23 منگل , اکتوبر 2018

هوءَ نياڻي مست قلندر هئي…

 ‏اڄ کان ڏهه ورهيه اڳ، 27 ڊسمبر 2007ع تي، ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد جي ويجهي شهر راولپنڊي جي ”لياقت پارڪ“ ۾ سانجهيءَ مهل گولين ۽ بمن جي گڏيل حملي ۾ سر عام سر شام قتل ڪئي وئي. اڄ محترما جي وئي کي 10 ورهيه ٿيا آهن ۽ سندس ڏهين ورسي انتهائي احترام سان ملهائي پئي وڃي. ان ئي پارڪ ۾ ملڪ جا ٻه وزيراعظم قتل ٿيا ، جن جي قتل جي جاچ اڃا تائين جاري آهي. جڏهن ته محترما جيڪا ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم چونڊي ويئي هئي، تنهن کان اڳ سندس والد ۽ ملڪ جو ناميارو وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو ساڳئي شهر جي جيل ۾ عدالتي قتل وسيلي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو. جنهن جي قتل کي هاڻي ”ڏوهه“ سڏيو وڃي ٿو.

محترما بينظير ڀٽو صدين جي صدا هئي، جيڪا 27 ڊسمبر تي سئن هڻندي قتل ڪئي ويئي هئي. ان سئن جيڪا چئن نه ٿي ڏئي، ان صدا جنهن ۾ فرض جي ادا رکيل آهي، اها ادائگي محترما ئي ڪري سگهي. اها ادائگي هوءَ ئي ڪري سگهي ۽ واهه جو ڪري ڏيکاريائين.

محترما 1982ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي واڳ سنڀالي ڇهن ورهين ۾ ملڪ جي آمريت خلاف جدوجهد هلائي 1988ع ۾ پهرين مسلمان عورت وزيراعظم ٿي هئي. جڏهن ته سندس اڌ ۾ ختم ڪيل سرڪار کان پوءِ کين ٻيهر وزارت عظميٰ 1993ع ۾ ملي هئي، جيڪا پڻ اندروني سازشن جو شڪار بڻائي وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي. 1998ع کان 2007ع تائين جا لڳ ڀڳ 10 ورهيه محترما جلاوطن زندگي گذاري ۽ پنهنجو توڙي ملڪ جو مقدمو دنيا جي آڏو پيش ڪيو.

بينظير ڀٽو سهڻي ، پڙهيل، دلير، پيشقدمي ڪندڙ ۽ وقت کان گهڻو اڳ حالتن جي نبض جي ڌڪ…ڌڪ جو آواز ٻڌڻ واري ليڊر هئي. هن کي دنيا ۾ بدلجندڙ حالتن جو گهڻو وقت اڳ احساس ٿي ويندو هيو. هن جي چوڌاري جيڪا به ڏاهپ موجود هئي ان تي گهٽ پر پنهنجي لاڳاپن جي معرفت ڪيئي اهم ڪاميابيون حاصل ڪري سگهندي هئي. هن جي دل ۾ ڌيءَ به موجود هئي جنهن کي هر وقت شفقت ڀرين هٿن جو انتظار هوندو هيو، پر هن جي دل ۾ ماءُ به هئي جنهن هن کي ”سياسي انتقام“ جي وڏيرڪي روش واري لائين اختيار ڪرائڻ بدران ممتا واري رستي کي ئي بهتر سمجهيو هيو.

اڄ سندس وئي کان پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ته موجود آهي پر اها ملڪ ۾ ان اوج ۾ ناهي، جيڪا اوج سندس هوندي هئي. اڄ سنڌ کانسواءِ باقي علائقن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تمام وڏي گهوٽالي کي منهن ڏئي رهي آهي.

اڄ محترما جي پارٽي 50 ورهين جي ٿي وئي آهي. سندس قيادت پنهنجي هجڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پر ملڪ جا عوام ان پارٽيءَ مان ”وڌيڪ جدوجهد“ لاءِ اميد ۽ نااميدي وچ ۾ سفر ڪري رهيا آهن، جنهن سان اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪري سگهجي ٿي ته قومن ۽ عوامن جي واسطي سياسي ليڊرشپ جو هجڻ ۽ ڪهڙي نموني جو هجڻ وارو سوال هڪ بحث طور اسان جي سامهون آهي.

ڍانچن، اڏاوتن، عمارتن جو وڏو هجڻ يا انهن جي وڏي عمر جو هجڻ رڳو سندن قد جي وڏي هئڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙي طرح پارٽيون ڪيڏيون به قديم ڇونه هجن، جي اهي پارٽيون ماڻهن جي امنگن ۽ سماجي خواهشن جي پورائي جو ڪم نه ٿيون ڪري سگهن ته پوءِ ڪهڙيون به قديم ۽ جديد پارٽيون ڇونه هجن، اهي ڪنهن به ڪم جون ناهن. پاڪستان پيپلزپارٽي کي تاريخ هڪ موقعو ڏنو آهي ته محترما بينظير ڀٽو جي وئي پڄاڻان جيڪي به خال پيدا ٿيا آهن، حڪمرانيءَ تي جيڪي به تنقيدون ٿيون آهن، اهي هاڻي ڪنهن نعري ۽ نظرئي سان پُر ٿي نه سگهندا پر ان جي لاءِ عوام جي خدمت ۽ ڪارڪردگي جا بي بها مثال گهربل آهن، جيڪي پڻ ڪن معجزن سان نه پر پارٽيءَ جي محنت سان ئي پورا ٿي سگهندا.

اڄ محترما جي وئي پڄاڻان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا دليل به ختم ٿي رهيا آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا ڪيئي اهم لقاءَ پنهنجي جاءِ تي نئين سر پيدا ٿي رهيا آهن ، نئين نسل ۾ ڪيئي جوتون پيدا ٿي رهيون آهن، انهن جي هنر، انهن جي محنت ۽ انهن جي حوصلي کي جيترو داد ڏجي سو گهٽ آهي، پر سنڌ جي سماجي ۽ سياسي صورتحال ۾ جيڪي خال، اوڻايون، بي وسيون، بدنصيبيون سامهون اچي رهيون آهن اهي محترما جي نه هوندي وڌيڪ شدت سان محسوس ٿي رهيون آهن.

ڪنهن هڪ شخصيت جو سماج مٿان ايڏو اثر هجي، ان جي نه هجڻ ڪري ان خال کي ايڏي شدت سان محسوس ڪجي ته اها محترما بينظير ڀٽو ئي ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙي خلا واري ماحول ۾ جڏهن واٽون ويهه هجن، ڪا واه ۽ ڪو واهرو به نظر نه اچي ته پوءِ هڪ رستو سامهون اچي ٿو اهو آهي ته هر شخص پنهجي پنهنجي خول مان نڪري ٻاهر اچي. هر شخص پنهنجي پنهنجي وڏيرڪي انائن جي عذاب گهرن مان ٻاهر نڪري اچي ۽ جيڪي ڪجهه کيس اچي ٿو، جيڪي ڪجهه هو سنڌ کي ڏيڻ چاهي ٿو، ڏيئي سگهي ٿو، ان واسطي پاڻ کي ارپڻ جي شروعات ڪري.

اربع 27 ڊسمبر 2017ع، 8 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے