11 منگل , دسمبر 2018

محترمه شهيد جا قاتل ٽياس تي ڪڏهن ٽنگبا؟

منان چانڊيو

اڄ کان ٺيڪ ڏهه سال اڳ، شام جي وقت وارهه شهر جي شهيد محمد فاضل راهو چوڪ تي بيٺو هيس، ته اوچتو اتر طرف کان هڪ نوجوان، جنهن جو تعلق سپاف سان هو. تڪڙو ڊوڙندي وڏي آواز سان چئي رهيو هو ته، ظالمن ظلم ڪري محترمه بينظير ڀٽو کي بيدردي سان ماري ڇڏيو. اهڙا ڏکوئيندڙ لفظ ٻڌڻ سان منهنجا ڪجهه وقت لاءِ هوش حواس خطا ٿي ويا. پوءِ جڏهن پاڻ سنڀالي ڏٺم ته پورو شهر اک ڇنڀ ۾ ئي بند ٿي ويو، ۽ ماڻهن جا هجوم هر طرف کان حڪومت خلاف سخت نعرا هڻندا شهر جي سرڪاري آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندا رهيا. اهي منظر ڪجهه وقت ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي گهر پهچڻ شرط ٽي_وي تي نيوز چينلز ڏسندو رهيس، جيڪو عمل ذري گهٽ سموري رات جاري رهيو. جنهن دوران سڄي سنڌ ۾ ماڻهن جا احتجاج، سرڪاري توڙي پ پ پ مخالف ماڻهن جي ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ باهه ڏئي ساڙڻ جا واقعا، ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيس. ۽ پوءِ جڏهن صبح جو شهر جو واءُ سواءُ لڌم، ته پتو پيو ته سول ڪورٽ، پوليس اسٽيشن، مختيار ڪاري، تپيداري، سب جيل، نيشنل بئنڪ، زرعي بئنڪ، حبيب بئنڪ، يوٽيلٽي اسٽور تهس نهس ٿي چڪا هئا. محترمه جي شهادت تي وارهه وانگي سڄي سنڌ جي سوين شهرن ۾ موجود هزارين سرڪاري ادارن ۽ آفيسن کي باهه ڏئي ڀسم ڪري ڇڏيو، جيڪو عمل اٽڪل ٽن ڏينهن تائين جاري رهيو. جنهن دوران نه صرف شهرن جا شهر سنسان ويران رهيا، پر روڊ رستا بند رهڻ کان علاوه بيشمار گاڏين کي ساڙيو ويو. هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي هئي ته، محترمه جي شهادت تي سنڌ جي لکين ڪروڙين ڏکايل ۽ سرڪار تي ڪاوڙيل ماڻهن اڳيان، ٽن ڏينهن تائين پوليس ۽ وفاقي فورسز جا اهلڪار ڪونه آيا. بهرحال، هڪ عظيم والد جي باوقار نياڻي جي شهادت وقت مون کي ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالت هٿان قتل ڪرائڻ واري اها خبر ياد آئي، جيڪا مون اربع ڏينهن 04 اپريل 1979ع جي ڪچڙي منجهند يعني 11 وڳي، ڪڻڪ جو لابارو ڪندي ريڊيو تان ٻڌڻ شرط منهنجي هٿن ما ڏاٽو ڪري پيو ۽ مغز کي چڪر اچي ويا. ته ڇا ڀٽي جهڙو مدبر خوبصورت ۽ سيرت انسان ڪنهن ماڻهو کي محض سياسي رنجش جي بنياد تي قتل ڪرائي سگهي ٿو؟ منهنجي لاءِ ستم ظريفي جي گهڙي اها به هئي، ته جڏهن 20 سيپٽمبر 1996ع تي آءُ پنهنجي هڪ عزيز جي وڇايل تڏي تي ويٺل هيس ته، هڪ ٻئي ڳوٺ کان تعزيت تي آيل ڳوٺاڻي ٻڌايو ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي پوليس بيدرديءَ سان ڇهن ساٿين سميت قتل ڪري ڇڏيو. اها درد ناڪ خبر ٻڌڻ شرط وري مون کي 18 جولاءِ 1986ع وارو ڏينهن ياد آيو. جڏهن فرانس جي شهر پئرس ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍي پٽ شاهنواز ڀٽو جو موت، پر اسرار نموني پنهنجي گهر ۾ ٿيو. چوڻ جو مطلب ته ڀٽو خاندان جا غير فطري موت ڇو ٿيا؟ ۽ انهن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ظالم ۽ سفاڪ قوتون شامل هيون؟ انهن جلادن جا اصل مقصد اهي هئا ته ڀٽوز کي عوام کان ڇني ڌار ڪيو وڃي ته جيئن سندن پارٽي جو سياسي رول ملڪ مان هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي. اسان جي نظر ۾ ڀٽوز جي قاتلن جا جيڪي مڪروهه مقصد هئا انهن ڀٽوز جي جان ته ورتي پر ان جي عوامي ڀلائي وارن نظرين کي ختم ڪري ڪونه سگهيا. پر افسوس ته خود پ پ پ جي موجوده سياسي والي وارثن ڀٽوز جي پارٽي ۽ پروگرام کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ علائقن مان ڄڻ ته سياسي طرح بيدخل ڪري اچي سنڌ تائين محدود ڪيو آهي.

اڄ جڏهن 27 ڊسمبر 2017ع تي محترمه جي ڏهين ورسي جي مناسبت سان سندس اڪيلو پٽ ۽ سياسي جاءِ نشين بلاول ڀٽو ۽ محترمه جو ور آصف علي زرداري، ڀٽوز جي آخري آرام گاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾گڏ ٿيندڙ هزارين سوڳوار ماڻهن جي هڪ قسم جي ماتمي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي، هڪ طرف محترمه جي زندگي سياسي ۽ حڪومتي ڪارڪردگي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي سرخ سلام ڪندا ته وري ٻئي طرف 2008ع کان 2013ع تائين پنهنجي وفاقي سرڪار ۽ اڄ تائين سنڌ حڪومت جي شاندار ڪارنامن جي واکاڻ ڪندي، حڪومتي ڪاميابين ۽ ڪامرانين ۽ خلق خدا کي بهشت جي جهولن ۾ جهولائڻ جا به ڊگها داستان ٻڌائيندا. ٻئي طرف پ پ پ  جي جيالن کي ايندڙ اليڪشن ۾ وفاق، چئني صوبن سميت گلگت بلدستان توڙي وادي ڪشمير تائين پنهنجي حڪومتون قائم ٿيڻ جون بشارتون پڻ ڏيندا. ها، باقي اها ڳالهه ڪونه ٻڌائيندا ته شهيد راڻيءَ جا اصل قاتل ڪير آهن؟ انهن کي تيار ڪنهن ڪيو؟ محترمه جي سيڪيورٽي جا ذميوار ڪير هئا، ۽ قاتلن سان اڄ تائين حساب ڪتاب ڇو نه ٿيو آهي؟

بهرحال، محترمه جي سياسي بصيرت حڪومت هلائڻ جو فن، عوام سان لاڳاپا، مخالف ڌر ۾ رهندي اپوزيشن جو بهتر ڪردار ادا ڪرڻ وارن گڻن، پرڏيهي ملڪن جي سربراهن سان بهتر ۽ مثبت سفارتي تعلقات قائم ڪرڻ ۽ انهن آڏو پاڻ مڃائڻ وارين خوبين کي اجاگر ڪرڻ هڪ آرٽيڪل ۾ سمائجن سو ممڪن ئي ڪونهي. پر تنهن هوندي به هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري ٿو ڀانيان ته، جڏهن محترمه پرڏيهه مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري واپس وطن پهتي ته صرف ٻن هفتن کان پوءِ ڀٽو صاحب جي حڪومت کي فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان هٽائي ملڪ تي مارشل لا مڙهي ڇڏي. ان خطرناڪ ۽ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ محترمه قانوني ۽ عوامي جدوجهد ۾ جنبي وئي. جنهن دوران محترمه ۽ سندس امڙ نصرت ڀٽو کي مختلف وقتن تي ڪجهه وقت لاءِ نظربند ڪرڻ جا واقعا پڻ رونما ٿيندا رهيا. افسوس ته ڀٽو خاندان جون عورتون ڀٽو صاحب کي قانوني جدوجهد ذريعي بچائي ڪونه سگهيون. هي اهو وقت هيو جڏهن ڀٽو جي گرفتاري ۽ شهادت واري ٻن سالن جي عرصي ۾ پ پ پ  ۽ ڀٽو کي ڪيترائي ان وقت جا اهم اڳواڻ ڇڏي ويا. جن مان ڪن وڃي ولايت جا وڻ وسايا، ته ڪن وري ضياءُ الحق جي مجلس شوريٰ جا ميمبر بڻجي، امير المئومنين ضياءَ الحق جي هٿ تي بعيت وڃي ڪئي. چوڻ جو مقصد ته ڪيترائي نالي وارا سياسي اڳواڻن محترمه کان سياسي ناتو ٽوڙي کيس ڄڻ ته اڪيلو ڪري ڇڏيو، پر پوءِ هن همٿ ڪونه هاري ۽ پارٽيءَ کي پوري ملڪ ۾ منظم ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ خيبر کان ڪراچيءِ تائين سياسي سرگرميون جاري رکيون. تان جو 1983ع ڌاري ايم آر ڊي جي سياسي پليٽ فارم تان مارشل لا هٽايو ملڪ بچايو، جي شاندار عوامي جدوجهد ۽ تحريڪ شروع ٿي وئي. ان تحريڪ ۾ سنڌ اندر محترم پليجو صاحب ۽ محمد فاضل راهو (شهيد) جي پارٽي عوامي تحريڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

جيتوڻيڪ؛ ان تحريڪ ۾ ضياءَ آڻ ته ڪانه مڃي، پر 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرايون. جن جو ايم آر ڊي ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين بائيڪاٽ ڪيو. تنهن هوندي به محمد خان جوڻيجو کي ملڪ جو وزير اعظم بنائي ضياءُ الحق خود صدر بنجي ويو. واضح رهي ته 80  جي ڏهاڪي جي وچ واري عرصي دوران محترمه پرڏيهه هلي وئي. جتي ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ واپس وطن ورڻ لاءِ جڏهن لاهور پهتي ته لکين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪري کيس اهو يقين ڏياريو ته، هو ضاءَ شاهي جي ڏاڍ ڏمر کان ڊڄڻ وارا ناهن. حقيقت ۾ عوام جي اهڙي جوش ۽ جذبي کان پوءِ خود محترمه کي به اڳي کان وڌيڪ خود اعتمادي ۽ ڀروسي واري قوت ملي وئي، ۽ هوءَ وري هڪ ڀيرو ٻيهر پوري ملڪ جي عوام سان رابطي واري مهم شروع ڪري ڏني. هتي نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها پڻ آهي ته، محمد خان جوڻيجي جي وزارت عظميٰ دوران راولپنڊي ڀرسان فوجي هٿيارن جي هڪ وڏي ڊيپو يا اوجڙي ڪئمپ کي خطرناڪ باهه لڳي وئي. نتيجي ۾ جتي اربين رپين جا هٿيار ضايع ٿي ويا اتي سوين ماڻهو اجل جو شڪار پڻ ٿيا. اهڙي ڀيانڪ واقعي جي جوڻيجو پاران عدالتي ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائي اصل صورتحال عوام آڏو آڻڻ جي ڳالهه ڪئي ته، جنرل ضياءَ جوڻيجي کي 58 ٽو بي واري آئيني شق تحت هٽائي ڇڏيو، ۽ ٽن مهينن اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اهي چونڊون جماعتي هجن يا غير جماعتي اهو اڃان طئي ڪونه ٿيو هو ته، 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق ڪيترن ئي ٻين جنرلن، فوجي اعليٰ عملدارن ۽ آمريڪي سفارتڪارن سميت هوائي حادثي ۾ پرزا پرزا ٿي ويو. جنهن کان پوءِ سينيٽ جي چيئرمين غلام اسحاق ملڪ جو قائم مقام صدر ٿيو. جنهن جماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرائي. چونڊن جي نتيجن جي مطابق پ پ پ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن حڪومت سازيءَ جو مرحلو سامهون آيو ته خبر ناهي ڪٿان، ڪن غيبي قوتن محترمه کي مجبور ڪري ڪن شرطن تحت حڪومت ڏني، انهن شرطن مان هڪ شرط اهو به هيو ته صدارتي چونڊن ۾ غلام اسحاق خان کي ڪامياب ڪرايو ويندو. اهڙي طرح رٽائر جنرل صاحبزادي يعقوب علي خان کي پرڏيهي وزير ، سينيٽر جاويد جبار کي وزير اطلاعات نشريات، محمود هارون کي سنڌ جو گورنر بنائڻ سان گڏوگڏ ايم ڪيو ايم جهڙي ضياءُ جي سياسي پٽيلي ۽ دهشتگرد تنظيم کي وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪومت جو حصو  بنائي من پسند ۽ اهم وزارتون ڏنيون وينديون. اسان جي نظر ۾ اهي ڏاڍا ڪڙا شرط هئا، جيڪي محترمه قبول ڪيا، پر پوءِ به سندس حڪومت کي سندس ئي پارٽي جي چونڊيل عيوضين جي ووٽن تي ڪامياب ٿيل، صدر غلام اسحاق خان ويهن مهينن اندر هٽائي ڇڏيو. هتي اها ڳالهه به وسارڻ جهڙي ناهي ته جنهن جنرل مرزا اسلم بيگ کي محترمه بحالي جمهوريت جي ايوارڊ سان نوازيو، ان به محترمه سان نڀاهه ڪونه ڪيو.

محترم جي حڪومت کي وقت کان اڳ ۾ ختم ڪرڻ کان پوءِ وري 1991ع ڌاري اليڪشن ٿي جنهن ۾ نواز شريف ڪاميابي حاصل ڪري حڪومت قائم ڪئي.  ان حڪومت کي به مٿي ڄاڻايل صدارتي اختيارن تحت ساڳئي ئي صدر هٽائي ڇڏيو. وري هڪ ڀيرو ٻيهر 1993ع ڌاري عام چونڊون ٿيون جن ۾ محترمه جي پارٽي سوڀ ماڻي، حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي پارٽيءَ ۽ ڀروسي واري جيالي فاروق احمد لغاري کي صدارتي مناسب تائين پهچايو.  پر هن به غلام اسحاق واري روايت کي برقرار رکندي پنهنجي محسن جي حڪومت کي وقت کان اڳ ۾ ختم ڪري ڇڏيو. هتي هڪ افسوسناڪ واقعو محترمه جي حڪومت دوران سندس ئي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت وارو واقعو پيش آيو. ستم ظريفي جي ڳالهه اها به آهي ته مير جي شهادت جو الزام به محترمه جي حڪومت تي فاروق لغاري مڙهيو.

پاڻ مٿي جن ڏکوئيندڙ ۽ ڪڙين حقيقتن جي ڳالهه ڪري آيا آهيون. اهي پنهنجي جاءِ تي اڻ وسرندڙ ۽ ڏکوئيندڙ آهن. پر سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جتي ڏهن سالن تائين محترمه جا قاتل ڪيفر ڪردار تائين نه پهتا آهن. اتي ڀٽوز جي ريٽي رت جي ريج مان تيار ٿيل پ پ پ کي سندن موجوده قيادت عوام کان ڪٽي صرف ڀوتارن، سردارن، جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ پيرن، ميرن جي اوطاقن ۽ حويلين تائين سڪڙائي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، سو به سنڌ تائين. اڄ جڏهن محترم جي ڏهين ورسي جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندڙن جا جوهر جڏهن ڀٽوز جي روحن تائين پهچندا ته اهي ڇا محسوس ڪندا. ته ڇا واقعي هيءُ 1967ع واري پ پ پ آهي؟ جيڪا اڄ ڀوتارن جي رحم ۽ ڪرم تي پويان پساهه پئي کڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے