19 پیر , نومبر 2018

نيوز| ڀان سيد آباد ۾ شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي پاران ريلي

ڀان سيد آباد ۾ شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف ايس يو پي پاران ريلي ڪڍي وئي  ڀان سيد آباد ۾ شهر جا مسئلا حل نه ڪرڻ خلاف  درياءُخان لغاري، اصغر سولنگي، اصغر شاهاڻي، اياز سولنگي، ڪاڪ لغاري،پ گلشن ڀنڊ ۽ منير شاهاڻي،عبداجبار چنا.راجا وحيد پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ يلي ڪڍي وئي،  ريلي شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪندي ٽائون ڪاميٽي جي مين گيٽ اڳيان پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن چيو ته ڀان سيدآباد شهر انيڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، شهر ۾ صفائي عملي کي پگهارون ناهن مليون،  هنن چيو ته شهر جي ترقياتي اسڪيمن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ٽائون انتظاميه ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري من پسند ماڻهن کي نوازي رهيا آهن، هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته شهر ۾ بنيادي مسئلن جي از خود نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرايا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے