24 بدھ , اکتوبر 2018

خورشيد شاهه مصطفيٰ ڪمال کي پريشان ٻار قرار ڏئي ڇڏيو

سکر(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال پريشان ٻار آهي. تفصيل موجب خورشيد شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نوجوانن سان مخاطب ٿيندو آهيان ته پاڻ کي نوجوان سمجهندو آهيان، پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو جي صورت ۾ نوجوان ليڊر ڏنو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ غير يقيني آهي ۽ حالتون سٺيون ناهن. هن چيو ته اسان ملڪ ۽ رياست جي مضبوطي لاءِ سياست ڪندا آهيون، مصطفيٰ ڪمال پريشان ٻار آهي. جي ڊي اي جهڙا الائنس بڻجندا رهيا آهن اها ڪا نئين ڳالهه ناهي جڏهن ته بينظير قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جو نالو آهي پر عدالت هن کي ڇڏي ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے