18 جمعرات , اکتوبر 2018

عدالتي فيصلي جو احترام آهي پر ڪراچي وارن کي بي گهر ٿيڻ نه ڏينداسين: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اسان قبضي ۽ لينڊ مافيا خلاف آهيون ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به احترام ڪيون ٿا پر شهرين کي بي گهر ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران حددخلين خلاف آپريشن جي مخالفت ۾ احتجاج دوران ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا پر عدالت عظميٰ متاثرن کي انهن جي گهرن ۽ زمينن جو معاوضو ڏياري، اسان جو احتجاج سنڌ حڪومت جي بي حسي خلاف آهي، سرڪاري آفيسرن جي ملي ڀڳت سان زمينن جي قبضو ٿيندو آهي، صوبائي حڪومت پنهنجن کي نوازي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي بي گهر ۽ بي روزگار ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، ڪري ڪير ۽ ڀري ڪير، اها ناانصافي نه ٿيڻ ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته اسان زيادتين خلاف سدائين پرامن احتجاج ڪندا آهيون، ڪراچي وارن کي خاطري ٿا ڪرايون ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سياسي ۽ قانوني طور انهن سان گڏ آهي، ڪراچي جي زمينن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عليم خان جي اثاثن جي جاچ پڙتال لاءِ نيب جو برطانيا ۽ دبئي سان رابطو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان جي اثاثن جي جاچ لاءِ قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے