10 پیر , دسمبر 2018

27 ڊسمبر تي مخالف عوامي سمنڊ ۾ لڙهي ويندا، ٿر پ پ جو قلعو آهي: بلاول

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان)ٿر پ پ جو قلعو آهي مونکي ماروئڙن سان پيار آهي ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ پ پ جي هوندي مخالفن کي جيالا شڪست ڏيندا،27 ڊسمبر تي  شهيد راڻي ڏهين جي ورسي آهي انهي ۾ ٿرواسي شرڪت ڪن، شهيد راڻي وڏي خطري باوجود وطن واپس آئي هو آمرن ۽ دهشتگرن کي للڪاري عوام وٽ آئي، هڪ ڏينهن هن ملڪ کي شهيد راڻي جي خواب تي تعمير ڏينداسين، اهڙو اظهار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گڊو، گولاڙچي، نصيرآباد ۽  اسلام ڪوٽ ۾ هولو گرام ذريعي پ پ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 18آڪٽوبر تي شهيد راڻي پنهنجي ڌرتي تي پير رکيو ته بزدل دهشتگردن بم سان حملو ڪيو ۽ پ پ جا ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا بعد ۾ به شهيد راڻي ڊڄڻ بدران سمورن ملڪ جي صوبن ۾ وڃي عوام سان ملي،شهيد راڻي جي ملڪ واپسي آمرن ۽ دهشتگردن کي پسند نه هئي هو سڀ شهيد راڻي جي سياست کان ڊڄندا هئا، ڪڏهن به عوام کي مايوس نه ڪندس 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ ڪروڙين عوام جو سمنڊ ڇوليون هڻندو انهي ڇولين ۾ مخالف لڙهي ويندا.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے