18 جمعرات , اکتوبر 2018

شريف ڀائرن جي پڪڙ ضرور ٿيندي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان وٽ گورننس ۽ احتساب کانسواءِ اڳتي هلڻ جي ڪا به گنجائش ناهي، شريف ڀائرن جو ملڪ ۾ ڪو به مستقبل ناهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي قانوني ماهر بابر اعواڻ چيو ته چيو پيو ويو پاناما ۾ ڪير به نواز شريف کي نٿو پڪڙي سگهي، سندس پويان وڏي طاقت آهي پر هو پڪڙيو ويو، احتساب جو عمل شروع ٿيو آهي، يقين آهي ته هاڻ اهو سلسلو جاري رهندو ۽ شهباز شريف جيل ويندو. سندس چوڻ هو ته ننڍو ڀاءُ شو بازي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته وڏو ڀاءُ ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي پڪڙ ضرور ٿيندي. هن چيو ته پاناما ڪيس ۾ جي آءِ ٽي کي سڄي قوم ساراهيو، ادارن ۾ سٺا ماڻهو هاڻ به موجود آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے