15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز : سنڌ حڪومت صوبي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه

اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي مخالفن جو واهيون بتال ڪري ڇڏيون آهن.

سيد قائم علي شاهه خيرپور ڀرسان منگهنواري ۾ شھيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي اسڪيم جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي سيد قائم علي شاھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، جنهن سبب ملڪ جو عوام پ پ سان محبت ڪري ٿو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ضلعي خيرپور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون آهن.

اڳوڻي وڏي وزير جو چوڻ هو ته خيرپور کي يونيورسٽين سان نوزايو ويو آھي۽ ھزارين نوجوانن کي نوڪريون  ڏئي بيروزگاري جو خاتمو ڪيو آهي.

ھن چيوته ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن جون وايون بتال ٿي وينديون ۽ انھن کي ڀڄڻ جو رستو به نه ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: استادن جي حقن لاءِ نڪتل پ ٽ الف جو مارچ ڌاٻيجي پهچڻ تي شاندار آجيان

پ ٽ الف پاران استادن جي حقن لاءِ ڳڙهي خدابخش مان نڪتل لانگ مارچ ڌاٻيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے