11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ جي ماڻهن لاءِ موت جو کوهه بڻيل انڊس هاءِ وي

آفتون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪڙيون قدرتي ۽ ٻيون انسان جون پنهنجون پيدا ڪيل. زلزلو، ٻوڏ، تباهي آڻيندڙ مينهن، ٻرندڙ جبل جو ڦاٽي پوڻ يا اهڙي قسم جون ٻيون آفتون قدرتي آفتون آهن، جن کان بچڻ لاءِ ڌڻيءَ در پيو ٻاڏائبو آهي ۽ انهن آفتن کان انسان کي بس قدرت ئي بچائي سگهي ٿي. ٻيون آفتون انسان جون پنهنجون پيدا ڪيل ٿين ٿيون جن ۾ دهشت گردي، انتهاپسندي، خودڪش حملا ، روڊ حادثن، جهاز يا ريل حادثن ۾ يا وري حڪومتي انتظامي لاپرواهي جي ڪري مختلف موسمي ۽ وبائي بيمارين جي ڪري ماڻهن جو موت جي منهن ۾ هليو وڃڻ، انسان جي پنهنجي پيدا ڪيل آفتن جي زمري ۾ اچي ٿو.

انهن آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽن قسمن جا اپاءَ وٺڻ ضروري هوندو آهي، اهي اپاءَ آفت اچڻ کان اڳ احتياطي طور بچاءَ لاءِ اڳواٽ ورتا ويندا آهن يا وري آفت اچي وڃن دوران ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ ٽيون آفت ختم ٿيڻ کان پوءِ ان جي اثرن کان بچڻ ۽ انهن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ورتا ويندا آهن.مثال طور جي ٻوڏ اچڻي آهي ته ان کان اڳ خبر پئجي ويندي آهي ته درياهه ۾ ڦلاڻي تاريخ تي هيترا ڪيوسڪ پاڻي ايندو ۽ ان پاڻيءَ جي سطح کي پرکيندي ٻوڏ جي خطري کان اڳواٽ ئي احتياطي اپاءَ طور ماڻهن کي نوٽيس ڏنا ويندا آهن ته اهي جنهن علائقي ۾ رهن ٿا سو خطري هيٺ آهي، ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو تنهن ڪري پنهنجا اجها خالي ڪري پنهنجي قيمتي شين ۽ مال متاع سميت محفوظ هنڌن تي نڪري اچو..

اسان وٽ بدقسمتي اها آهي ته انتظامي ڍانچي ۾ نااهلين جي ڪري نه ته ماڻهو قدرتي آفت کان بچي سگهن ٿا نه ئي وري انسان جون پنهنجون ڪيل آفتون ئي ٽاري سگهجن ٿيون. نتيجي طور موت جو راڪاس آ جو سنڌ جي پچر ئي نه ٿو ڇڏي. دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪري وڃي آسمان تي پهتي آهي ۽ اسان اڃا ان مامري ۾ اٽڪيل آهيون ته روڊ حادثن کان پنهنجي ماڻهن کي ڪيئن بچائجي، ڪڏهن ناقص سي اين جي ڪٽن جي ڪري وينن ۽ بسن ۽ ڪوچن ۾ جيڪي مسافر سوار هجن ٿا سي ڪوئلو ٿي سڃاڻپ کان ئي چڙهي وڃن ٿا ته ڪڏهن وري روز ڪا نه ڪا ڪوچ ۽ ڪا نه ڪا بس سنڌ ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ٿي ۽ قيمتي انساني زندگيون هڪ لحظي ۾ ايئن ضايع ٿيو وڃن ٿيون ڄڻ پکين کان وڌيڪ سهانگيون هجن.

حادثا ته سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا، سڄي ملڪ ۾ به ٿين ٿا پر سنڌ ۾ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ حادثا ڄام شوري ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ انڊس هاءِ وي تي رپورٽ ٿين ٿا جتي هڪ سال ۾ ٿيل روڊ حادثن ۽ گاڏين جي هڪ ٻئي سان ٽڪرن جا جي انگ اکر گڏ ڪبا ته اهي اچرج ۾ وجهي ڇڏيندا.

ڪالهه به انڊس هاءِ وي سيوهڻ ڀرسان هڪ بس ٻي ڪوچ کان اڳ ڪڍڻ ۾ ڊوڙ ۾ هڪ سوزوڪيءَ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ڏهه ماڻهو هڪ لحظي ۾ پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا.حادثي جو شڪار ٿيل سوزوڪي ۾ سوار ماڻهن جو تعلق قمبر جي ڪنهن ڳوٺ سان ۽ شيخ ذات سان هو. روايتي طور هن حادثي کان پوءِ به ٿيو ايئن جو ذميوار ڊرائيور بس ۽ ڪوچ ڇڏي موقعي تان ڀڄي ويا جڏهن ته پوليس بسن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڏهه خونن جو ازالو نه ٿيڻو آهي ۽ نه ئي ٿيندو. سرڪار کي سوچڻ گهرجي ته ڇا سنڌ جا ماڻهو جيڪي اڳي ئي غذائيت جي ڪمي، پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ، صحت جي سهولتن جي اڻ هوند ۽ ٻين ڪيترن ئي سبب جي ڪري اڳ ئي موت جي منهن ۾ آهن، انهن جي دردن جو جيڪو درمان ٿيو سو ته ٿيو، ويتر بدمست ڊرائيورن کي سنڌ جي روڊن تي بنا ڪنهن اسپيڊ جي چڪاس جي ماڻهو مارڻ جو ڄڻ ته لائسنس ڏنو ويو آهي.

جنهن روڊ تي حادثو ٿيو آهي ان روڊ کي ٻٽو ڪرڻ لاءِ يعني اچڻ ۽ وڃڻ جا رستا الڳ الڳ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير پيڙهه جو پٿر به رکيو هو پر جنهن هنگامي ڪم جي هن روڊ تي ضرورت آهي سو هنگامي ڪم سرزمين تي ٿيندي نظر نه ٿو اچي. سنڌ سرڪار کي ۽ وفاقي سرڪار کي به اڳتي اچي هي روڊ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ پورو ڪرڻ کپي، ڇو جو هو روڊ ماڻهن لاءِ موت جو کوهه بڻجي ويو آهي، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن موت جي کوهه ۾ رهڻ بدران اهڙي زندگي چاهي ٿي، جهڙي سڌريل سماج جا ماڻهو گذاري رهيا آهن.

سومر 25 ڊسمبر 2017ع، 6 ربيع الثاني 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے