10 پیر , دسمبر 2018

امن جي خواهش ڪمزوري نه سمجهي وڃي، خطي ۾ ڪنهن جي به ڳجهي بالادستي قبول نه ڪنداسين: وزيراعظم

ڪراچي ( رپورٽر ) وزير اعظم شاهدخاقان عباسي چيو آهي ته امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان پر امن بقا ۽ گڏيل اصولن تي يقين رکي ٿو، پاڪ بحريا ملڪ جي مجموعي دفاعي ۽ قومي سلامتي ۾ انتهائي موثر ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان کي اطمينان آهي ته پاڪستان نيوي ملڪ جي بحري مفادن جي تحفظ لاءِ پر عزم ۽ پوري طرح چوڪس آهي، اهڙين ڳالهين جو گذريل ڏينهن نيول اڪيڊمي منهوڙي ۾ 108 هين ميڊٽ شپ مين پاس آئوٽ پريڊ دوران ڳالهائيندي ڪيو،  تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيڊٽس جو اعتماد ملڪ جي مضبوط دفاع جي علامت آهي، ملڪ جي دفاع ۽ قومي سلامي لاءِ پاڪ نيوي جو اهم ڪردار رهيو آهي، پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان پر امن بقا هم آهنگي ۽ دوستاڻي ناتن تي يقين رکي ٿو، اسان خطي ۾ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا،  ڪراچي جي نيول اڪيڊمي منهوڙا ۾ 108 هين ميڊٽ شپ مين پاس آئوٽ پريڊ ٿي جنهن جو خاص مهمان وزير اعظم شاهدخاقان عباسي هو، پاس آئوٽ پريڊ ۾ پاڪستان سميت مختلف دوست ملڪن جا 126 نوجوان تربيت حاصل ڪري پاس آئوٽ ٿيا، جنهن ۾ 57 پاڪستاني ۽ 46 غيرملڪي نوجوان شامل آهن، جنهن ۾ سعودي بحرين قطر، اومان ۽ مالديپ شامل آهن، تربيت دوران ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي ميڊل ڏنا ويا، 17 هين شارٽ سروس  ڪيمشن جا 26 آفسر به پاس آئوٽ ٿيا، وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پريڊ جو معائنو ڪيو، جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه گونر سنڌ محمد زبير، مختلف ملڪ جي دفائي آفيسرن، اعليٰ سول شخصيتن ۽ مڊشپ مين ۽ ڪيڊٽس جي والدين عسڪري اختيارين جا آفيسر به موجود هئا، مڊشپ ۾ آفيسر ڪيڊٽ ديان احمد کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي گولڊميڊل ڏنو ويو، جڏهن ته آفتاب نبي، سيد ارتضيٰ، حيدر نقوي کي اعزازي شمشير ڏنو ويو، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي آيل مهمانن جو آڌڀاءُ ڪيو، هن پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس ۽ آفيسرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سمنڊن جي محافظ طور توهان کي قوم جي اميدن تي پورو لهڻو آهي، ملڪ جي آزادي، سلامتي ۽ خودمختياري جي حفاظت توهان جي ذميواري آهي، ان فرض جي لاءِ جيڪڏهن جان جي بازي به لڳائڻي پوي ته هٻڪ نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪ بحريه کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. پوري قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته پاڪ بحريه تيزي سان پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري رهي آهي، ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتي ۾ پاڪ بحريه ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ڪيڊٽس جو اعتماد ملڪ جي مضبوط دفاع جي علامت آهي، پاڪستان کي درپيش ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج هر وقت تيار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان نيوي سي پيڪ سميت ملڪ جي سمورن سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم ۽ پوري طرح چوڪس آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ڏس ۾ سامونڊي سيڪيورٽي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے