15 ہفتہ , دسمبر 2018

انصاف جو منتظرهڪ قتل

امير ڀنڀرو

دنيا ۾ هزارين اهڙا انسان آهن جن ۾ سوين خوبيون آهن، دنيا ۾ سوين اهڙيون شخصيتون آهن جن ۾ هزارين خوبيون آهن ۽ دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙيون اهڙيون شخصيتون آهن جن ۾ لکين خوبيون آهن، جن خوبين سان انهن شخصيتن نه صرف پنهنجا گهر، محلا، شهر، صوبا ۽ ملڪ سنواريا آهن پر هو دنيا ۾ روشين جو رستو رهيا آهن،  دنيا ۾ ترقين جي خواب جي تعبير رهيا آهن،  انقلاب اصول، عوام جي ترقي عوام جا حق معاشري جو آواز ۽ دنيا ۾ هر جنم جو اهو جنم رهيا، جنهن مان هر جنم هر اهڙي روشنين جي لاٽ نڪرندي نظر ايندي آهي، جنهن مان ايندڙ سوين نسل روشنيون وصول ڪندا رهندا آهن، انهن آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن دنيا جي عظيم انسانن مان سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سڀ کان اول صف جي اها عظيم ليڊر ٿي رهي،  جنهن ۾  خوبين جي سگهه ايتري وسيع هئي جو هوءَ دنيا جي سگهه بڻجي وئي، هو دنيا جو آواز هئي، هو دنيا جو شعور هئي، هو دنيا جي اها دولت هئي جيڪا پوري دنيا لاءِ  روشين جي راهه بڻي هئي.

دنيا جي عظيم انسان ذوالفقار علي ڀٽي جي روشين مان روشني وٺندڙ محترمه بينظير ڀٽو  شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سوچن کان به  تمام اڳتي نڪري وئي،  هن جي پنڪي دنيا جي اها عظيم عورت بڻجي وئي جنهن لاءِ دنيا جا سڀ اعزاز ننڍا لڳندا آهن، دنيا جا سڀ ايوارڊ معمولي لڳندا آهن، محترم بينظير ڀٽو دنيا جي اها عظيم شخصيت هئي جيڪا ايوارڊن ۽ اعزازن جي محتاج نه هئي، هن جي نالي سان منسوڪ ٿيندڙ ايوارڊ ۽ اعزاز ڪنهن به محترم کي ملڻ کانپوءِ  قد وارا ٿي ويندا هئا، سياسي سفر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهندڙ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست کي پوري دنيا اندر اهڙو ته مڃرايو  جو پوري دنيا کي لڳندو ئي نه هو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کانپوءِ هن  جي سياسي سفر ۽ مقبوليت ۾ ڪا ڪمي آئي آهي، هن پوري دنيا کي اهو ڏيکاريو ته ڏسو ڀٽي جو نالو نشان مٽائڻ وارو  ختم ٿي ويندو پر ڀٽو ته صدين تائين ذهنن ۾ رهندو، گهرن ۾ رهندو، گهٽي گهٽي ۽ محلن سميت پوري دنيا ۾ روشن رهندو.

محترم بينظير ڀٽو سنڌ جي نه، ملڪ جي نه پر هو دنيا جي اها سياسي روشني ثابت ٿي جنهن پوري دنيا کي ٻڌايو ۽ سيکاريو هو ته سياست ڪيئن ٿيندي آهي، ترقي ڪيئن ٿيندي آهي، معاشرا سنواربا ڪيئن آهن، ملڪ ڪيئن ٺاهبا آهن، ملڪ  ڪئين هلائبا آهن، جتي پوري دنيا ۾ اهي ڳالهيون ڳائبيون هيون ته هڪ عورت ملڪ ڪئين هلائي سگهي ٿي، اتي محترمه بينظير ڀٽو اهو ثابت ڪيو ته دنيا ۾ عورت جو مقام به سڀ کان مٿاهون آهي ، هن عورت ٿي دنيا کي ڏيکاريو هو ته عورت به حڪومت ڪري سگهي ٿي، عورت به ڪنهن کان گهٽ نه آهي،  محترمه بينظير ڀٽو دنيا آڏو اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته  عورت  ئي معاشري کي سنواري ۽ مهڪائي سگهي ٿي،  هن ڳالهين ذريعي نه پر عملن معرفت دنيا کي ڪري ڏيکاريو.

محترم بينظير ڀٽو پوري دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندي هئي، هن جي ذهانت ۽ سياسي ڏاهائپ جي پوري دنيا ۾ هاڪ  هئي،  هن جو سياسي پسمنظر پوري دنيا ۾ پڙهيو ۽ وڏي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ذوالفقار علي ڀٽو جي سکيا جي  سياسي چڻنگ مان سياسي ممڻ مچائيندڙ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ذهانت سان وڏيون منزلون ماڻي وئي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي ٻه ڀيرا وڏي اڪثريت سان چونڊيل  وزيراعظم ٿي پر هن جي اقتدار جو تختو ٻئي ڀيرا اونڌو ڪيو ويو، اسان جڏهن عالمي طور عظيم شخصيتن  جي ڳالهه ڪنداسين ته اسان کي  عظيم شخصيتن جي لسٽ ۾ سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو سڀ کان اول نظر ايندي، جيڪو اعزار سنڌ جو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو سنڌ کي اهو مقام ڏنو ۽ سنڌ کي اهو اعزار بخشو ته پوري ايشيا جي پهرين عورت وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو ٿي، جيڪا سنڌ ڄائي هئي، محترم بينظير ڀٽو دنيا جي اها سياستدان هئي جنهن سياست جي دنيا ۾ سياست کي فخر ڏنو،  جنهن عورتن جي دنيا ۾ عورتن کي فخرسان نوازيو، جنهن انسانيت جي دنيا ۾ انسانيت کي فخر ڏنو ، هن لاڙڪاڻِي کانپوءِ پوري سنڌ ۽ پوري پاڪستان جو فخر سان ڪنڌ مٿي ڪيو، محترم بينظير ڀٽو هرلحاظ کا ن فخر جهڙي عظيم شخصيت هئي، جنهن پنهنجي حياتيءَ پوءِ شهادت کي به فخر ڏنو، هن شهيد ٿيندي به پوري دنيا آڏو اهو نياپو ڇڏيو ته ڏسو شهادت ڪيئن ٿيندي آهي، شهادت ان کي چئبو آهي،  اسان جڏهن محترمه جي قربانين ۽ انهي جي شخصيت جي ڳالهه ڪنداسين ته اسان کي پنهجا سڀ لفظ اڌورا لڳندا، ڇو جو هن دنيا جي سياست ۾ اهو پورهيو ڪيو، جنهن پورهئي جو ڪو به مثال نٿو ملي، اهڙي شخصيت سان عوامي محبت جو اظهار به اهڙو ئي رهيو، جهڙو عوامي محبت جو اظهار شهيد ذالفقار علي ڀٽو ۽ محترم بينظير ڀٽو جو هو،  اهڙي عوامي شخصيت سان عوام جي محبت جو مثال انهي مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سازشي قوتن محترمه بينظير ڀٽو کي ڏهه سال اڳ سرعام قتل ڪيو هو ته عوام جي سمنڊ جا ڳوڙها ۽ ڏک جي لهر پوري دنيا کي جهوري وڌو هو، محترم بينظير ڀٽو جو قتل پوري دنيا جي سياست جو قتل هو پوري دنيا ۾ عورتن جي سجاڳيءَ جو قتل هو سياسي شعور جو قتل هو انهي قتل جا پيرا هر شخص جا قاتل آهي، انهي قتل جي سازشن سنڌ جي ڪروڙين عوام جي جذبن جي قتل جي قاتل آهن، اسان جڏهن اهڙي عالمي سياست جي مهان شخصيت جي ڳالهه ڪنداسين ته اتي انهي قتل جي پيرن جي ڳالهه به ٿيڻ گهرجي، جنهن جي قتل جا پيرا سامهون هجڻ باجود به قانون جي جڪڙ ۾ نه اچي سگهيا آهن.

پهريان ته انهي جي قتل کي هيرا ڦيريءَ واري گاڏي ۾ سالن جا سال ڦيرائي ڦيرائي قتل جا پيرا به مٽائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي، محترم جي قتل ۾ نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه هي آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جڏهن جلاوطنيءَ کانپوءِ ڏيهه آئي هئي ته هن ڪجهه ڏينهن اندر ئي اهي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته منهجي جان کي خطرو آهي ۽ هن اهي نالا به ٻڌايا هئا ته  مونکي ڪجهه به ٿئي ته انهي جا ذميوار اهي هوندا جيڪي هن نالا ٻڌايا هئا،  اسان جي حڪمرانن هڪ اعليٰ سطحي جاچ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم کان به ڪرائي، جنهن مان قاتلن جي پهچڻ تائين وڏي مدد ملي ۽ قتل جا پيرا سامهون اچي ويا پر پوءِ به محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل قانون جي پڪڙ کان گهڻو پري آهن، جڏهن ته محترمه بنظير ڀٽو جي قتل تي تحقيقات لاءِ اسان جي ملڪ ۾ ٻه جي آءِ ٽي ٽيمون به جوڙيون ويون جنهن کان پوءِ به محترمه جا قاتل آزاد آهن.

محترمه جي قتل پويان ڪهڙيون سازشون آهن، ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي  اسان جو عوام 10 سالن کان ٻڌڻ ۽ ڏسڻ چاهي ٿو آخر اسان جا حڪمران اهو ٻڌائڻ ڇو نه ٿاچاهين ته محترمه جي قتل پويان ڪهڙا هٿ ۽ سازشون آهن، جيڪي سامهون هجڻ باوجود به  عوام ۽ قانون جي پهچ کان گهڻو پري آهن هڪ جاچ اهڙي به ٿيڻ گهرجي ته 10 سالن کان انصاف جي منتظر هڪ قتل جا پيرا آخر قانون کان ڏاڍا ۽ آجا ڇو آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے