18 جمعرات , اکتوبر 2018

مڊل ڪلاس جو ڪارائتو ڪردار

حافظ سڪندر تنيو

ماضيءَ جي گذريل زماني کي ڏسجي ٿو ته هرهڪ قوم ۾ ملڪ جي مڊل ۽ لوئر ڪلاس  ماڻھن منجهان وڏاڏاها،عالم.اديب،سياسي اڪابر پيدا ٿيا، جن دنيا ۾ مان ۽ مرتبو ماڻيو.اهڙن ڏانهن منجهان مولانا عبيد الله سنڌي،مولانا آزاد،شيخ عبدالمجيد سنڌي،جمشيد نسروانجي مهتا،مهاتما گانڌي،شيخ مجيب الرحمان،محمد ابراهيم جويو،ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو،علاما آءِآءِ قاضي،ڪامريڊ ڊاڪٽر نجيب الله،مهاتيرمحمد،مائوزي تنگ،لينن،مفتي اعظم فلسطين جو پٽ ياسر عرفات،ٻڪرار جو پٽ ڪرنل قذافي،تپيدار جوپٽ رسول بخش پليجو،هاريءَجو هيانُ ٺار عبدالواحد آريسر،پرائمري ماستر جو پٽ ڄام ساقي گورباچوف جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا،جيڪي معمولي سماجي حيثيت ته رکندڙ ھئا.پر سياست،سماج ۽ ادب جي آسمان جا چمڪندڙ تارا هئا.قوم به سندن قدرداني ڪندي هئي.جادي ٻڪرار جو پٽ مولوي عبدالواحد آريسرجڏھن اسٽيج تي بيهندو هيو ته علم جا ٻرندڙ سج سڏجندڙ اديب اٿي بيهي سندس استقبال ڪندا هئا ۽هي لفظن جو جادوگر هوندو هيو،لفظ ولر ڪيوسندس آڏو بيهندا هئا ته کين استعمال ڪرڻ جو اعزاز بخشيو وڃي.جڏھن ٿڪجي اسٽيج تان لهڻ جي ڪوشش ڪندو هيو ته ماڻھن ۾ ڪيهاٽ پوندا هئا ته اڃا ڳالهاءِ مولانا آزاد جو خطاب پوري رات هلندو هيو ماڻھو اک ڇنڀڻ لاءِ آتارهندا هئا.پراڄ اهڙن ماڻھن جو ڪال پيل آهي وڏن گهراڻن جا سياستدان ڳالهائڻ لاءِ اچن ٿا ته لفظ سندن ساٿ نه ٿاٿين پوءِ هٿ جي اشارن سان چپن کي چميون ڏيئي اسٽيج تان لهي وڃن ٿا.مڊل ڪلاس جو نه اڀرڻ جو سبب هي آهي جو سياست ۽ تعليم مهانگي بڻائي ويئي آهي.جهڙي طرح سياسي پارٽيون جلسا ڪن ٿيون ۽ پئسو پاڻي ءَ وانگر وهائن ٿيون ۽ هو ايترا سادا به نه آھن جو پنهنجي حق حلال جي ڪمايل موڙي ايئن لٽائيندا رهن .هي سياست منجھه سيڙپ ڪن ٿا ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان جو وياج موڙي ءَ کان سوين ڀيرا وڌيڪ وٺن ٿا ۽ اهو وياج قوم کي قرضدار بڻائي امير ملڪن کان وٺي عوام تي خرچڻ بدران پنهنجي وڏن پيٽن جي ٽجوڙين ۾ وجهي ٿا ڇڏين.اهڙي سياست ڪرڻ جي سگهھ مڊل ڪلاس وٽ ڪٿان ٿي اچي سگهي ان ڪري هي ئي سرمائيدار ۽ ڀوتارسياست ڪرڻ جي لائق بڻايا ويا آهن. غريبن جا ٻار سٺي تعليم پرائي نٿا سگهن.جڏھن تعليم سٺي نه ملندي ته سٺو شعور به ملي نه سگهندو آهي.پوءِ ياته ويڙهاڪ طالبان پيدا ٿيندا يا وري ٺڳن جا ٽولا ڪوڙي قومپرستي جا ڪپڙا پهري سياست جي ميدان ۾ اچي گهو ڙاڊوڙائيندا.تعليم طبقاتي بڻائي ويئي آهي.اميرن ۽ غريبن جا ٻار هڪ جهڙي اسڪول ۾پڙھي نٿا سگهن.سرڪاري اسڪولن جو هٿ وٺي سياستدانن ٻيڙو ٻوڙيو آهي،هر جاهل جڏي ذھن کي ماستري ڏني ويئي آهي، جن کي پاڻ ئي پڙھڻ نٿو اچي، سي شاگردن کي ڇا پڙهائي سگهندا.نه سائنسي ڄاڻ اٿن نئي سماجي ڪمزورين جي کين خبر پوي ٿي.ٻهراڙين جي پرائمري استادن جي گهڻائي ڀنگ پيئندڙ آهي،سماجي براين ۾ به  گهڻو ڀاڱو کين ئي حاصل آهي.هڪ شخص پنهنجي آتم ڪهاڻي” اگهاڙو سچ“ نالي سان لکي آهي جنهن ۾ هن پاڻ سان ٿيندڙ غير اخلاقي وارتا جي شروعات پنهنجي پڙهائيندڙ استاد جي ڄاڻائي آهي،جنهن سماج جو استاد اهڙي حرڪت جو هيراڪ هوندو ته شاگردن جي تربيت ڪهڙي ٿي سگهندي.۽ اهي برايون اسڪولن کان پروموٽ ٿيندي يونيورسٽن تائين پهچي چڪيون آهن.سڄي ملڪ ۾ وري نالو سنڌ يونيورسٽي پيدا ڪرايو آهي جتان جا استاد پيپرن منجهھ پاس ڪرڻ لاءِ شاگردن ۽ نياڻين کي جنسي هوس جو نشانو بڻائڻ جهڙا الزام سر تي کڻي مقدس پيشي جو ڪارو منهن ڪري رهيا آهن،نياڻين کي گهرن ۾گهرائي کانئن مجرا ڪرائي رهيا آهن،اسانجو سنڌي سماج ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهي.سماج کي سڌاريندڙ سياستدان هوندا آهن پر هو  اسيمبلين جي اجلاسن ۾ به عورت ميمبرن سان بداخلاقي واري چيٽ ڪندي ظاهر ٿي پيا آهن. هي وي آءِ پي ڪلچر جا پاسدار دعوتن ۾ ناچ ۽ ڊانسون ڪندي چيلهين کي مروڙيندا ڏسبا آهن.

مون محترما اندرا گانڌيءَ جي آپ بيتي ”ميراسچ“ پڙھي هئي جنهن ۾هن لکيو آهي ته سندس والد جواهرلال نهرو ۽ والده کي گرفتار ڪري جيل موڪليو  ويو، مون گهر۾ اڪيلي ٻارڙي رهجي ويس ،جواهر لال نهرو مونکي هڪ استاد جي گهر موڪلي ڏنو ته سندس پناهه ۾ به رهان ۽ کانئس علم ڀي پرايان،ڏسو ان دور جي استاد جو عاليشان ڪردار جو پناهه جي جاءِ تي وري به نظر استاد جي گهر ڏانهن ويئي.مولانا عبيد الله سنڌي ڇوڪراڻي عمر ۾ مسلمان ٿي ڀرچونڊي جي عالم حافظ محمد صديق سميجي  وٽ رهيو، جنهن کيس پنهنجو پٽيلو اولاد بڻايو.ڪراچي جي کڏي لياريءَ ۾مدرسي مظهرالعلوم جو استاد مولانا محمد صادق صاحب وٽ نوان مسلمان ۽ يتيم ٻارڙا پڙھندا هئا، جنهن لاء سندس شاگردن لکيو آهي اسانکي مولانا صاحب پنهنجي سڳي اولاد جيان ڀائيندو هيو.مولانا عبدالڪريم تنيو قريشي ٻير وارو، ڪنڊياري مدرسي ۾ جوانيءَ ۾پڙھائيندو هيو. جڏھن رات يا ڏينهن جو آرام يا مطالعي ڪرڻ لاءِ ڪمري ۾ ويهندو هيو ته دروازو بند ڪري ڇڏيندو هيو ،ڪوئي به طالب کانئس ڪوئي مسئلو پڇڻ ايندو هيو ته دري کولي کيس سمجهائيندو هيو.جنهن تي سنڌ جي جڳ مشهور عالم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي(فاضل ديوبند)تقرير ڪندي چيو هيو ته قيامت ڏينهن کانئس رب پاڪ پڇندو ته دنيا مان ڪهڙو نيڪ عمل کڻي آيو آهين؟ ته عبد الڪريم قريشي جي هٿ کان وٺي پيش ڪندس ته هي عمل آندو اٿم. جو هنکي علم پڙهايم هي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي بلندين تي رسيل هيو.جڏھن  ضياءُالحق جي دور ۾ ڪالاباغ ٺاهڻ جا سانباها ٿيا ته قريشي صاحب سنڌي عالمن کي ٻير ڳوٺ ۾ گهرايو هدايتون ڏنيون ته ڊيم خلاف فتويٰ جاري ڪيو ته هي غير اسلامي ۽ ناجائز آهي ۽ اها ڪتابي صورت ۾ اڄ به موجود آهي.ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ جي وسيلن جي جيڪا ڦرلٽ ٿي ان لاءِ 1972۾ سڪرنڊ ۾ ٻيرواري جي صدارت۾ ڪنوينشن گهرايو ويو. جيڪا روئداد الصادق رسالي ۾ ڇپيل آهي ان ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو ويو آهي.لوئر ڪلاس منجهان هڪ هاريءَ جو پٽ محمد ابراهيم جويو ويهن ورهين جي ڄمار جو ڳڀرو جنهن جي عمر ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي هئي ،هن ان وقت سياسي بصيرت ڏيکاريندي ورهاڱي جي غلط انداز جي نشاندهي ڪندي” سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ نالي ڪتاب لکي اسيمبلي ميمبرن کي جاڳايو هيو جنهن جي سزا وزيراعليٰ سنڌ پير الاهي بخش کيس نوڪري تان ڊسمس ڪري ڇڏڻ جي ڏني هئي ،اڄ سندس پوٽي پڻ سنڌي لينگوج ٽيچرس جون نوڪريون مهاجرن.بنگالين،برمين ۽ گلگتين کي ڏوڪڙن عيوض ڏيئي سنڌي نوجوانن جي حق تي ڌاڙو هڻي ڇڏيو.ٽلٽي  سنڌ جي آزادي پسند تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ جُوءِ منجهان عمر بن محمد دائود پوٽو ڪوري، جيڪو کٽون واڻي تعليمي خرچ پورو ڪندو هيو.عبد الواحد آريسر سجاول مدرسي ۾ پڙهائيندڙ استاد هيو ته وٽس قاديانين مٿان ڪفر جي فتويٰ ڏيڻ لاءِ ڪاڳر ٻاهرين مولوين پاران رکيو ويو. پرهن سندس بقول پنهنجي روحاني امام ديوبند مدرسي جي مهتمم شيخ الهند محمودالحسن جي طريقي تي هلندي ان فتويٰ تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو.ٻلهڙيجي جو ننڍڙو ڳوٺ جيڪو موهن جي دڙي جي ڀڪ ۾ آهي. جنهن کي ننڍڙو ماسڪو به چيو ويندو آهي اتان جو استاد محمد پريل انور پيرزادو، جيڪو ايئر فورس ۾هوندي بنگالين مٿان ٿيندڙ بمباري ءَکي نا پسند ڪرڻ سبب ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هيو .ڄام ساقي ڪميونسٽ انقلاب جا خواب اکين ۾ کڻي جهر جهنگ هلندو هيو، جنهن کي شاهي قلعي جا عذاب گهر هيسائي نه سگهيا هئا.تڏھن ئي شاعر چيو هيو ته:

هنن کي هٺ آهي هٺيلا ۽ بي ادب سر وڍجن،

اسان کي ڊپ آهي متان عشق تي مياراچي.

اهڙي طرح رسول بخش پليجو ڪوٽ لکپت جي اونچين ديوارن کان ڊڄي نه سگهيو هيو،جڏھن امرا هال لاهور۾ انگريزي ۽ اردو زبانن ۾ سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو ڪيس پيش ڪندو هيو ته پنجابي دانشور ۽ حميد گل جهڙاماڻھو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندا هئا هن جي اکين ۾ نهارڻ جي جرئت کين نه ٿيندي هئي. محمد علي جناح صاحب جو والد آغاخانين سيٺين وٽ جهرڪ شهر ۾منشي هيو.جناح صاحب کي لنڊن پڙھائڻ لاءِ وٽس پئسانه هئا.هن کي لاڙ جي هڪ سنڌي خوجي مالي مدد ڪئي. جنهن ڪري جناح صاحب بئريسٽر بڻجي آيو ۽ برصغير جي سياست ۾ مٿاهون مقام ماڻيو.مفتي اعظم جو پٽ ياسر عرفات کي ملن جي مسند وراثت ۾ مليل هئي، جنهن کي ٺڪرائي فلسطين وطن جي آزادي حاصل ڪرڻ لاء جان کي جوکي ۾ وجهندڙ واٽ جو مسافر بڻيو.گورباچوف لکيو آهي ته غربت سبب وٽس پيرن ۾ پائڻ لاءِ جو تو وٺڻ جي سگھه نه هئي ۽ هو روس جو صدر بڻيو هيو. هي سڀ مڊل ڪلاس جا ماڻھو هئا جن قوم جي لاءِ قربانيون ڏنيون پنهنجي علم ۽ قلم جي آبرو قائم رکي.چوڻ جو مقصد هي آهي ته مڊل ڪلاس جي نه اڀرڻ سبب اڄ جي سياست جي رضيه غنڊن جي ور چڙهي ويئي آهي،جيڪي سندس عصمت جا چولا ڦاڙي سندس جا سودا پئسن عيوض ڪري رهيا آهن.

جڏھن مٿين ماڻھن وٽ سياست  عبادت وانگرمقدس سمجهي ويندي هئي.سنڌ جو هاڻوڪو اسپيڪرصاحب چوي ٿو ته هو ماڻھن پاران ملندڙ ووٽن تي شرڙاٽ ڪندو آهي.پر سندس ڏاڏوآغاشمس الدين پڻ سنڌ جي ممبئي سان ڳانڍاپي وقت اسپيڪر هيو، هڪ ڀيري اجلاس کان پوءِ اچي رهيو هيو، وزيراعليٰ سندس پويان هلي رهيو هيو( اڳ ۾اسپيڪرجي عزت وزيراعليٰ کان وڌيڪ ڪئي ويندي هئي) هڪ ڪاٺير ڪاٺين جي ڀري رستي تي رکيوکڻائڻ لاءِ مدد لاءِ واجهائي رهيو هيو ته اسپيڪر صاحب پاڻ کيس ڀري کڻي مٿي تي رکي، جنهن تي کيس چيو ويو ته اوهان ڇو ٿا کڻايوس هي پٽيوالا جو حاضر آهن.کين چيائين خدا اسانکي به هٿ ڏنا آهن.اهڙي طرح هاڻوڪي اسپيڪر صاحب جو پڙ ڏاڏوآغا ياسين خان شڪارپور جو وڏو زميندار هيو جنهن پنهنجي زمين چارسؤجريب مفت ۾ماڻھن کي ڏيئي ڳڙهي ياسين نالي ڳوٺ ٻڌرايو هيو ،سندس والد آغا صدرالدين پڻ ڀٽي جي دور ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر رهيو هيو. سنڌ جي ماڻھن کين ايتريون عزتون بخشيون ان جو ٿورو هن طرح لاهي رهيا آهن جونسل پرستي ڪندي قنڌار جي پٺاڻن کي پنهنجو قومي ڀاءُ سمجهي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيئي رهيا آهن ،اڄ سنڌ جون زمينون جيڪي سنڌين جي ايندڙ نسلن لاءِ امانت رکڻيون آهن، تن کي هي دولت جا لالچي ماڻهو عرب شيخن کي عياشين لاء، ملڪ رياض۽ملڪ سڪندر خانن کي ڏيئي ڀاڳين کان ڀاڻ کسي رهيا آهن.مڊل ڪلاس جا مفلس ۽ اپر ڪلاس جي وڏيرپ جا ڪردار سامهون آهن وقت اٿؤ ته دوستو ڪڏھن انهن ناانصافين تي ويهي ضرور سوچجو ۽ ايندڙاليڪشن۾ وري مڊل ڪلاس کي پنهنجي سياسي امانت واپس ورائي ڏيڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ضرور ڪجو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے