17 بدھ , اکتوبر 2018

شاهه لطيف جو پارکو حافظ محمد بخش خاصخيلي

گل مورو

هي وقت آمرضياءُ جي مارشل لاوارو دور هو  جڏهن سڄي سنڌ ۾سنڌي ماڻهن جي مٿان ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا هئا ان وقت سنڌ جي نانءَ جي شاعري ڪرڻ صرف ڏوهه نه سمجهوويندو هو پر اهڙي شاعري ڪندڙ شاعرن کي تمام گهڻيون عزيتون تڪليفون ڏنيون وينديون هيون ان وقت سنڌ جي چيڪي مٽي مان ڳوهجي جنم وٺندڙ  حافظ محمد بخش خاصخيلي جنهن جي ڪلهن ۾ سدائين سيارو هجي يا اونهارو اجرڪ پهريل هوندو هو سندس سفيد اڇا وار هن جي اهڙي نشاني هوندا هئا جيڪا کيس سنڌ جي جهر جهنگ واهڻ وستي ڳوٺن ۾ سڃاڻپ جو سبب بڻجندي هئي. حافظ محمد خاصخيلي جتي به ويندو هو اتي ننڍڙا معصوم ٻارڙا به کيس چاهه ۽ پيار مان مامون حافظ سڏي ٻکين پئجي ويندا هئا. ان جو سبب اهو هوندو هئو ته حافظ محمد خاصخيلي ڪڏهن به پنهنجي طبيعت ۾ اهڙيون ڳالهيون نه آنديون جيڪي ماڻهوءَ کي غرور تڪبر ڏانهن ڌڪينديون هجن. هي ماڻهو هميشهه پيار، محبت جو صرف درس نه ڏيندو هو پر ان تي پاڻ به هلي ڏيکاريندو هو ۽ ٻين کي به هلڻ جون هدايتون ڪندو هو هي ته مرشد لطيف جي کاهوڙي سر جو اهو ڪردار هو جنهن کي لطيف سائينءَ پنهنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي ته؛

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

شاهه سائين جي هنن سٽن جي حافظ محمد بخش هميشه پچار ڪئي سندس سفيد ۽ اڇا وار سدائين کير ٿر جي جبل جي چوٽين جو ڏيک ڏيندا هئا هن کي سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ۽ محبت هوندو هو جو جڏهن آمر جنرل ضياءُ الحق مارشل لا واري ٽائيم ۾ سنڌي ماڻهن مٿان ڏمريل هوندو هو ۽ سنڌ جو نالو وٺڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو هو ان وقت تڏهن جنرل آمر ضياءُالحق ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان وقت حافظ محمد بخش خاصخيلي 14 بندن تي جيڪو نظم لکيو اهو سڄي سنڌ ۾ ڄڻ ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ترجمان ٿي اڀريو. اهو نظم هن ريت هيو؛

توسان هاڻي پاڻي ٿيندو، ڌار حقو ۽ پاڻي ٿيندو،

پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو، پنهنجو گڏ نه پاڻي ٿيندو.

هر سنڌ واسي جي وات ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ٻڌڻ لاءِ ملندو هو. جنهن کان پوءِ مجبور ٿي ڊڪٽيٽر ضياءَ کي ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کڻڻو پيو. ان وقت اهو حافظ محمد بخش خاصخيلي هر سياسي ميڙاڪي ڳوٺ، جهرجهنگ، گلي واهڻ، وستيءَ ۾ پيادل پنڌ ڪري ڪچهرين ۾ به جڏهن ويهندوهو ان وقت ماڻهن جا ميڙ ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ حافظ کي مجبور ڪري چوندا هئا ته اهو نظم ٻڌاءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين حافظ محمد بخش خاصخيلي جو هي نظم ڪالاباغ ڊيم جي خلاف احتجاج دوران مزاحمت جو ڪردار بڻبوآيو آهي. هن لطيف سرڪار جي پيروڪار پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها ۽ تڪليفون ڏٺيون هن جي عمر ان وقت 14 سال هئي جنهن ڏينهن هو پنهنجي مينهن لاءِ ٻنيءَ مان گاهه ڪري رهيو هو اهو شام جو پهر هو ۽ سخت گرمي هئي هڪ واٽهڙو هن جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي هن گاهه جي ڀري مس ڪئي هئي ته ڀرسان لنگهندڙ مسافر کانئس جروار ڳوٺ جيڪو نوان جتوئي جي ڀر ۾ آهي جي پڇا ڪئي جتي لونگ ڪوريجو جو مدرسو قائم ڪيل هو هن درويش صفت نينگر ڏاٽو اتي ڇڏي ان مسافر کي ان جروار ڳوٺ ڏانهن وٺي ويو جيڪو سڏ پنڌ جي فاصلي تي مگر انهيءَ سڏ پنڌ دوران ان مسافر هن نينگر کي اهڙيون ته پٽيون پڙهايون جو هن پڪو پهه ڪيو ته هو پڙهي وڏو عالم ضرور ٿيندو اهو 1945ع وارو سال هو. هن جڏهن هن مدرسي ۾ داخلا ورتي وڏي عمر هجڻ ڪري تعليمي آفيسر هن کي ٻيون ۽ ٽيون گڏجي امتحان ڏيڻ جي اجازت ڏني ۽ هن ان دوران 11 سيپارا قرآن جا به پڙهي پڄائي ورتا هئا ۽ وڏي محنت سان چوٿون ۽ پنجون پڙهي پاس ڪيو هو مدرسي ۾ پڙهڻ سبب هن جي مٿان مذهبي جنون سوار هو 1948ع ۾ سڪرنڊ جي سيد احمد شاهه ذاڪري جي اثر هيٺ 3 سال مائٽن کي پٺي ڏئي روحانيت واري چڪر ۾ ويهي رهيو ان دوران هن سنڌي فائنل ستين ڪلاس جو امتحان پڻ ڏنو ۽ سڄي ضلعي نوابشاهه ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيو 1955ع  ۾ جڏهن سعودي وڃڻ جي شوق ۾ دبئي ۾ پڪڙيو تڏهن دبئي هڪ ننڍڙو شهر هو اتي 6 مهينن جي ٽيپ کائي جڏهن وطن واپس وريو ۽ سڄي قافلي سميت گوادر پهتو ته هن اتي عجيب صورتحال ڏٺي ۽ اتي زندگيءَ جو پهريون شعر تخليق ڪيو. جنهن ۾ هن پوري ريت گوادر جي عڪاسي تخليق ڪئي.

حڪومت سلطاني، سڪو هندوستاني

پوليس عربستاني، ماڻهو مڪراني،

۽ پنڻا پاڪستاني.

اڄ  به حافظ محمد بخش خاصخيلي جون يادون تري آيون آهن ۽ کيس ياد ڪري سلام پيش ڪرڻ کان رهي نٿو سگهجي ڇو ته هن وقت سنڌ مٿان جن حالتن کي هٿ سان پيدا ڪرايو ويو آهي انهن حالتن کي منهن ڏئڻ جي لاءِ به حافظ محمد بخش جهڙن کاهوڙي ڪرداررکندڙ شاعرن اديبن ۽ سگهڙن جي ضرورت آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے