13 منگل , نومبر 2018

قدرتي جزن سان ڀريل دل جي بيماريون ختم ڪرڻ واري گوري تيار

ڪيمبرج(ويب ڊيڪس)ماهرن مشهور غذائي تي ٻڌل”ميڊي ٽير ينيئن ڊائيٽ“ جي طبي فائدن کي هڪ گوري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ۽ دلچسپ ڳالهه هئا آهي ته هن کي مڪمل طور تي قدرتي جزن سان تيار ڪيو ويو آهي (جنهن ڪو به ڪيميڪل استعمال ناهي ڪيو ويو) ۽ هي گوري دل جي بيماري کي روڪڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي. جڏهن ته دل جي شريانونن ۾ چرٻي وڌيڪ جمع ٿيڻ جي سبب رت جي ناليون بند ٿي وينديو آهن .جنهن کان پوءِ دل بيمارين جو سبب ٿيندي آهي. ۽ ان مرض کي مڪمل طور تي ختم نٿو ڪري سگهجي .پر ان لاءِ  ماهرن ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف احتياطي طريقا تجويز ڪندا آهن جڏهن ته روزانو جي بنياد تي ورزش سان به ان مرض کي روڪي سگهجي ٿو. ان لاءِ ماهرن”ايٽرونن جي نالي سان هڪ سپليمنٽ تيار ڪئي آهي جيڪا کير ۽ لائسوپين(ٽماٽر ۾ موجود هڪ طاقتور آينٽي آڪسيڊنٽ)کي يڪجا ڪري تيار ڪيو ويو آهي. ٽماٽر جو ڳاڙهو رنگ لائسوپين جي سبب هوندو آهي  پر  ان ۾ کير جو اضافو ڪري جسم سٺي طرح جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. ڇو ته لائسوپين ٻين مرضن رت پريشر ۽ ڪوليسٽررن کي روڪڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابٽ هوندو آهي. ان لاءِ گوري جي تياري ۾ هن جو استعمال ڪيو ويو آهي. هن مڪمل قدرتي دوا کي وڌيڪ جلد عام وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے