18 منگل , دسمبر 2018

نيوز | مڪلي قبرستان ۾ سياحن جي سهولت لاءِ  3 گاڏين تي مشتمل شٽل سروس شروع

ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي ۽ تاريخي مڪلي قبرستان ۾ گھمڻ آيل  ماڻهن جي سهولت لاءِ  3 گاڏين تي مشتمل شٽل سروس شروع ڪئي وئي

شٽل سروس جو افتتاح سياحت ۽ ثقافت  جي صوبائي وزير سردار شاهه  مڪلي قبرستان جي مک گيٽ تي پهچي ڪيو

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي  صوبائي وزير سردار شاھ ٻڌايو ته في گاڏي جي ماليت ساڍا 16 لک روپيا آھي، جيڪا عام سياحن جي خواھش مطابق سفري سھولت مھيا ڪندي، في ٽڪيٽ ھڪ سو رپيا ھوندي

 صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته تاريخي قبرستان ۾ عام گاڏين جي اچ وچ سبب قبرستان جي لتاڙ ۽ بي حرمتي ٿيندي ھئي،  جنهن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران فهميدا رياض جي ياد تقريب ڪوٺائي وئي

ناليواري شاعره ۽ ليکڪا فهميدا رياض جي ياد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تقريب ڪوٺائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے