18 جمعرات , اکتوبر 2018

تون ته امر آن راڳيا !

ساگر سنديلو

ڊسمبر جو مهينو هميشه ئي اذيت ڏيندڙ مهينو ثابت ٿيندو رهيو آهي. هي اهڙو مهينو آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ادبي شخصيتون پنهنجي مداحن کان وڇڙيون. سنڌ کان ڪيتريون ئي املهه هستيون هن مهيني ۾ جدا ٿيون. 26 ڊسمبر تي سائين جي ايم سيد جي نياڻي درشهوار سيد، 26 ڊسمبر تي ئي اردو ادب جا وڏا نالا ڊاڪٽر شمس سومرو پروين شاڪر ۽ منير نيازي،27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو، 28 ڊسمبر تي شيخ اياز راهه عدم تي روانا ٿيا.انهن سڀني هستين ۾ هڪ اهڙو نالو به شامل آهي  جنهن جي گيتن جي گونج سندس وڇوڙي جي ٻه ڏهاڪن کان پوءِ به سنڌ ۾ پوري شدت سان ٻڌي وڃي ٿي، اهو نالو آهي سرمد سنڌي جو جيڪو 27 ڊسمبر تي سنڌ کان جسماني وڇوڙو ڪري جوڀن واري ڏينهن ۾ هڪ تازي گلاب جي بي وقتين هوائن هٿان پن جيان ڇڻي پيو. ان لاءِ ئي شايد لطيف چيو هيو؛

سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،

روئان، رهن نه سپرين، آيل ! ڪريان ڪيئن !

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري !

هاءِ اسڪول جو زمانو هيو. ڪتابن سان ويجهڙائي ته پرائمري واري دور کان هئي. هي اهو وقت هيو جڏهن سنڌي ادبي رسالا  توڙي ڪتاب پڙهڻ جو رجحان تمام گهڻو وڌيل هيوان دور ۾ هڪ طرف ته ڪتابن تائين وڌ کان وڌ پهچڻ جو جنون هيو ته ٻئي پاسي ڀارتي فلمي دنيا ۾ ڪمار سانو جو عروج هيو ، ان جي گانن کي ٻڌڻ به هڪ عام وندر بڻيل هئي.. ان جي ڪري ڪتابن ۽ ڪمار سانو جي گيتن سان دل پئي وندرائبي هئي. سنڌي ڳائڻن سان پري پري تائين نه پوندي هئي، 96ع، 97، واري ڪنهن سال ۾ شاهه گودڙي تي وڃڻ ٿيو. شاهه گودڙيو ميهڙ لڳ سنڌ بلوچستان جابلو پٽي ۾ هڪ پير جو آستان آهي. جتي اڪٿر ماڻهو سکائون کڻي ويندا آهن. پاڻ سفر جي شوق سبب اوڏانهن جو رخ ڪيوسين.0

رات جو جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن سميت چانڊوڪي انهن پهاڙن تي ڦهلائي ته هڪ عجيب منظر پيدا ٿيو جنهن جي ڪشش بي پناهه هئي. هڪ انتهائي وڻندڙ رات ، هلڪي هلڪي هوا سان گڏ چانڊوڪي وري پهاڙن جو ڊگهو سلسلو، ۽ انهن پهاڙن جي قدرتي بيهڪ هڪ نئون ڏيک پئي ڏنو. تنهن وقت پري ڪنهن ٽريڪٽر جي ٽيپ ۾ هڪ گيت پئي هليو

“ا ي چنڊ پرينءَ کان آءَ پڇي ، ڪا توکي ننڊ به ايندي آ،

جنهن ڏينهن رٺي هوءَ مونکان آ، تنهن ڏينهن کان دلڙي ماندي آ”

اهو آواز، اهو آلاپ، ايترو ته پر اثر هيو جو سڌو دل ۾ لهي ويو. دوست کان پڇيم ته هي ڪنهن جو آواز آهي . چيائين: سرمد سنڌيءَ جو جيتوڻيڪ ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سرمد سنڌي جا قومي گيت مختلف تقريبن ۾ ٻڌاسين.سندس تعارف به برزباني ياد هيو. پر اڳ ۾ شوق ڪڏهن به نه رهيو هيو ته کيس ٻڌجي. پر شاهه گودڙيي جي پهاڙين ۾  چانڊوڪي رات ۾ اهو آلاپ جڏهن ڪنن تي پيو ۽ دل ۾ لهي ويو ته سرمد سنڌي کي ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو. ڄڻ ته سرمد سان اها پهرين سڃاڻپ هئي.

سرمد سنڌي جي هر گيت جي شروعات هڪ رڙ سان ٿيندي هئي.هڪ اهڙي رڙ جيڪا هن ديس جي اندر جي دانهن هئي. اها رڙ در اصل هن ديس واسين کي جاڳائڻ لاءِ هوندي هئي جن کي بي فڪري جي ننڊ ڪندي صديون گذريون آهن، پر جاڳ اڃان به هنن کان ڪوهين ڏور آهي.

اهو عجب اتفاق هيو ته منهنجي سڀ کان ويجهي دوست وٽ سرمد جي مڪمل ڪليڪشن موجود هئي. جنهن بابت مان اڻڄاڻ هيس. هو سرمد جو پوري ڳوٺ ۾ اڪيلو مداح هيو.  جنهن وٽ پوري ڪليڪشن سانڍيل هئي. بس پوءِ هڪ هڪ ڪري سرمد سنڌي جا سمورا گيت ٻڌندو رهيس. سندس آلاپ جو مداح بڻجندو ويس.

قومي گيت جن ۾ شيخ اياز، حليم باغي، استاد بخاري ، زاهد شيخ جي شاعري هجي يا وري جمن دربدر جو وٺي هر هر جنم وربو ، مٺا مهراڻ ۾ ملبو  تائين وارا گيت هجن. ياوري  رومانس واري شاعري “سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون ” توڙي “چوري چوري ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ” واري سائين ارشد جي شاعري هجي. هر هڪ گيت دل ۾ لهندو ويو. سرمد جي شروعاتي آلاپ ، توڙي ڏوهيڙن سان ڪلام جي شروعات ڪرڻ واري انداز جيءِ ۾ جاءِ جوڙي ورتي.

پوءِ هڪ سلسلو شروع ٿيو کيس ٻڌڻ جو، جيڪو هينئر تائين جاري آهي.

سرمد هن ديس جي ڏکايل ڌرتيءَ جو آلاپ آهي. سندس آلاپ  ۾ هن ديس جو درد سمايل آهي. هڪ پاسي ته هو محڪوم ۽ مجبور ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو آهي ته، ٻئي پاسي، هو دلين جي درد جو به ترجمان لڳندو آهي. سندس ڳايل گيت ؛

اي قوم ٻڌايا ٿي قصا، ڪلهه مون توکي تقديرن جا،

رت ديس تنهنجي راهه ۾ ، جي ڦڙوڦڙو ٿي وهي وڃي،

ڪو انقلاب ساٿيو

توڙي

آئون ڪيئن سيج سمهان

واري گيت تائين هر هڪ گيت سنڌ جي اداس وادي جي  منظر ڪشي ڪندڙ آهي. جنهن ۾ هن ديس جو سمروو درد اوتيل آهي. انهن گيتن جي شروعاتي آلاپ واري هر رڙ در اصل هن ديس جي رڙ آهي. اها دانهن هن ديس جي دانهن آهي. انهن گيتن جو درد هن ديس جو درد آهي. انهن گيتن جي پيڙا ، هتان جي هر محڪوم ۽ مجبور دل جي پيڙا آهي.

نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي، سڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي،

مون کي نه وساريو هوندئي

يا وري استاد بخاري جي شاعري

جي هي دلبو هو، جي هي دوکو هو، اعتبار مون کي ڇو ڏنئي

ايڏو پيار مون کي ، ڇو ڏنئي !

اهڙا سمورا گيت ٽٽل دل وارن عاشقن جي اداسين وارين گهڙين جا ساٿي آهن. اهي گيت در اصل انهن ٽٽل دلين واسطي مرهم وانگر آهن. اهي انهن دلين جي ڦٽن تي اهڙا پها آهن جيڪي وقتي طور تي انهن زخمن جي درد کي سڪون ميسر ڪن ٿا. جيڪي يادن جي رڻ ۾ رلائيندي به انسان کي آٿت فراهم ڪن ٿا.

انهن سڀني کان هٽي ڪري سماج اندر عورتن سان ٿيندڙ ويڌن کي به سرمد پنهنجي گيتن ۾ شامل ڪيو آهي.

هوءِ نچڻي نچڻي ڇو آهي !! يا وري

اکين کي جهيلو مون، مڙيون ڪين آخر، ڀري راڄ ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳيون هن،

تنهنجي ڪاڄ ڪامين، پڇيو ڳالهه ڇا هي، نٽائي چيم پريشانيون وڌيون هن،

يا وري

هوءَ ڪاري هئي ، پر بي ڏوهي ويچاري هئي

سرمد جو ڳاتل هر هڪ گيت سنڌي سماج ۾ عورتن سان ٿيندڙ وارداتن جو ڪچو چٺو کوليندڙ آهي . هر هڪ گيت  ۾ سنڌي جي مظلوم عورت جي دانهن  ۽ درد سمايل آهي.

توڙي جو سرمد سنڌي جي حياتي جو سفر پورو ٿئي ٻه ڏهاڪا گذري ويا آهن پر سندس آلاپ ۽ سندس آواز جو سفر هميشه جاري رهڻو آهي، سندس آلاپ ۽ سندس آواز کي ڪا به فنا ناهي. ڇو ته اهو ٽٽل دلين جو آواز آهي، اهو لٽيل ديس جو آواز آهي ۽ اهو ڀوڳنائن جي  شڪار عورتن جو آواز آهي. سندس آواز امرتا جي اهڙي مقام تي پهچي چڪو آهي جتي فنا جو ڪو وجود ناهي.

هر دور ۾ جڏهن به ذڪر ديس جي دردن جو ٿيندو، جڏهن به ڳالهه ٽٽل دلين جي ٿيندي ۽ جڏهن به بحث مظلوم عورتن جو ٿيندو، سرمد جو آلاپ ۽ آواز ويتر سگهارو ٿيندو ۽ سڀني کي ياد ايندو.

هونئن ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان، جيئي ديس ته ڌرتي آهيان

سانگين سان گڏ سالگرهه ۾ ، وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے