15 ہفتہ , دسمبر 2018

عدالتي فيصلي باوجود ،ڪمند جو مقرر اگهه ڇو نٿو ڏنو وڃي …؟

مظهر خاصخيلي

22 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بيچ سنڌ ۾ ڪمند جو مناسب اگهه مقرر نه ڪرڻ جي خلاف آبادگارن جي داخل درخواست تي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ عدالت شگر مل مالڪن کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪو سرڪاري اگهه 172 رپيه آهي ان جي مطابق آبادگارن کي ڪمند جي رقم ڏني وڃي هي عدالت هيءُ مختصر فيصلو ڏنو آهي  جڏهن ته تفصيلي فيصلو هفتي کان پوءِ ڏنو ويندوعدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ جا شگر مل مالڪ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري ريٽ 172 رپيا من جي رقم ادا ڪئي وڃي جڏهن ته شگرمل مالڪ 10 رپيا في مڻ سيڪيورٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نا ظر وٽ جمع ڪرائي عدالت چيو آهي ته فيصلي تي عمل جي لاءِ شگرمل مالڪن کي سي اي اوز کي ست ڏينهن ۾ حلف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 7 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي 29 ڊسمبر تي ٻيهر شنوائي ٿيندي اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ سڄي سنڌ اندر ڪافي شگر مل مالڪن پنهنجون شگرملون بند ڪري آبادگارن کان ڪمند وٺڻ وارو سلسلو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڄي سنڌ اندر شگرملن جي اڳيان ڪمند سان ڀريل گاڏين جون قطارون لڳل آهن اهڙي صورت حال ۾ سنڌ جو ننڍو آبادگار ،هاري ۽ هزارن جي تعداد ۾ مزدور سخت پريشان آهن ڇو ته انهن جي گهر جي چلهه جي ٻرڻ جو سڄو دارو مدار انهن روز ڪمائي روز کائڻ واري مزدوري جي رقم تي آهي جيڪا به انهن سرمائيدارن مل مالڪن جي هٿ وس آهي جيڪي پنهنجي زندگي ته عياشي سان گذارن ٿا انهن جا نوڪر چاڪر به عيا شين ۾ آهن انهن کي انهن تي رحم ڀلا ڇو ايندو ڪيڏي نه ظلم ۽ نا انصافي جي انتها آهي ته هڪ طرف هاءِ ڪورٽ پنهنجو مختصر ۽ تڪڙو فيصلو ٻڌائي سنڌ جي لکين ماڻهن ۾ پيدا ٿيل بي چيني کي ختم ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ حڪومت کان سنڌ اندر 38 شگرملون هلائيندڙ مل مالڪ زور ٿي ويا آهن جا وري انهن سياسي مخالفن جي ڳالهه ۾ وزن آهي جيڪي سياسي حوالي سان پنهنجي جلسن جلوسن ۾ تقرير ڪرڻ دوران آصف علي زرداري مٿان اهو الزام هڻي رهيا آهن ته انهن 38 شگرملن مان 18 کان مٿي شگرملون ان جون آهن جنهن جي خلاف سنڌ حڪومت ڪو به قدم نه کڻندي اهو سچ آهي يا نه پاڻ ان مسئلي ۾ نٿا پئون ڇو ته هت جنهن اندار سان اقتدار جي سياست واري راند ڪئي وڃي ٿي.

ان راند مان خاص ڪري انهن مسڪين ماڻهن هارين ۽ مزدورن کي ڪنهن به قسم جو فائدو ناهي پيو ۽ نه وري پوڻ جي ڪا اميد آهي پر ان جي باوجو پاڻ جنهن اهم سنڌ جي مسئلي ڪمند جي اگهه جي حوالي سان لکي رهيا آهيون اصل ڳالهه تي ٿا اچئون ۽ هاڻي اسان جي سنڌ حڪومت جي مٿان اها ذميواري آهي ته هوءَ عدالت سڳوري جي ڏنل حڪم تي عمل ڪرائي پر هتي الائي ڇو موجودهه سنڌ حڪومت عدالت جي ڏنل فيصلن تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ تيار ناهي جنهن جي ڪري سموري سنڌ اندر ڏينهون ڏينهن احساس محرومي واري لاڙي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ حڪمران آهن جو هنن پنهنجن ڪنن ۾ ڄڻ ته ڪپهه وجهي ڇڏي آهي يا وري انهن کي اها خبر آهي ته باقي هنن جي حڪومت جي مدي ۾ باقي وڃي ڪجهه مهينا بچيا آهن هو انهن مهينن کي ڌڪي سڪي پوري ڪرڻ واري چڪر ۾ لڳل آهن ڪيڏي نه نا انصافي جي انتها آهي جن ماڻهن وٽ وري ووٽ جي لاءِ موجودهه حڪومت جماعت کي وڃڻو آهي انهن ماڻهن جي تمام اهم مسئلي ڪمند جي اگهه جي حوالي سان هو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن اسان جي سنڌ جي وڏي وزير سائين مراد علي شاهه کان ته پنجاب جو وڏو وزير بهتر آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ اهو بيان ته ڏئي ويٺو آهي ته جيڪي شگرملن جا مالڪ ڪمند جي آبادگارن کي في من 182 رپيا اگهه نه ڏيندا  ته انهن کي گرفتار ڪيو ويندو پوءِ اهي گرفتار ٿين يا وري نه ٿين ان ڳالهه سان اسان جو نه وڃي پر پاڻ پنهنجي موجودهه وڏي وزير سائين مراد علي شاهه صاحب کان سنڌ جو ڄائو هجڻ جي ناتي سان اهو سوال پڇڻ جو حق رکئون ٿا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ کيس اهڙو بيان ڏيڻ گهرجي ته جيڪي مل مالڪ ڪمند جي آبادگارن کي مقرر اگهه نٿا ڏين انهن کي هو گرفتار ڪرائيندو پر سائين آهي جو اهڙو بيان ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي ڇا  جتي هاري ۽ آبادگار احتجاج ڪندي روڊ رستن تي هجن اتي جي حڪومت جي ان کان وڌيڪ بد قسمتي ۽ نااهلي ٻئي ڪهڙي چئبي ۽ اهڙي بد قسمتي موجودهه سنڌ حڪومت جي به آهي جيڪا سنڌ جي 38 شگرملن کان ڪمند جي آبادگارن کي مقرر اگهه وٺي ڏيارڻ ۾  ناڪام ٿي  وئي آهي ۽  ڪجهه وقت پهريان آبادگارن سان ڳالهيون ڪري پنهنجو مقرر ڪيل اگهه 182 رپيا جنهن جو سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ان تي عمل نٿي ڪرائي سگهي  جنهن جي ڪري ڪجهه آبادگار ته اهو نوٽيفڪيشن کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به پهچي ويا هئا جنهن تي هاءِ ڪورٽ عمل ڪرڻ جو فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو آهي  ان حوالي سان ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته قانون ۾ واضح لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪابه شگر مل ڪمند جي پيڙائي واري هلندڙ سيزن ۾ پنهنجي پيڙائي وارو عمل جيڪڏهن اڌ ۾ بند ڪندي ته ان شگرمل جي مالڪ کي 6 سالن تائين سزا ڪاٽڻي پوندي ان جي ڪري سڄي سنڌ اندر 38 شگرملن جي مالڪن پنهنجون شگرملون جيڪي هنن کي آڪٽوبر ۾ چالوڪرڻيون هيون انهن آڪٽوبر بدران نومبر ۾ چالو ته ڪري ڇڏيون آهن پر سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل 182 رپيا ڪمند جو مڻ مقرر ڪرڻ جي جاري نوٽيفڪيشن تحت ڪنهن آبادگار کي ڪمند جي في مڻ جو مقرر ٿيل اگهه ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن ۽ حڪومت جيڪا ڄڻ ته سنڌ جي شگرملن جي مالڪن اڳيان بيوس ۽ لاچال بڻيل آهي جنهن جي ڪري نومبر کان وٺي اچي ڊسمبر به موڪلاڻي ڪرڻ تي پهتو آهي پر هن وقت تائين ملن جا مالڪ اڃان تائين سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل اگهه آبادگارن کي ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿئڻ جي لاءِ تيار ناهن  ۽ سڄي سنڌ اندر شگرملن جا مالڪ پنهنجن ايجنٽن جي معرفت ننڍن آبادگارن کي مختلف قسمن جو ڌٻاءُ وجهي پريشان ڪرڻ کان پوءِ انهن کان پنهنجي مرضي تحت ڪمند جو في مڻ 120 رپين کان 130 رپين تائين خريد ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري جيڪي آبادگار انهن شگرملن جي پيدا ڪيل انهن ايجنٽن جن کي اوهان هڪ مافيا به چئي ٿا سگهو انهن جي هٿ تي پنهنجو ڪمند ڏئي رهيا آهن ۽ اهڙا آبادگار سڄي سنڌ ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ٿيندا باقي 70 کان 60 سيڪڙو آبادگارن هن وقت تائين پنهنجي ڪمند ۾ واڍي وارو عمل اڃان شروع ناهي ڪيو جنهن جي ڪري سنڌ اندر هزارين آبادگار سخت پريشان آهن ۽ ان جي ڪري آبادگارن پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي .

اهو به سچ آهي ته سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت پ پ جيڪڏهن هن وقت اقتدار ۾ نه هجي هان ته ڀلي 19 شگرملون هنن جي پارٽي سربراهه جون هجن  پر پوءِ به هنن آبادگارن جي احتجاج جي  حمايت ڪري ها هاڻي صرف ان جي ڪري نٿي ڪري جو سنڌ ۾ موجودهه حڪومت هنن جي آهي ان جي ڪري آبادگار ويچارا جيڪو احتجاج پنهنجي جائز حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهن انهن جي جيڪا به سياسي جماعت حمايت ڪري ٿي هو ان کي ان اميد سان قبول ڪن ٿا ته من موجودهه حڪومت اسان جي احتجاج کان پوءِ پنهنجو رويو تبديل ڪري ۽ پنهنجي پاران مقرر ڪيل اگهه 182 رپيا آبادگارن کي شگرملن کان وٺي ڏياري پر الائي ڇو ائين لڳي ناهي رهيو خبر نٿي پوي ته موجودهه سنڌ حڪومت آخر ڪرڻ ڇاٿي چاهي جو هڪ طرف هن پاڻ 182 رپيا اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري  ڪيو آهي ۽ ان ساڳي اگهه کي هاءِ ڪورٽ به پنهنجي حڪم ۾ برقرار رکيو آهي پر الائي ڇو حڪومت ان تي عمل نٿي ڪرائي  يا  ته هوءَ ان ڳالهه ۾ راضي آهي ته هو ان سنڌي ماڻهن کي سبق سيکاري جن سنڌي ماڻهن هميشه پ پ کي پنهنجو سمجهي ووٽ ڏنا آهن ۽ سڄي ملڪ اندر جيڪا صورت حال هن وقت پيدا ٿيل آهي اها غلط حڪمران جي غلط پالسين جي ڪري پيدا عيل آهي ۽ اهو سچ آهي ان جي ڪري هيءَ حالت جيڪا هن وقت پيدا ٿيل آهي اها ان حالتن جي ڪڙي آهي پر انهن سمورين ڳالهين جو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مقرر هجڻ ۽ انهن جو آخري حل ڪجهه ته هوندو ڇا ان سموري صورت حال جا زميوار وري اهي آبادگار آهن جن کي پنهنجي ڪمند جو مقرر اگهه گهرڻ تان لٺيون هڻي موجودهه حڪومت سندن مٿا ڦاڙي ٿي ڇڏي ڪو به عقل مند ماڻهو اهاڳالهه تسليم نه ڪندو ته جيڪو ڪجهه هتي ٿي رهيو آهي ان جا ذميوار اهي مسڪين هاري ۽ ڪو ننڍا آ بادگار آهن حقيقت ۾ هن ملڪ کي هلائڻ وارا اهي هاري آهن جيڪي ڏينهن رات گرمي هجي يا سردي پنهنجي محنت ڪري هن ملڪ اندر اهو سڀ ڪجهه پيدا ڪري رهيا آهن جنهن کي ٻاهر موڪلي انهن کي انهن جي انهن جنسن جو مقرر اگهه اصل ۾ وٺي ڏيڻ وارو ڪم چونڊيل حڪومتن جو آهي انهن حڪومتن کي پنهنجون اهڙيون پاليسيون جوڙيون پونديون  جيئن  آبادگارن کان  جنسن کي خريد ڪري انهن کي مقرر اگهه ڏئي انهن جي همٿ افزائي ڪري جيئن اهي آبادگار ۽ هاري وڌ کان وڌ اهي جنسون پوکي پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ سميت ملڪ جي معشيت ۾ وڌ کان وڌ حصو ڳنڍي سگهن پر هتي ته سڀ ڪجهه ابتو ٿي رهيو آهي انهن ساڳين هارين نارين پورهيتن کي پنهنجي انهن جنسن جو مقرر اگهه ڏيڻ بجاءِ انهن جي مٿان لٺيون وسايون پيون وڃن ان جي ڪري موجودهه سنڌ حڪومت کي پنهنجي اکين تان پٽي لاهي سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪندڙ آبادگارن کي ڪمند جو مقرر اگهه سنڌ جي انهن38 شگرملن جي مالڪن کان ڪنهن به صورت ۾ وٺي ڏيڻ گهرجي  ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ به اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي  ائين نه ٿئي جو وري آبادگار ٻيهر مجبور ٿي عدالت جو در کڙڪائن جنهن سان ڪو اهڙو فيصلو اچي وڃي جو پ پ جي موجودهه سنڌ حڪومت کي ڪنهن مشڪلات کي منهن ڏسڻو پوي بهتر سنڌ حڪومت جي لاءِ اها ڳالهه آهي ته ڪمند جي مقرر ٿيل اگهه تي سختي سان عمل ڪرائي سنڌ جي لکين آبادگارن،هارين، مزدورن جي هن مسئلي کي حل ڪري جيئن سنڌ جا رهندڙ آبادگار/هاري سک جو ساهه کڻي سگهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے