16 جمعہ , نومبر 2018

ڊاڪيومينٽري | سيڪيولر سنڌ جو روشن باب: شهيد الله بخش سومرو

الله بخش سومرو سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جو هڪ اهڙو لازوال ڪردار هيو،هن وٽ سياسي مقصد صرف سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي هو. سنڌ جي هن عظيم فرزند شڪاپور جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.شهيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو،معاشي سڌارا آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي مذهبي روداري ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري. شهيدالله بخش سومري جي زندگي جا ڪيترائي پهلو آهن،سندس وزارت جي دور ۾ زرعي سڌارن لاءِ پهريون انقلابي قدم سکر بئراج جهڙو ميگا پراجيڪٽ تعمير ڪرائڻ هو،هن سنڌ جي سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ سنڌ وليجرس ايسوسيئشن جو بنياد رکيو.سنڌ جي هن ارڏي پٽ پنهنجي سياست جي شروعات 1923ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جي ميمبر جي حيثيت سان ڪئي.تنهن کان پوءِ 1926ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿيو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.هن 1934غ ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سر شاهنواز ڀٽو سان گڏجي سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو.جنهن جو صدر شاهنواز ڀٽو ٿيو، تنهن کان پوءِ 1936ع ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ سنڌ يونائٽيد پارٽي ٺاهي. 1936ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي،تنهن کان پوءِ شهيد الله بخش سومري 1937ع جي اليڪش ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر مقررٿيو،سندس سنڌ يونائيٽد پارٽي کي 60 اسمبلي ميمبرن مان 22 سيٽيون مليون،جيڪا ان وقت اڪثريتي پارٽي هئي.پر ان وقت جي گورنر سر لانسلاٽ گراهام ٽن ميمبرن جي اميدوار سرغلام حسين کي سنڌ جي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏني،تنهن کان پوءِ الله بخش سومرو مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيو.هڪ سال کانپوءِ سر غلام حسين جي حڪومت پنهنجي پڄاڻي تي پهتي ۽ 23 مارچ 1938ع ۾ الله بخش سومرو سنڌ جي پهرين وزيراعظم جي حيثيت ۾ قسم کنيو.برطانوي راڄ غريب هارين ۽ زراعت پيشه ماڻهن کي جيڪي سهولتون نه ڏئي سگهيوهو،اهي سهولتون شهيد الله بخش سومري زرعي سڌارا آڻي هارين ۽ آبادگارن کي سهولتون ڏنيون.تنهن کان پوءِ الله بخش سومرو مسلمانن جي جماعت آزاد مسلم بورڊ جو صدر ٿيو،جيڪا ڳاله سنڌ جي سياسي جماعتن ،گورنر سنڌ ۽ برطانوي انتظاميه لاءِ چڙ ڏياريندڙ ڳالهه ثابت ٿي، هندستان خالي ڪريو تحريڪ دوران هن پنهنجا مليل لقب خانبهادر،آرڊر آف برٽش امپائر واپش ڪيا،۽ وائسراءِ کي هڪ خط ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم کي ڏسي سندن آزادي جو مطالبو ڪيائين،جنهن ڳاله تي برطانوي انتظاميه پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 10 آڪٽوبر 1942ع ۾ شهيد الله بخش سومري کي اسمبلي ۾ اڪثريت هوندي به کيس وزارت تان هٽائي ڇڏيو.جنهن کي الله بخش سومري غير آئيني عمل ڪوٺيو،وزارت تان هٽائڻ کان پوءِ به هڪ شڪارپور ۾ سماجي ڪم ڪندو رهيو،شهيد الله بخش سومرو فرقيواراڻا سوچ جو سخت مخالف هو ۽ هندو مسلم ڀائيچاري جو حمايتي هو،هو سنڌ جي تمام مذهبي ڌرين،هندو،مسلمان،پارسي،عيسائين ۽ سکن جو مقبول اڳواڻ پڻ هو.هن انگريز سامراج خلاف پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ هڪ وطن پرست سياستدان جي حيثيت ۾ سامراجي تسلط کي ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ويوهو، 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي هن گهڻ رخي سياسي شخصيت ۽ ننڍي کنڊ جي سيڪيولر ۽ آدرشي اڳواڻ کي سندس اڀاڻي شهر شڪارپور ۾ شهيد ڪيو ويو. الله بخش سومرو کي شهيد ڪري ننڍي کنڊ جي سياست جو هڪ سونهري باب کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

هڪ تبصرو

  1. Sain you have done great job, thank you for it we request you please keep continuing developing such documentaries on other aspects and personalities of SINDH.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے