18 جمعرات , اکتوبر 2018

آءِ فون سست ڪرڻ جو اعتراف: ايپل اسمارٽ فون جي وڪري ۾ گھٽتائي

تائيوان (ويب ڊيسڪ) ايپل ڪمپني طرفان آءِ فون کي ڄاڻي واڻي سست ڪرڻ جي اعتراف بعد ايپل جي فون جي وڪري ۾ گھٽتائي اچي وئي. عالمي ميڊيا موجب گھٽ ۾ گھٽ شين جي حد تائين نئين اسمارٽ فون جي طلب ۽ وڪري ۾ واضح گھٽتائي نظر اچي رهي آهي جيڪا ڪرسمس ۽ خريداري باوجود پهريان کان ڪافي گھٽ آهي. تائيوان جي اڪنامڪ ڊيلي به اعتراف ڪيو آهي ته هن سال ايپل ڪمپني جي تيار ڪيل جديد ترين اسمارٽ فونن جي وڪري تي به اثر پيو آهي. اميد آهي ته ايندڙ ٽي مهينن ۾ آءِ فون ايڪس جا ٽي ڪروڙ يونٽ وڪرو ٿيندا جڏهن ته شروعاتي اندازو هو ته شايد پنج ڪروڙ فونون خريد ڪيون وينديون تنهن هوندي هينئر تائين ايپل آءِ فون ايڪس جي وڪري جو انگ نه ٻُڌايو ويو آهي. ٻئي طرف آمريڪي تجربي ڪار ڪمپني جي ايل وارن ڪيپيٽل مايوسي جي خبر ٻُڌائيندي چيو آهي ته آءِ فون ايڪس جي قيمت تمام گھڻي آهي. جنهن جي ڪري ان جي وڪري ۾ گھٽتائي ٿي، ايندڙ ٽن مهينن ۾ رڳو اڍائي ڪروڙ يونٽ ئي وڪرو ٿي سگھندو. ان جو سبب ايپل طرفان اهو اعتراف آهي ته هو پنهنجي فون کي سست ڪري رهيا آهن. ايپل ڪمپني اهو اعتراف پڻ ڪيو آهي ته اهو عمل صارفن کي ٻُڌائي بنا ڪيو ويو تنهن هوندي ڪمپني چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ان جو مقصد صارفن کي نئين فون وٺڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيون. ڪمپني وڌيڪ چيو ته آءِ فون جي صلاحيتن ۾ گھٽتائي حفاظت لاءِ ڪئي وئي جيڪڏهن آءِ فون کي وقت سان گڏوگڏ سُست نه ڪيو وڃي ته هو جلدي ئي ٽُٽي پوندي يا وري هر هر بند ٿيڻ جي شڪايت سامهون اچي سگھي ٿي. ان اعتراف کانپوءِ ڪيترن ئي صارفن ۽ ريٽيلرز ايپل تي قانوني ڪيس جو خيال به ظاهر ڪيو جنهن سان ڪمپني جي ساک وڌيڪ متاثر ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آخري ڪتاب”بريف آنسرز ٽو دي بِگ ڪوئسچنز “ پڌرو ٿي ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ) اسٽيفن هاڪنگ جو نئون ڪتاب پڌرو ٿي ويو آهي جنهن کي ”بريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے