12 بدھ , دسمبر 2018

ٻيجل جي تند جو رکوال راڳي سرمد سنڌي

ڪوثر سنڌي

اڄ وري منھنجو قلم ھڪ اھڙي مھان ۽ بھادر ڪردار تي لکي رھيو آھي،جيڪو ڪنھن لفظن جو محتاج ته ناھي ، نه ئي اعلي ۽ خودار ڪردار ڪنھن انعام يا لفظن جا محتاج  ٿيندا آھن. منھنجي قلم ۾ ايتري قوت ۽ سگھه ناھي، جو مان اھڙي دلير ڪردار کي صحيح لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي سگھان،  ھي ڌرتي امر آھي، ھن کي جنھن ب سيني سان لڳايو آھي ، ڌرتي ان کي صدين لاءِ  امر بڻايو آھي، بقول سرمد جي ته "مون  ڌرتيءَ تنھنجا گيت ڳاتا، تڏھن مون سان اڄ شام ملھائي وئي، ھي شام نه ھئي سمجھاڻي ھئي جا سمجھائي وئي،”

ڪنھن عظيم ڪردار تي لکڻ ڪيترو ڪٺن ڪم ٿيندو آھي، ان کي فقط ھڪ قلم ڪار ئي محسوس ڪري سگھي ٿو، ڇو ته جيڪڏھن ان عظيم ڪردار کي ڪو قلم ڪار صحيح لفظن ۾ پوئي نٿو سگھي، ته اھو قلم ڪار پوءِ  ان ڪردار آڏو ھميشه شرم سار رھجي ٿو وڃي! سرمد سنڌي يقينن ھي نالو ڪنھن تعريف جو محتاج ناھي ، پر ھن نالي سان سلهاڙيل ڪردار جي زندگي ،بابت ان جو اڀياس ورجائڻ اسان لاءِ ۽ اسان جي ننڍي نسل لاءِ انتھائي ضروري آھي۔ ڇو نه پوءِ  انھيءَ  بھادر ڪردار جي زندگي جو پھرين اڀياس ڪجي،!

سرمد سنڌي جي زندگي جو سفر ڪئين گذريو ؟ اچو ته اڳتي پڙھون ! سرمد سنڌي جنھن جو اصل نالو عبدالرحمان مغل، ولد حيات علي مغل ،سرمد جي جاءِ پيدائش پريالوءِ ضعلو خيرپور ميرس، ڄمڻ جي تاريخ اصل ست مئي 1958ع ۽ سرٽيفيڪٽ تي لکيل ڄمڻ جي تاريخ ست جولاءِ  1961 ع سرمد جو نالو اصل نالو عبدالرحمان مغل ، تجويز ڪندڙ ھاليجوي بزرگ، ۽ وري سرمد نالو تجويز ڪندڙ ، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف جي ايم سيد، سرمد جو ننڍ پڻ ۾ سڀ کان وڌ شوق ؟ چنگ وڄائڻ ، سرمد پنھنجي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پنھنجي اباڻي شھر پريالو مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن وڌيڪ تعليم لاء يعني ڊپلوما سول انجنئرينگ جي داخلا گورنرمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج خير پور ميرس ۾ ورتي ۽ اتان 1979۽80  ڌاري حاصل ڪئي،

سرمد پنھنجي فن جي سکيا استاد سليمان ٻرڙو،قائم الدين کورکاڻي، استاد مجيد خان، ۽ شاھد بزمي ء ، کان ورتي ، سرمد ريڊيو ٽي وي تي پنھنجي فن جو آغاز 1985ع کان ڪيو، سرمد سنڌي ، ٽي وي تي سڀ کان پھرين گيت او بگا لولي ، رات آئي وئي ، تنھنجي ياد جي وري آوير رڪاڊ ڪرايا،

سرمد سنڌي اھڙو انقلابي راڳي ھو جنھن پنھنجي قوم ۾ قومي بيداري پيدا ڪئيم سرمد پنھنجي ڪوئل جھڙي مٺڙي آواز سان لکين مداحن جي دلين تي راڄ ڪيو، هن پنھنجي سنگيت وسيلي پنھنجي  سنڌي قوم جي ۽ سنڌ جي ڏکن جي ترجماني ڪئي،

سرمد سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ چوڏھين جي چنڊ جيان چمڪي ڏيکاريو ، ۽ اھا چمڪ صديون ھن ڌرتيءَ تي پنھنجي چمڪ جا ڪرڻا چٽيندي رھندي ، ھزارين راڳي ھن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندا رھيا ، جن پنھنجي فن وسيلي پنھنجون خدمتون ارپيون، پر سرمد پنھنجي فن پارن کي اھڙي ريت ھن ڌرتيءَ کي بيان ڪيو ، شايد ئي اڳ ڪو راڳي پيش ڪري سگھيو ھجي.

سرمد جي آواز کي بچپن کان ئي ڪا امڙ جي لولي ڏنل ھئي ، جنھن سنگيت جي دنيا ۾ اعلي مقام تي آڻي پھچايو .

سندس ڳائل گيت ”گھور وڃي توتان ماءُ “ اڄ به سرمد جي لکين مداحن کي موھي وجھي ٿو ، چيو ويندو آھي ت ڪلا سورج اڀاري ٿي ، اھو چوڻ ۾ ڪو واڌارو ن ٿيندو ته سرمد انقلابي سنگيت کي سج جئيان اُڀاري ڏيکاريو، سرمد پنھنجي انقلابي سنگيت ۽ ڏکوئل درتيءَ جي ماروئڙن کي وڌ کان وڌ ٽائيم ڏنو ، هن پنھنجي ڌرتي ماءُ جي سرويچن پٽن کي به نه وساريو، هن جي فن پارن ۾ سيد جا لاڏا جمالا به تعريف جوڳا آھن،

سرمد جو راڳ ته پنھنجو مٽ پاڻ آھي، پر سرمد جون سنڌي ماڻھن سان مالي مددون به ان جي ڪردار جو ڏس ڏين ٿيو ته ھو ماڻھو ڪو مور ھو ،

سرمد جي ننڍڙي ٻارن کان ويندي پيرسن ماڻھن سان ايتري ته محبت ھئي ، جنھن جا مثال اڄ به سنڌ جي جھر جهنگ وستي وستي واھڻ واھڻ ۾ ملي سگھن ٿا،

اڄ اھو اڀاڳو ڏينھن پنھنجو ڪر کڻندو جنھن اسان کان اھڙو دودو ڪردار کسيو ھو، ھونئن به ھي ڊسمبر جڏھن بج وريو آھي اسان کي فقط هن لڙڪ ئي جھولي ۾ وڌا آھن، جن لڙڪن کي وھائيندي اکين ۾ گھارا پئجي ويا آھن، پر ھي ڊسمبر پنھنجي ڪرت کان باز نه آيو آھي، سرمد ھڪ وڏي شخصيت آھي، جنھن کي آئون ناچيز معمولي ليکڪ ڪھڙي ڀيٽا ڏئي سگھندس منھنجي قلم ۾ اھا ڀيٽا واري سگهه نه آھي ، ھڪ ياد آھي جنھن کي آئون ساھ جي آخري گھڙي تائين وساري ن سگھندس منھنجا ڀاءُ سرمد ڌڻي در دعا آھي ته ڌڻي توھان کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري موت فطري عمل آھي جسمن جا وڇوڙا ٿيڻا آھن جنھن کان انڪاري ناھيون ، بس اھو اڀاڳو ڏينھن ورڻو هئو، جيڪو وري لکين مداحن ۽ پرستارن کي کائڻ  آيو، آخر ۾ بس ايترو لکندس ڀاءُ

ڇا قوم تي لکان مان ڇا حسن تي لکان مان،

افسوس زندگي ھڪ پورو نٿو پوان مان،

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے