23 منگل , اکتوبر 2018

مورو سگا طرفان ڪتابي ميلو:رپورٽ: اسلم عباسي

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان 6 ڊسمبر 2017ع اربع ڏينهن کان 8 ڊسمبر جمعي شام تائين پريس ڪلب مورو ۾ شاندار ڪتابي ميلو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جي تعاون سان ٿي گذريو، سگا مورو طرفان هر سال لڳندڙ ڪتابي ميلو ٽيون ڀيرو منقعد ڪيو ويو. ڪتابي ميلي ۾ موري تعلقي ۽ آس پاس جي علائقن شاهپورجهانيان، دولتپور، دادو، مٺياڻي، نوشهروفيروز کان اهل قلم ۽ ڏات ڌڻين جي وڏي انگ جي شرڪت رهي، گڏوگڏ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ والدين پڻ هن ڪتابي ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ خاص طرح ٻاراڻي ادب کان ويندي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سياست، سماجيات، سائنسي ۽ مذهبي ڄاڻ ڏيندڙن ڪتابن کي بيحد پسند ڪري خريد ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان وري انگريزي ادب، ڊڪشنريون، گرامر جي ڄاڻ، ڪيريئر گائيڊ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ وارن ڪتابن جي خريداري ۾ مشغول رهيا.

سگا مورو طرفان ڪتابي ميلي دوران ٽئي ڏينهن لڳاتار علمي، ادبي تعليمي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ جاري رکيون ويون، جن ۾ عالمن، اديبن، استادن، قلمڪارن، شاعرن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جي نمائندگي پڻ رهي. ڪتابي ميلي جي پهرين اربع ڏينهن ٺيڪ چئين وڳي افتتاحي رسم ٿي گذري. سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، مرڪزي  سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي، پروفيسر محمد سليمان سيال پرنسپال مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو، سگا صدر اسلم عباسي، عظيم سنڌي ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪيو. ان سان گڏوگڏ سگا ساٿين وزير فرهاد، زاهد ڏيپر، قاضي شفيح محمد، سرفراز ميمڻ، اسد سولنگي پڻ معزز مهمانن سان گڏجي ڪتابي اسٽال جو دورو ڪيو.

افتتاحي رسم بعد مورو پريس ڪلب اندر هال ۾ سگا شاخ مورو طرفان هڪ علمي، ادبي تقريب سائين محمد ابراهيم جويو جي ياد ۾ تعزيتي پروگرام ٿي گذريو. صدارت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ لينگويج اٿارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص سگا جنرل سيڪريٽري منظور اڄڻ، شهاب الدين شاهاڻي ۽ ڪامريڊ هاشم کوسو هئا.

تعزيتي ميڙاڪي تقريب جي شروعات ۾ سڀ کان اول سگا موري جي ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي اسد سولنگي کي گهرايو ويو، جنهن آيل سڀني معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ۽ محمد ابراهيم جويي جي زندگيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڻ هڪ عظيم انسان ۽ برصغير جي اهم شخصيت ۽ صديءَ جي هڪ مڪمل تاريخ رهيو آهي. هن فلسفي، ڏاهپ ذريعي سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي آهيان بعد پروفيسر شمشاد احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سوين سالن بعد محمد ابراهيم جويي جهڙا انسان پيدا ڪندي آهي. هو هڪ خاموش خدمتگار هو ۽ وڏي سوچ ۽ فڪر رکندڙ سگهاري شخصيت هئي. ان بعد دولتپور واسي  پروفيسر ارشاد احمد اوٺو ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌايون.

تعزيتي ميڙاڪي کي مخاطب ٿيندي ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ چيو ته سائين ابراهيم جويي جو سنڌ مٿان احسان آهي ۽ ان سان گڏوگڏ خاڪي جويو ۽ تاج جويو به سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. سائين سان منهنجي واقفيت خاڪيءَ جويي ڪرائي، محمد ابراهيم جويو ڪتابن ۾ هميشه زنده رهندو. پاڻ حڪمت عمليون جوڙڻ جو ماهر هو. سنڌ وطن ۽ عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ بيحد فڪرمند رهندو هو. وطن جو سچو ۽ حلالي پٽ هو. پاڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت هو.

ان کان پوءِ عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته جويي صاحب جا اسان سنڌي قوم مٿان احسان آهن، هن چيو ته آءُ هڪ دفعي سائين سان مليس ۽ کيس ٻڌايم ته موري شهر جو آهيان ته هڪدم خوش ٿي وراڻيائين ته مورو واسي ڪراچيءَ جي پهرين مسلمان ميئر قاضي خدا بخش جو مون مٿان ٿورو آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ مونکي اسڪالرشپ ڏنائين.

تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مهمان خاص سگا مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو تمام وڏي شخصيت هو. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري وطن پرست، سنڌ دوست ۽ قومپرست هو. هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگي وقف ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ خدمت ڪري وڏو مقام ماڻيو اٿس.

ڪامريڊ هاشم کوسي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ محمد ابراهيم جويو جو وڏو مقام آهي هن سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي خاطر تمام گهڻو ڪم ڪيو.

تعزيتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو هڪ يتيم ۽ بي سهارا ٻار هو ۽ ڏکن ۾ پليو. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ ڪري تعليم حاصل ڪيائين. برصغير جي اهم سياسي اڳواڻن سان کيس ملڻ جو موقعو مليو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪتاب، ڪهاڻيون ۽ شاعري به آهي. انگريزي ادب مان ترجما ڪري ڪيترائي ڪتاب ڏنائين.

ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينهن تي علمي ۽ تعليمي ليڪچر پروگرام عنوان (رول آف ڊجيٽل لرننگ) ٿي گذريو. جنهن ۾ جديد ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالوجي واري تعليمي اهميت بابت سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ليڪچر ڏنو. هن تقريب جي صدارت سگا مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص سگا مرڪزي عهديدار نور محمد سومرو ۽ رفيق احمد سرهيو هئا. ڪمپيئرنگ ڪندي نوجوان تعليمي ماهر قاضي شفيح محمد سڀني معزز مهمانن کي اسٽيج تي ويهاريو ۽ سگا صدر اسلم عباسي کي مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ سڏ ڪيو. جنهن آيل مهمانن ۽ ليڪچر ۾ ويٺل سڀني استادن، اديبن، شاگردن ۽ سول سوسائيٽي ميمبرن کي ڀليڪار ڪندي ۽ ليڪچرڪار جو تعارف پڻ ڪرايو. ان بعد ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ليڪچر ڏيندي چيو ته هن وقت اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان کي ڪيترائي ايندڙ وقت ۾ چئلينجز آهن. ڪمپيوٽر، انفرميشن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي ۽ جديد علم ذريعي اهم ۽ تاريخي تبديليون اچڻيون آهن. ايندڙ وقت ۾ بايو ٽيڪنالوجي ۽ ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل ايجادن ذريعي انسان تمام گهڻي تيز رفتاريءَ سان منزلون ماڻيندو.

آخر ۾ سگا اڳواڻ رفيق احمد سرهيو ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪو تعليمي ليڪچر تمام ڪارائتو آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ڊجيٽل تعليم ۾ اڳتي اچڻو پوندو ۽ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن سگا مورو ساٿين کي ڪتابي ميلي ڪرائڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.

صدارتي خطاب ڪندي سگا وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي چيو ته سگا مورو ماضيءَ جي روايتن کي برقرار رکندي هي ڪتابي ميلو منقعد ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ هي ليڪچر پروگرام پڻ منعقد ڪرايو آهي سچ پچ اڄوڪو پروگرام تمام شاندار ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي. ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي تي اسانکي فخر آهي. پاڻ هڪ ڊاڪٽر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سماج ۽ نوجوانن لاءِ هڪ يونيورسٽي وارو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. جنهن لاءِ کيس جس آهي

ڪتابي ميلي جي ٽئين ۽ آخري جمعي ڏينهن صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين صرف عورتن، اسڪولي شاگردياڻين ۽ نياڻين لاءِ مخصوص وقت مقرر ڪيل هو. ان دوران ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردياڻين، فيميل ٽيچرس ۽ عورتن پڻ ڪتابي ميلي جو دورو ڪري ۽ مختلف موضوعن بابت ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ سگا مورو کي جس پڻ ڏنو.

جڏهن ته ان ئي آخري ڏينهن شام جو سگا مورو طرفان محفل مشاعرو ٿي گذريو، جنهن جي صدارت نوجوان شاعر، اديب، ايڊووڪيٽ امداد سولنگي ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص صدر پريس ڪلب مورو نواب اصغر ڪورائي هو ۽ سگهڙ شاعر علي گل ڀٽي هئا ۽ معزز مهمانن ۾ پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر شمشاد احمد سومرو پڻ شريڪ ٿيا. ڪمپيئرنگ جا فرائض سر قاضي شفيح محمد سگا ساٿي سرانجام ڏنا.

سگا مورو جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد آيل سڀني مهمانن جي مان ۾ آجياڻي تقرير ڪندي ڀليڪار .ان بعد شعر پڙهڻ لاءِ سڀ کان اول سنڌي ادبي سنگت دادو کان آيل شاعر عاشق دادوي کي گهرايو ويو، جنهن پنهنجي نئين نڪور شاعري ۽ ترنم سان گيت پڻ ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو. ان بعد هر هڪ معشق محسن ابڙو، غلام مصطفي عقاب ڇڄڙو، محبتي ملاح، مختيار شاھ، خادم بالادي، وزير فرهاد ، مجاز حيدر، اشرف سولنگي ۽ ٻين پڻ مشاعري شريڪ ٿي پنهنجا شعر ٻڌائي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

آخر ۾ راڳي عابد سولنگي ڪلام ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح سگا مورو طرفان ڪتابي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے