18 منگل , دسمبر 2018

پاڪستاني فلمون به  هاڻي عالمي معيار جون ٺهي رهيون آهن: نيلم منير

پاڪستاني ڊرامن جي اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته ٽي وي فنڪارن جي فلمن ۾ ڪاميابي ٽي وي فنڪارن کي وڌيڪ چوائس فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته مونکي ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ملي چڪي آهي، ڊرامن ۾ مصروفيت سبب ذاتي طور ڪو به فيصلو نه پئي ڪري سگهان، هدايتڪار محسن  علي جي فلم ”ڇپن ڇپائي“ ۾ منفرد ۽ جاندار ڪردار جي آڇ ٿي ته انڪار نه ڪري سگهيس. احسن خان سان گڏ ڪم ڪندي سٺو لڳو، اها هڪ تفريح سان ڀرپور ڪاميڊي رومانٽڪ فلم آهي، پاڪستاني ڊراماسڄي دنيا ۾ پسند ڪيا ويندا آهن، پر هاڻي فلم انڊسٽري ۾ به عالمي معيار جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستاني فلمن جي ڊيمانڊ وڌي رهي آهي ۽ فلمن ۽ ڊرامن کي عالمي سطح جي مقبوليت ملي رهي آهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته اسان جي ڊرامن جي مقبوليت سبب معياري ڪهاڻي ۽ عمدا ڊائريڪشن آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

باگڙي برادريءَ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرگرم ”بَيبِي باگڙي“:خادم رند

باگڙي قبيلي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو،  ان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے