18 جمعرات , اکتوبر 2018

بينظير! جنهن جو ڪو مَٽ ناهي

يوسف سيف

لفظ ”بينظير “ جو مطلب بي مثال آهي،  شاهوڪار سنڌي ٻولي جي جهوليءَ ۾ ان جي وضاحت هئين به ٿي سگهي ٿي، بينظير معنيٰ جنهن جو ڪو مٽ نه هجي، نعم البدل نه ٿئي، عيوضو نه هجي، جنهن جو ڪو ثاني نه هجي، جنهن جو ڪو ٻيو نه هجي، ڪو ان جي بدران نه هجي، وغيره جنهن جي سولائي سان سمجهاڻي اها ٿيندي ته اها /اهو واحد هجي، ان کانسواءِ ٻيو نه هجي.

نالن جو شخصيت تي ڪيترو اثر ٿيندو آهي، ٿيندو به آهي يا نه، ان بابت مختلف ڌرين، نظرين، پوئلڳن جا جدا جدا رايا آهن، ان لاءِ مقرر فارمولو نه آهي، تنهن هوندي به ماڻهو پنهنجي ورهين جي تاريخي پس منظر ۾ نالن جي معنيٰ جو شخصيت تي اثر وارو خيال قبولين ٿا، ڪيترن ئي ٻارن جا نالا سندن مائٽ، عاملن، علم فلڪيات ۽ تاريخي پس منظر جي لحاظ سان ڪردارن جي ڪري بدلائين ٿا، اهو به مڃين ٿا ته ڪي نالا هلڪا ۽ ڪي ڳرا هوندا آهن، هاڻوڪي سماجي جوڙ جڪ ۾ موجود انيڪ ماڻهو اهو تسليم ڪن ٿا. انهيءَ صورتحال، پس منظر ۽ تاريخي ورثي  کي سمجهڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته، محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت تي سندس نالي جو وڏو اثر هيو، هوءَ بينظير هئي، هوءَ واقعي بيمثال هئي، بينظير جي زندگيءَ جي ڇيد ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڏسبو ته پوءِ اها صفا ننڍڙي ڳالهه ٿي پوندي. هن جي  خوبين، صفتن، ڳڻن، چڱاين کي لفظن جي لباس ۾ آڻي هڪ حد تائين ان جي تصوير پيش ڪري سگهجي ٿي، پر کيس مڪمل طور چٽو ڪرڻ ممڪن نه آهي.

ٿي سگهي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت منجهه ڪٿي ڪو هڪ روائتي سنڌي ماڻهو پڻ موجود هجي، جيڪو پنهنجن خاندان جي وڏڙن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکي انهن مان آسيس پرائيندو هجي، تڏهن ئي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پهرين نياڻيءَ جو نالو بينظير رکيو هو، ڇاڪاڻ جو بينظير سندس ڀيڻ هئي ۽ اها ننڍپڻ ۾ ئي گذاري وئي هئي، پنهنجي هڪ پٽ جو نالو پنهنجي ڏاڏي مرتضيٰ جي يادگيريءَ طور ۽ ٻئي پٽ شاهنواز جو نالو پنهنجي ئي والد سر شاهنواز جي نسبت سان رکيو هو.

اهو ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته انسان فاني آهي جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي ان کي ڊهڻو آهي، موت مهڻو نه آهي، جيڪو آيو آهي ان کي وڃڻو به آهي ،پر ماهرن جو خيال آهي ته انسان مئي پڄاڻان پاڻ کي ياد رکرائڻ چاهي ٿو، انسان جي من جي ڪنهن حصي ۾ اهو خيال بهرحال ويٺل آهي ته جڏهن هو جسماني طور موجود نه هجي پوءِ به هن کي ياد ڪيو وڃي، ان مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته انسان امر ٿيڻ چاهي ٿو، امر بڻجڻ چاهي ٿو، ان ۾ ضرور ڪا تسڪين آهي جو انسان جي انتهائي پيچيده ذهن جي ڪنهن گوشي ۾ اهڙو خيال موجود آهن، ڪيترائي ماڻهو اهڙين خوبين ۽ ڳڻن وارا ٿي گذريا آهن، جن کي وقت جي وڏي وٿي باوجود ياد رکيو وڃي ٿو، تاريخ جا ڪتاب اهڙن امر ماڻهن سان ڀريا پيا آهن.

امر بڻجڻ جي لاءِ انسان ڪيترائي ڪشالا ڪڍيا آهن، وڏيون رياضتون ڪيون آهن، جاکوڙ ڪئي آهي پاڻ ماري به پنهنجو نالو نشان، علامت ۽ خوبي ڇڏي آهي، جنهن کي ياد ڪيو وڃي ٿو، هڪ خيال سان شهيد امر سمجهيا ويا آهن. چيو وڃي ٿو ته جيڪو پنهنجي خيال يا نظرئي تي ڄمي بيٺل هجي ۽ ان دور ،ان وقت ،ان جوڳ .جڳ جا مڃيندڙ کيس تسليم نه ڪن، پوءِ به هو پنهنجي خيال، حق ۽ پنهنجي شعوري معراج تان نه هٽي، اهو پنهنجي خيال، حق جي نظرئي تي  ڪاربند هجي، ماريو وڃي، اهو پنهنجي صادق نظرئي جي لاءِ حياتي قربان ڪري ڇڏي، سو شهيد آهي، سندس موت هن جي صادق هئڻ جي شهادت ، گواهي هوندي آهي.  پاڻ سڳورن فرمايوهو ته ماڻهو صالح اولاد ۽ اهل ڪتاب هجي ته مئي پڄاڻا به زنده رهي ٿو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پٺيان صالح اولاد ۽ پنهنجي، مثبت نظرئي، حق واري واٽ جي روايت ڇڏي، ان ڪري ئي هو اڄ به امر آهي. بينظير ڀٽو به پنهنجي پيءَ وانگر اها روايت قائم رکي، سندس پينگهي کان قبر تائين جي زندگيءَ واري وقفي وچ ۾ هن ڪيترائي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو عوام کيس ڪڏهن وساري نه سگهندو، جنم کان وٺي 1977ع دوران هو پنهنجي مفڪر والد جي تربيت هيٺ رهي، زندگيءَ گذارڻ جا سمورا فن۽ هنر سکيا، جنهن ڪري هن جي شخصيت ۾ سندس پيءَ واريون گهڻيون ئي خوبيون موجود هيون.

اها به عجيب ڳالهه آهي جو ذوالفقار علي ڀٽي کي سندس والدين سفارتي ميدان ۾ موڪلڻ پئي چاهيو ۽ بينظير ڀٽو جي لاءِ به سندس والدين اهڙو ئي خواب ڏٺو هو، قسمت جي ڪاتب هنن ٻنهي جي لاءِ سياست جي ميدان ۾ پاڻ ملهائڻ لکيو هو، ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءَ پنهنجو نالو روشن ڪيو، هو وڏ گهراڻا هئا، عوامي سياست ڪئي، عوام جا ڀرجهلا ٿيا، ذوالفقار علي ڀٽو به پنهنجي نظرئي، ڳالهه ۽ فڪر تي ڄمي بيٺل رهيو هن  دليلن سان پنهنجي ڳالهه پيش ڪئي، بينظير ڀٽو به سموري ڄمار ‘‘ٿي تند وڙهي تلوارن سان ’’مخالفن سان ويڙهه ۾ رهي، هن عوام جي وڪالت لاءِ لفظن، دليلن کي پنهنجو هٿيار بڻايو.

فطرت، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ ، موسمون ۽ حالتون انسان جا استاد آهن، زمانو به انسان جو استاد آهي، اوائلي انسان هميشه سکندو رهيو، هن تي دنيا جا ڪيترئي اسرارن جا راز کلندا رهيا.

بينظير ڀٽو پنهنجي والد جيان متحرڪ رهي، ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ چيو ويندو هو ته هو ننڊ گهٽ ڪندو هو، پڙهائي ۾ تيز هو، مشاهدو ڪمال جو هو، عوام جي اندر کي پڙهي وٺندو هو، بينظير ڀٽو ۾ به اهي خوبيون سندس والد کان ڪجهه سرس هيون، ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي سياست کيس عالمي سطح جي مقبوليت ڏني، هن ليڊ ڪيو، هن پنهنجي مشاهدي، علم، فڪر ۽ عملي جدوجهد سان منجهيل ۽ موڳي سماجي ڍانچي مان نوان گس ۽ واٽون ڪڍيون، بينظير ڀٽو کي پنهنجي والد جي غالب شخصيت سان گڏ رهندي وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي، تڏهن ئي کيس عالمي سطح جي مڃتا ۽ مقبوليت نصيب ٿي.

ڳالهه هميشه نسبتي هوندي آهي، محترمه جي حصي ۾ زندگيءَ ۾ سک گهٽ، ڏک وڌيڪ آندا، پر هن بهادر نياڻيءَ وک وک تي ،قدم قدم تي ڏکن، ڏاکڙن ۽ حالتن سان جيڪو مقابلو ڪيو، تنهن جو مثال گهٽ ئي ملي ٿو، ان ڪري ئي هو بينظير آهي، بي مثال آهي، تنهن ڪري ئي هن جو ڪو مٽ نه آهي، سندس ڪو ثاني نه آهي.

هڪ عورت، هئڻ جي ڪري به هن تي وقت، اضافي ذميواريون وڌيون، پر هن ڪڏهن به ان جي شڪايت نه ڪئي، ‘مون پنهنجي زندگيءَ جي پاڻ چونڊ نه ڪئي آهي، قدرت، منهنجي لاءِ هي زندگيءَ چونڊي آهي’، بينظير پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب‘پورب ڄائي’ ۾ لکيوهو.

بلوغت، کي پهچڻ وقت سندس والد وزيراعظم جي حڪومت ڊاٿي وئي، هن تعليم مڪمل ڪئي، ڏکيا ڏينهن آيا، خاندان وکري ويو، ماءُ ۽ ڌيءَ کي بند ۾ رکيو ويو، پيءَ کي هڪ تڪراري عدالتي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي، اڃا اهو ڏک، لٿو ئي نه هو جو سندس ننڍي ڀاءُ کي ماريو ويو، ان جي 12 سالن کانپوءِ سندس ٻئي ڀاءَ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، عوام جي ووٽن سان اقتدار حاصل ڪرڻ باوجود جهنگل جي ٽولي هن جي حڪومت ڊاهي ڇڏي، پنهنجو ڪيس دليلن، ثابتين ۽ ثبوتن سان پيش ڪرڻ باوجود هن جي هڪڙي نه ٻڌي وئي، ذهني طور دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ سندس ورکي باندي بڻايو ويو، پر هن ثابت قدم نياڻيءَ ”ڏنا جي ڏاتار سي مون جهولي پائي جهليا“، وقت، حالتون هن لاءِ جيتريون ڏکيون ٿيون، هن ايترو ئي صابر ۽ شاڪرٿي منهن ڏنو، جتي گهڻن جا ايمان مهمان ٿي ويندا آهن، ڪيترن جا ارادا لڏي ويندا آهن، ڪيترائي جهڪي پوندا آهن اهڙين حالتن ۾ به هوءَ سرخرو ٿي، هوءَ سوڀاري ٿي، هوءَ اڳتي وڌي ۽ وڌندي رهي.

ڇهن ڏهاڪن جي وقت واري وٿي ۾ سهيڙيل هن پورب ڄائي بينظير (بي مثال ) جي سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ ڪوڙ ۽دوکي جي ديوار کي ڊاهڻ لاءِ ٿوري هئي يا گهڻي پر هو پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪم ڪري وئي، عوام جي سک ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪي بنياد رکيا، ڪي گس جوڙيا، ڪجهه اصول، قاعدا ۽ قانون ترتيب ڏنا. سندس جدوجهد، فڪر ۽ سچائي ۽ اورچائي جو رهندي دنيا تائين مثال قائم رهندو، اها ئي زندگيءَ جي جيت آهي، ان سان ئي انسان امر بڻجي ٿو. سندس نالي جي اثر ڪري، هوءَ اهڙي بيمثال، بينظير آهي، جنهن جهڙي ٻي نه ٿي سگهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے