15 ہفتہ , دسمبر 2018

شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ پهرين عالم عورت جيجي درشهوار سيد

مرجان سنڌو

ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن جي علمي، عقلي ۽ قومي سوچ کان ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن سموري عمر سنڌ لاءِ وقف ڪئي۔ سندس ذات ۾ نه ڏيکاءُ هو نه پاڻ پڏائڻ نه وري جي ايم سيد جي ڌيءُ هجڻ تي ڪا وڏائي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ انهن چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ هيون، جن علمي جدوجهد ڪئي جيجي در شهوار سيد 1940 ۾ سن جي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو. کيس سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي 1967ع ۾ پاس ڪئي.

ڊاڪٽر درشهوار سيد، فلسفي ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان 1969ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي مان 1972ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان 1977ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي ”شاهه لطيف جي شاعري“ تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان 1984ع ۾ ڪئي.

ياد رهي ته جيجي درِ شهوار سيد پهرين سنڌي نياڻي هئي، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪو هڪ تمام وڏو اعزاز آهي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هتي اچي جيجي 1985 کان 1991ع تائين ليڪچرار ، اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر به رهي.

سندس تصنيفن۾ عربي،اردو،فارسي،۽ انگريزي ترجمو ڪيل ”شاهه جو رسالو“، ”ڪشف الابيات“، ”شاهه لطيف شاعري اور فڪر“، ”شاهه لطيف جي موسيقي“، تحقيق جو طريق ڪار،شاهه لطيف ڪي ڪهانيان،وغيره شامل آهن. جيجيءَ جو شمار رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي تعليمي ماهر ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي.

هن ”آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن“ ٺاهي جنهن جي پاڻ چيئر پرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دوران متاثرن ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ ٻيو سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون.

ڊاڪٽر درشهوار سيد علمي لياقتن سان مالامال ۽ سماج سڌارڪ، انسان دوست، فڪر سان سلهاڙيل هئي، جنهن عورتن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سن جي سيد گهراڻي جون سنڌ جي قومي شعوري ۽ علمي ادبي خدمتن کان وقت جو مفڪر انڪار نٿو ڪري سگهي. سائين جي ايم سيد جي فڪر فلسفي جي ڇانوَ ۽ تربيت هيٺ رهندي جيجي درشهوار سيد، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي ڪيترن ئي رخن خاص ڪري تصوف تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪري پنهنجي علمي گهراڻي جي نيڪ ناميءَ کي وڌايو. سن، جتان قومي ۽ علمي شعور ۽ سوجهري سنڌ جي غلام سماج کي آزاديءَ جي راهه ڏيکاري آهي. ڇاڪاڻ جو سماج پنهنجن پيرن تي تڏهن بيهي سگهندو جڏهن سماج ۾ علم ادب، قومي شعور، معاشي خوشحالي ۽ مهذپڻو پيدا ٿيندو. جيجي جون علمي خدمتون سنڌ واسين کان ڪڏهن به وسري نه سگهنديون.

سائين جي ايم سيد کانپوءِ جيجي ڏاڍي اُداس ۽ ويڳاڻي رهندي هئي ۽ آخر ۾ بيمار رهڻ لڳي نيٺ 26 هين ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪري وئي جيجي در شهوار جو وڇوڙو واقعي به سنڌ جي عاشقن لاءِ ايذائيندڙ آهي .ڀٽائيءَ جيتوڻيڪ ستن سورمين کي نشانبر ڪيو پر جيڪڏهن ڀٽائي هن وقت موجود هجي ها ته هوند هن وٽ جيجي درشهوار ”اٺين سورمي“ جو درجو رکي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے