17 ہفتہ , نومبر 2018

هوائي فوج جي نئين ايئر بيس ڀولاري جو افتتاح، سي پيڪ جي تحفظ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو: ايئر چيف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايئر چيف سهيل امان پاڪ هوائي فوج جي نئين ايئر بيس ڀولاري جي افتتاح جي موقعي تي چيو ته ان ايئر بيس سان بري ۽ سامونڊي دفاع مضبوط ٿيندو، ايئر بيس سي پيڪ  جي تحفظ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ايئر فورس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ڀرسان هوائي فوج جي نئين ايئر بيس ڀولاري جي افتتاحي تقريب ۾ ايئر چيف مارشل سهيل امان تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايئر چيف جو چوڻ هو ته ايئر بيس سان پاڪستان جي فوجن جي صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي ايئر بيس پاڪ فوج جي زميني آپريشنن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته ايئر بيس پاڪ بحريا جي ميري ٽائم آپريشن ۾ مددگار ٿيندو. پاڪستان ايئر فورس جي ترجمان جو چوڻ آحي ته قائد اعظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڀولاري ايئر بيس جو اڄ افتتاح ڪيو ويو، ايئر بيس هوائي فوج جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل آهي، ڀولاري ايئر ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي سامونڊي بچاءَ کي مضبوط بڻائيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے