24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز : مومل جي ماڙي ۾ چوري ٿيل ڪار واپس نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

مومل جي ماڙي ۾ شهرين سماجي اڳواڻ الله بخش کان ڦرل ٿيل ڪار واپس نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو.

شهرين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سکر پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نبي بخش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 مهينا اڳ اڻڄاتل چور سکر مان سندس گاڏي چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنهن خلاف پوليس کي دانهن ڏني پر پوليس اڃا تائين ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي.

سندس چوڻ هو ته گاڏي چوري ڪندڙ فون ڪري 5 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته جوابدارن بابت ايس ايس پي سکر کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي آهي پر پوليس کين رڳو آسرا ڏئي رهي آهي.

نبي بخش ايس ايس پي سکر کي چتاءُ ڏيندي چيو ته فوري طور سندس ڪار واپس نه ڏياري وئي ته هو  ڊي آءِ جي آفيس اڳيان احتجاج پاڻ ساڙي آپگهات ڪندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے