17 پیر , دسمبر 2018

سينيٽ : آدمشماري اڻ پوري قرار ۽ تڪبندين جو بل منظور

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ ٿيل تازي آدمشماري 2017ع جي تڪراري ڳڻپ رپورٽ ۽ ان ۾ سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتي تي پيدا ٿيل سياسي بحران نيٺ پنهنجي انت تي پهچي ويو. وفاقي حڪومت  مخالف ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا.    وزير اعظم شاهد خاقان عباسي طرفان وزير اعظم هائوس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪوٺايل گڏجاڻي  ۾ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ بيرسٽر اعتزاز احسن ۽ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين جي اڳواڻن سان تفصيلي بحث بعد سرڪار طرفان آدمشماري 2017ع کي تڪراري ۽ نامڪمل مڃڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ آدمشماري کي درست ڪرائڻ لاء ملڪ جي 5 سيڪڙو بلاڪن جي 30 ڏينهن ۾ ٻيهر  ڳڻپ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته هڪ مهيني دوران ڳڻپ درست ڪرڻ بعد اپريل 2018ع ۾ آدمشماري جي مڪمل رپورٽ شائع ڪئي ويندي ۽ ان ڊيٽا  جي آڌار تي نئين آدمشماري تحت نيون تڪبنديون ڪرايون وينديون.

وفاقي سرڪار جي خاطري ڪرائڻ  بعد سيينيٽ آف پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻين مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڌر جي سينيٽرن جي حمايت سان سينيٽ مان نئين تڪبندين جو بل گهربل اڪثريت جا 84 ووٽ ملڻ سان منظور ٿي ويو. اهڙي ريت ملڪ جي پارليامينٽ  جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي بعد مٿاهين ايوان سينيٽ مان  منظوري بعد اهو بل ملڪ جي آئين جو حصو بنجي ويو.    وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر ۾ ٿيل ٺاهه ۽ معاهدي بعد معلوم ٿيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي حڪم تي ملڪ جي 5 سيڪڙو بلاڪن ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائڻ جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي ۽ وفاقي شماريات ڊويزن طرفان لاڳاپيل ڪم جي ماهر ادارن  يا ڪمپنين کان 27 ڊسمبر تائين پنهنجا تفصيل جمع ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن . جنهن تحت ملڪ جي جملي 8177 آدمشماري بلاڪن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي ويندي. ان ڏس ۾ اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ٻيهر ڳڻپ ٿيندڙ آدمشماري بلاڪن جي چونڊ ڪمپيوٽر ڪڻن يا رينڊم فارمولا تحت ڪرائي ويندي.

اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق طرفان  نئين آدمشماري تحت تڪبنديون ڪرائڻ جي بل جي منظوري کان اڳ  ڪوٺايل  پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جي اجلاس ۾  چوڻ هو ته حڪومت طرفان آدمشماري جي نتيجن تحت تڪبنديون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن تحت قومي اسيمبلي جي تڪ بندين  لاء  7 لک 80 هزار جي آبادي تي هڪ سيٽ هوندي.  اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي قومي اسيمبلي جون جملي سيٽون 272 برقرار رکيون وينديون. عورتن جون 60 مخصوص سيٽون ۽ فاٽا جون 12 سيٽون برقرار رکيون وينديون،  صوبن ۾ آبادي جي نتيجن تحت ڪجهه تبديلي ٿيندي، جنهن تحت پنجاب جون 9 سيٽون گهٽ ٿينديون، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي 3 ۽ اسلا آباد جون 2 سيٽون وڌي وينديون. ڪي پي ۾ قومي اسيمبلي جون 5 سيٽون وڌنديون  پر سنڌ جي سيٽن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.

آدمشماري جي نتيجن ۾سنڌ صوبي جي ٿيل حق تلفي ۽ ڦير گهير خلاف پيپلز پارٽي جي جدوجهد سبب اهي امڪان پيدا ٿيا آهن ته قومي اسيمبلي ۾ سنڌ صوبي جون 20 کان 25 سيٽون وڌي سگهن ٿيون. سنڌ جي حصي جون قومي اسيمبلي ۾ وڌندڙ سيٽون يقيني طور تي پنجاب جي غالب حصي مان ئي گهٽ ٿي سنڌ کي ملنديون. جيئن  خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان کي  مٿي ڄاڻايل طريقي سان قومي اسيمبلي جون وڌيل سيٽون ورهايون ويون آهن. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت طرفان انصاف جي خاطري باوجود مخالف ڌر پيپلز پارٽي سان گڏوگڏ ملڪ جي سمورن جمهوريت پسندن ۽ آئين ۽ قانون جي حامي وڪيلن، فرض شناس ڪامورن، سول سوسائٽي ۽ صحافين کي پڻ پنهنجيون سجاڳ رهي سموري عمل جي نگراني ڪرڻي پوندي ته جيئن وري ڪنهن به پاسي کان سنڌ ۽ وفاق جي سرشتي سان  ڪا ويساهه گهاتي ، ڏاڍائي ۽ ناانصافي ڪرڻ جو ڪنهن کي وجهه نه ملي سگهي.

ملڪ ۾ ٿيل آدمشماري جي تڪراري بنجڻ بابت پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر طرفان پنهنجي بيان ۾  ڄاڻايو هو ته انگريز دور ۾ آدمشماري تي ڪڏهن اعتراض ناهي ڪيو ويو، اڄ آدمشماري جا نتيجا تڪراري آهن، هن چيو ته اڄ قوم متفق آهي ته آدم شماري ۾ گڙ ٻڙ ٿي آهي، گهر شماري نتيجن ۾ سنڌ جي آبادي ملڪ جي 31 سيڪڙو کان گهٽ نٿي بڻجي، تاج حيدر جو چوڻ هو  ته گهر شماري جي نتيجن ۾ پنجاب جي آبادي 46 سيڪڙو کان وڌيڪ نٿي بڻجي، لوڪل باڊيز اليڪشن 2013 ۾ ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ 13 لک ٻڌائي وئي، حيرت آهي ته  4 سالن بعد ٿيل آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي 2013 ع کان 50 لک گهٽ ڏيکاري وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان وفاقي حڪومت جي اختيارين کان گهر ڪئي وئي هئي ته آدمشماري بلاڪس جي تفصيلن کان صوبن کي آگاهه ڪريو پر وفاقي سرڪار طرفان وڏي وزير کي چيو ويو ته اهو راز جو معاملو آهي. تاج حيدر جو چوڻ هو ته آدمشماري انگ اکرن تي رڳو کلي سگهجي ٿو، اعتبار نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان نادرا جي انگن اکرن تي اعتبار ڪريون يا شماريات ڊويزن تي ويساهه ڪجي، هن جو چوڻ هو ته اسان صوبن ۽ ملڪ جي آبادي جو هڪ رجسٽر ڇو نٿا رکي سگهون. سينيٽر تاج حيدر جو  چوڻ هو ته هڪ سٺي ڊيٽا کي خراب ڪرڻ لاءِ 18  ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، آبادي جي تفصيلن کي انٽرنيٽ تي ڇو نٿو وجهي سگهجي، حيرت آهي ته آدمشماري جي معاملي کي منجهايو پيو وڃي.

سنڌ ۾ 2013ع ۾ ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن  بابت سينيٽر تاج حيدر جي پيش ڪيل رپورٽ جي نتيجن تحت سنڌ جي آبادي هر صورت ۾ 7 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. ٻئي پاسي آدمشماري 2017ع جي نامڪمل نتيجن تحت 4 سال گذرڻ بعد به سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙن کان پڻ گهٽ ڄاڻائي وئي آهي. وفاقي سرڪار جي شماريات کاتي طرفان  تازي  ٿيل آدمشماري ۾ ملڪ جي جملي آبادي ساڍا 21ڪروڙ ڄاڻائي وئي آهي . جنهن جي تصديق اڃا ٿيڻي آهي. پر جي ڳڻپ ساڳي به بيٺي ته به ملڪ جي جملي آدمشماري جي حساب سان سنڌ جي ڳڻپ،  %  31سيڪڙو آهي ۽اها 7 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ئي بنجي ٿي. ان حساب سان،  قومي اسميبلي جي  272  ميمبرن واري ايوان ۾ سنڌ جو اڳوڻو 23 سيڪڙو حصو وڌي31 سيڪڙو ٿي ويندو ۽ ٿلهي ليکي سنڌ صوبي جون گهٽ ۾ گهٽ 25 سيٽون وڌي سگهن ٿيون. اهڙي ريت وفاقي ماليات جي ورڇ جوڳي خزاني مان سنڌ جو حصو پڻ 23سيڪڙو کان وڌي 31 سيڪڙو ٿي ويندو جنهن سان سنڌ ۾ ترقي ۽ تعمير جا وڏا منصوبا، تعليم،صحت ۽ روزگار جون انيڪ رٿائون  پڻ  جاري ٿي سگهن ٿيون.هن اهم قومي فرضن جو اڪلاء ڪرڻ  حڪومتي ۽ رياستي ادارن جي پهرين ذميواري آهي پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي جمهوريت پسندن، سول سوسائٽي، عوام دوست ۽ جمهوريت جي حامي وڪيلن ۽ خاص طور تي سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين ۽ ساڃاهه وندن جو پڻ اهو فرض آهي ته سنڌ جي حقن جي حاصلات ۽ آدمشماري جي انگن اکرن جي درست رپورٽ ممڪن بنائڻ ۾ مددگار  ٿيڻ۽ رضاڪاراڻي بنيادن تي پنهنجو رهنما ڪردار ضرور ادا ڪرڻ گهرجي .

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے