15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز| تنگواڻي ۾ ڳوٺاڻن هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو

تنگواڻي ۾ ڳوٺاڻن هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. ڳوٺ ڦال جي رهواسين محمد صالح، قابل ۽ ميرل گجرائي انڊس هاءِ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن هٿياربندن سندن نوجوان عنايت الله گجراڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن جي بازيابي لاءِ پوليس کي دانهن ڏني پر اڃا تائين ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته جوابدارن نوجوان جي بازيابي لاءِ لکين رپيا ڀنگ طلب ڪري رهيا آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرائڻ بدران کين ڀنگ ڀرڻ جا مشورا ڏئي رهي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فوري طور نوجوان کي بازياب ڪرائي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مٺي: نوجوان شاگرد پاران آپگهات جي ڪوشش

مٺي جي ڀيل ڪالوني ۾ انٽر ڪلاس جي شاگرد نهال ڀيل پاران زهريلي دوا پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے