۾ ڀٽي صاحب جو بلڪل ڪردار هو پر ان کي استعمال ڪندڙ ڪهڙيون ڌريون هيون، ان تي به ته غور ڪرڻ گھرجي نه.

گذريل اڱاري ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوهه سينيٽ کي ملڪي ۽ پرڏيهي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني آهي، جنهن کي ميڊيا توڻي عام ڪچهرين ۾ پارليامينٽ جي بالادستي طور ڏٺو وڃي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته، اهو عمل تمام بهتر ضرور آهي ته گھٽ ۾ گھٽ فوج اهو ضروري سمجھيو ته هو سينيٽ ۾ وڃي سياسي ڌرين جي خدشن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. پر ڇا فقط ان هڪڙي عمل سان پارليامينٽ بالادست چئي سگھجي ٿي؟

منهنجي خيال ۾ پارليامينٽ بالادست تڏهن ٿي سگھي ٿي جڏهن اتي احتساب جو عمل شروع ٿئي. مثلن، چيف آف آرمي اسٽاف جيڪڏهن سينيٽ ۾ اچي بريفنگ ڏيئي هليو وڃي ته ان جو ڪهڙو کڙ تيل نڪري سگھي ٿو؟ جيتوڻيڪ هن اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي جي حوالي سان اهو ثابت ٿئي ته، ان پٺيان فوج هئي ته، هو پنهنجي عهدي تان مستعفي ٿي ويندو. ڳالهه ته يقينن ڀلي آهي پر اهو ثابت ڪندو ڪير؟ ڇا پاڪستان ۾ ڪنهن کي ايتري اجازت آهي ته جيئن نئب سياستدانن خلاف رڻ ٻاري سگھي ٿي، اهڙيءَ طرح عسڪري ڌرين جي حوالي سان به ڪي ڪاميٽيون جوڙيون وڃن يا سينيٽ کي ايترو باختيار بڻايو وڃي ته سڀن جو برابري جي بنياد تي احتساب ٿي سگھي. گذريل ڪيتري عرصي کانوٺي سينيٽ چيئرمئن رضا رباني ته دانهون ڪندو رهي ٿو ته جمهوريت جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي يا ٻوڙيو پيو وڃي، ملٽري ڪورٽن جي حوالي سان ته هن روئي به ڏنو هو، پر ڇا هن کي ڪير ٻڌڻ وارو آهي؟ يا هن وٽ ايترو اختيار آهي ته هو جيڪو چوي ٿو، تنهن تي سينيٽ جي چيئرمئن جي حيثيت سان عمل به ڪري سگھي؟

چيف صاحب پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ڏاڍي دلچسپ ۽ اهم ڳالهه ڪئي آهي ته، هاڻي هندستان ۽ افغانستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن سان جنگ جي بجاءِ ڳالهين ذريعي عمل لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي، جنهن حوالي سان هن حڪومت کي پاليسي جوڙڻ لاءِ زور پڻ ڀريو آهي. پر خبر نه آهي ته ان تي ڪيترو ۽ ڪيئن عمل ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ ۽ قادري جي اسلام آباد ۾ ڌرڻن کان ويندي نوازشريف جي برطرفي تائين جي معاملن ۾ هڪ معاملو هن جو انڊيا جي ويجھو وڃڻ به ٻڌايو ويندو رهي ٿو، جنهن جي به هن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. ڇا هاڻي اهو ممڪن آهي ته حڪومت، سو به ان حڪومت جنهن جو وزيراعظم تيستائين ڪجھ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي جيستائين ميان نوازشريف طرفان حڪمنامو نه پهچي، کي ايترو بااختيار بڻايو ويندو جو هو پرڏيهي پاليسي جوڙي سگھن؟ باجوهه صاحب لاپتا ماڻهن واري معاملي تي به ڳالهائيندي اهو چيو ته، ايجنسيون فقط ملڪ دشمن ماڻهن کي کڻنديون آهن. پر چيف صاحب اهو نه ٻڌايو ته انهن ماڻهن (سياسي ڪارڪنن) کي ڪهڙي قانون تحت کنڀيو ۽ ڪٿي رکيو ويندو آهي ۽ انهن خلاف قانوني ڪاروائي خاطر ڪو ڪيس ڇو نه ٿو هلايو وڃي؟

بهرحال، چيف صاحب جو سينيٽ ڪهي اچڻ وارو وقت به ڏاڍو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته فيض آباد واري ڌرڻي کانپوءِ خاص طور سوشل ميڊيا تي ملٽري تي ڏاڍي تنقيد ڪئي وئي. گڏوگڏ ڪجھ ڏينهن پهرين جهڙيءَ طرح گوادر منجھان روينيو ملڻ جي ۽ ان جو 91 سيڪڙو حصو چين کي ڏيڻ واري معاملي تي به ڏاڍو گرماگرم بحث ٿيو. ان کانپوءِ عسڪري ادارن لاءِ به ضروري بڻجي چڪو هو ته بجاءِ پاڻ مٿان وڌيڪ تنقيد جا دروازا کولڻ جي ڪجھ اهڙو ڪجي جنهن سان هڪ طرف اهو تاثر ڏيئي سگھجي ته، فوج مڪمل طور جمهوريت ۾ يقين رکي ٿي ۽ فيض آباد ڌرڻي ۾ صرف حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ئي فوج ڪردار ادا ڪيو.

هلو چيف صاحب جي سينيٽ کي بريفنگ جا کڻي ان پٺيان ڪهڙا به مقصد هجن پر اها هڪ مثبت شروعات ضرور ٿي آهي ته گھٽ ۾ گھٽ سينيٽرن کي اهو موقعو ڏنو وڃي ته هو آرمي چيف کان سوال جواب ڪري سگھن. جيتوڻيڪ اهو ان ڪئمرا سيشن هو پر وري به اهو مثبت ان معني ۾ هو ته شروعات ته ٿئي پوءِ اڳتي باقي اها سياسي ڌرين کي ئي همت ڪرڻ گھرجي ته بجاءِ حڪومت ۾ اچڻ جي لالچ يا پنهنجي حڪومتن جي بچاءَ لاءِ غيرجمهوري ڌرين جو پاسو جھلڻ جي (جيئن عمران خان ڪندو رهي ٿو)، حقيقي معني ۾ عوامي قوت حاصل ڪري جمهوريت کي پروان چڙهائڻ گھرجي. ها اها ڳالهه به درست آهي ته، نيم سرمائيداري سماج ۾ جتي اڄ تائين جاگيردار تمام گھڻي طاقت رکي ٿو، ۾ پوريءَ طرح جمهوريت جو اچڻ مشڪل آهي پر گھٽ ۾ گھٽ جمهوريت جي روايت ته وجھي سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف، رياست جي مشينري تي غيرجمهوري ادارا قابض آهن ته ٻئي طرف جاگيردار ۽ سرمائيدارن جي ڳٺ جوڙ آهي. ان کان نڪرڻ جو حل عوام سان رابطي ۾ اچڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري انهن کي پنهنجي طرف ڇڪڻ ۾ ئي آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن به پارٽي وٽ عوامي قوت نه هوندي، جيڪا ڀلي ڌانڌلي يا ڏنڊي جي زور تي اليڪشن به کٽي اچي، جنهن جو مثال ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ موجود آهي، پر جڏهن به ڪو ڏکيو وقت اچي ته ان ڌر جي حمايت لاءِ عوام ٻاهر نه ايندو. جنهن سبب ان ڌر کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا ئي پوندا. تقريبن ساڳيو حشر پاڪستان پيپلز پارٽي سان به آهي جيڪا عوام کان ڪٽجڻ سبب ئي ملڪي پارٽي منجھان سڪڙجي اچي هڪ صوبي تائين محدود بڻي آهي. تنهنڪري، سياسي ڌرين کي ان حوالي سان گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي ئي تجربن منجھان سکڻ گھرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

باگڙي برادريءَ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرگرم ”بَيبِي باگڙي“:خادم رند

باگڙي قبيلي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو،  ان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے