18 جمعرات , اکتوبر 2018

شھيد راڻي دهشتگردن لاءِ للڪار هئي

عبدالمجيد بروهي

ان وقت جڏنھن پنھنجي ئي ھڪ غدار ساٿي پاران جنھن کي پيپلز پارٽي فرش کان عرش  تي پھچايو ھيو جنھن کي شھيد راڻي ھڪ ورڪر سمجھي ھن ملڪ جوـصدر بڻايو ھيو ان پنھنجي ئي محسنن پنھنجي ئي پارٽي جنھن پارٽي جي ڪري ھوـ ھن ملڪ جي اھم منصب تي ويٺو ھيو ان پنھنجي پارٽي سان غداري ڪندي شھيد راڻي سان غداري ڪندي عوام جي ووٽن سان چونڊيل عوامي حڪومت کي ڪجهھ شرپسندن ملڪ دشمنن جي چوڻ تي شھيد راڻي جي حڪومت تي راتاھو ھڻي عوامي حڪومت کي ڪيرائي شھيد راڻي۽ مادر جمھوريت امڙ نصرٿ ڀثو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين زبردستي جلاوطن ڪيو آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا من گھڙت ڪيس داخل ڪيا ويا پ پ پ جي ڪارڪنن ھمدردن لاءِ  پوري پاڪستان ۾ رڻ ٻاريو ويو، پ پ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ بعد نوازشريف کي ان وقت جي ڪرتا ڌرتائن پاران حڪومت ڏني وئي جنھن اچڻ شرط انتقامي سياست شروع ڪري ڇڏي ڪيترن ئي جيالن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين وفاداري مٽائڻ جي لاءِ زور ڏنو ويو جن کي جيالن نظر انداز ڪيو ۽ تشدد سھندا رھيا پر غداري نه ڪيائون نواز شريف ان وقت پنھنجي ھڪ درباري سيف رحمان کي اھو ٽاسڪ ڏنو ھيو ته ھو پ پ پ جي جيالن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پ پ پ جي جيالن کي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪري پر ان ۾ بـ ھو ناڪام ثابت ٿيا پ پ پ جي بھادر اڳواڻ آصف علي زرداري کي بنا ڪنھن ڏوھ  جي زندانن ۾ واڙيو ويو سندس مٿان زور وڌو ويو ته ھو محترما خلاف وعدي معاف شاهد بڻجي وڃي ۽ ڪوڙا بيان ڏئي ته کيس آزاد ڪرڻ سميت اھم ذميواري ڏيڻ جي آڇ ڪيائون، آصف علي زرداري کين اھو جواب ڏئي کين انڪار ڪيو ته مان ھڪ جيالو آھيان ڀٽو ازم جو پيروڪار آھيان،  مان مرڻ پسند ڪندس پر پنھنجي قائد خلاف ڪوبـ ڪوڙو بيان نه ڏيندس جنھن بعد نواز سرڪار کي ڪاوڙ  اچي وئي ۽ آصف علي زرداري مٿان وھشياڻو تشدد ڪري سندس زبان بـ ڪٽي وئي نواز حڪومت بعد آمر مشرف جي ڪاري دور ۾ بـ پ پ پ جي جيالن ۽ قائدين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ جو ٻيو دور شروع ڪيو ويو ھڪ ٽانگا پارٽي جوڙي من پسند ماڻھن کي ان ۾ شامل ڪري نالي ماتر اليڪشن ڪرائي نتيجا تبديل ڪري ان ٽانگا پارٽي کي زوري کٽرايو ويو محترما بينظير ڀٽو جي جلاوطني باوجود سلام آھي ھن ملڪ جي عوام کي جن محترما ۽ پ پ پ تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو ان وقت بـ پوري پاڪستان ۾  سڀني کان وڌيڪ ووٽ پ پ پ حاصل ڪيا ھيا پر آمر مشرف رات جي پيٽ ۾ نتيجا تبديل ڪري پ پ پ جو سيٽون گھٽايون ويون جنھن بعد پ پ پ جي ڪجھه لالچي ميمبرن کي لالچ ڏئي انھن جي وفاداري تبديل ڪرائي انھن کي لوٽا ڪريسي ۾ شامل ڪيو ويو پورا ٻارنھن سال پ پ پ جي اڳواڻن ۽ جيالن کي تنگ ڪيو ويو جنھن بعد شھيد راڻي تمام ڌمڪين کي نظر انداز ڪندي چيو ته ھاڻي مان پنھنجي ملڪ جي عوام کي ھنن ظالمن ۽ ملڪ دشمنن جي رحم ڪرم تي نٿي ڇڏي سگھان ملڪ واپسي جي اعلان بعد محترما کي ڌمڪيون ملنديون رھيون جڏنھن شھيد راڻي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿي ته ان وقت ان جو پوري پاڪستان جي عوام پاران اھڙو ته شاندار استقبال ڪيو ويو جو سڀ پ پ پ جا دشمن حيران پريشان ٿي ويا لکين ماڻھن پنھنجي عظيم اڳواڻ جو مانائتوـاستقبال ڪري پ پ پ محبت جو ثبوت ڏنو ھيو ان وقت جي سنڌ حڪومت پنھنجي آقا مشرف جي حڪم بجاآوري ڪندي شھيد راڻي جي لکين ماڻھن سان نڪتل قافلي کي صرف نالي ماتر سيڪيورٽي ڏني ھئي  قافلي جي رستي جي بجلي بنا ڪنھن سبب جي بند ڪرائي وئي ھئي پ پ پ جي پوري قيادت ان وقت شھيد راڻي سان  ان قافلي ۾ سان گڏ ھئا سيڪيرٽي نه ھجڻ ۽ بجلي بند ھجڻ سبب پ پ پ ۽ عوام جي دشمنن پاران عوامي ليڊرن کي شھيد ڪرڻ جي لاءِ جمھوري ٽرڪ ڀرسان خود ڪش حملو ڪرايو ويو جنھن ۾ پ پ پ جي جيالن پنھنجي جان جا نذرانا ڏئي پنھنجي اڳواڻ کي بچايو، ان وقت انھن جيالن جو جذبو ڏسڻ وٽان ھيو، جن ڌماڪي بعد ڀڄڻ بدران پنھنجي عظيم قائد پنھنجي ڀيڻ کي بچائڻ جي لاءِ جمهوري ٽرڪ طرف وڌڻ لڳا جيالا انهوقت چئوطرف ھٿ ھٿ ۾ ڏئي ٽرڪ جي سيڪيورٽي سنڀالي ورتي، ان وقت تائين اتي بيھي رھيا، جيسيتائين محترما کي اتان حفاظت سان ڪڍي ٻئي گاڏي۾ ويھاري بلاول ھائوس پھچائڻ بعد اتي موجود جيالا پنھنجي ساٿين جي ڳولا ڪرڻ لڳا، پ پ پ جي جيالن ان وقت پنھنجي جانن جا نذرانا ڏئي، پنھنجي ڀيڻ مٿان جان قربان ڪري ڇڏيائون جن کي اسين سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

شھيد راڻي ھڪ بھادر اڳواڻ ھئي جيڪا ان حملي بعد ملندڙ ڌمڪين کي نظر انداز ڪندي رھي بنا ڪنھن پروٽوڪول جي شھيد ٿيندڙ جانثارن جي گھرن ۾ وڃي سندس وارٽن سان ملي ساڻن ڏک ونڊيندي رھي، ان وقت شھادت ماڻيندڙن جي والدين شھيد راڻي کي چوندا رھيا ته اسان کي خوشي آھي ته اسان جو ٻچڙو توھان جي جان بچائيندي توھان مٿان قربان ٿيو آھي اسان جو پورو خاندان توھان مٿان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آھي جڏھن محترمه زخمين سان ملڻ اسپتال پھتي ته ان وقت سخت زخمي ٿيل جيالا پنھنجي ڀيڻ کي پنھنجي ڀرسان صحيح سلامت ڏسي پنھنجا زخم ۽ سور وساري زندهه ھي ڀٽو زندهه ھي جا زوردار نعرا ھڻندا رھيا

شھيد راڻي پاران  انتھا پسندن دھشتگردن کي ۽ ملڪ دشمنن کي للڪارڻ سبب  اھي سڀ جا سڀ گڏجي شھيد راڻي جي جان جا ويري بڻجي ويا جن شھيد راڻي کي ھن ملڪ جي عوام جي ترقي جي ڳالھه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪجھه ملڪ دشمنن دھشتگردن جي مدد سان شھيد راڻي کي شھيد ڪيو ويو ان وقت کان ھن وقت تائين پ پ پ جا جيالا پنھنجي ڀيڻ جي ورسي گڙھي خدابخش ڀٽو ۾ ملھائيندا رھن ٿا شھيد راڻي جي ورسيءَ ۾ ھر سال لکين پاڪستاني گڙھي خدابخش ڀٽو پھچي پنھنجي ڀيڻ سان عھد وفا ۽ وچن ڪندا آھن ته جيسيتائين اسين جيئرا آھيون اسين  تنھنجي جگر جي ٽڪري بلاول ڀٽو ۽ پ پ پ سان بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي ساٿ نڀائيندا رھنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے