15 ہفتہ , دسمبر 2018

فراڊ جي اعتراف ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ باوجود جهانگير ترين جو ڪيس نيب ڇو نه موڪليو ويو؟: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته انسائيڊ ٽريڊنگ ۾ فراڊ جي اعتراف ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ باوجود جهانگير  ترين جو ڪيس نيب ڇو نه موڪليو ويو؟ ترين اختيارن جي ناجائز استعمال سان ڪاروبار وڌايو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان ۾ مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته مشرف دور ۾ وزير طور ناجائز اختيارن جو استعمال ثابت ٿيڻ تي جهانگير ترين جي عوام کان ڦريل دولت موٽائڻ ۾ احتساب جو رستو ڪنهن روڪيو؟. هن چيو ته جهانگير ترين جو ڏوهه پٽ کان پگهار وٺڻ نه هو، انسائڊر ٽريڊنگ ۾ فراڊ جي اعتراف ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي به جهانگير ترين جو ڪيس نيب ۾ ڇو نه موڪليو ويو؟.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے