23 منگل , اکتوبر 2018

شيخ اياز جو فڪر

ڊاڪٽر عابدا گهانگهرو

شاعر، اديب ۽ عالم پنهنجي ديس ۽ قوم جا رهبر هوندا آهن، هو پنهنجي مشاهدي سان پنهنجي موجوده وقت ۾ عملي ۽ ايندڙ وقت لاءِ نظرياتي رهبري ڪندڙ هوندا آهن.

جيڪڏهن ڪو سوال ڪري ته آخر ڇو  شاعر پراڻا ساڳيا سڳيا قصا/ڪهاڻيون ورجائي ورجائي بيان ڪندا آهن ته منهنجو خيال آهي ته جيئن معصوم ٻارن کي پنهنجو انتهائي ويجهو ۽ مستقبل جو معمار سمجهي کين صحيح ۽ ڀرپور ڄاڻ ڏيڻ لاءِ حقيقي مثالن سان ڳالهيون سمجهايون وينديون آهن، ايئن ئي شاعر پنهنجو پيغام قوم کي پهچائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ، سماج ۾ اڳ کان ئي عام ٿيل قصن/ڪهاڻين ۽ داستانن جي تمثيل ذريعي عوام کي پنهنجي مشاهدي مان حاصل ڪيل تصور، نظريا ۽ فڪر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

شاعر جو هڪ هڪ لفظ پنهنجي اندر هڪ تمثيل رکندڙ هوندو آهي ۽ سندس لفظن جي روشني رهبريءَ جو رستو ٻڌائيندي ويندي آهي، جنهن شاعر جو ناتو پنهنجي ديس جي ڌرتي عوام، تهذيب، تمدن ۽ ڌرتيءَ تي اُسرندڙ هر ننڍڙي کان ننڍڙي ۽ وڏي کان وڏي قدرتي وکر توڙي سندن ريتن رسمن، هنرن، روين، قدرن، احساسن، اُمنگن سان گڏوگڏ ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان جڙيل هر فطري توڙي عير فطري مٿين ڳالهين سان ويجهو ۽ ڳنڍيل هوندو آهي، اهو ئي شاعر انهن تمثيلن ۾ انهن ماڻهن توڙي ديس لاءِ ڪو حقيقي رنگ ڀري کين مٿين گس لائي سگهندو آهي، جيئن شيخ اياز دودي سومري جي تمثيل ۾ چوي ٿو ته :.

جي تون وڙهندي ماريو  ويندين،

هن وستيءَ تي واريو ويندين،

دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،

ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.

اسين سمجهون ٿا ته ماڻهوءَ  جي سڀ کان وڏي گهرج پيٽ پالڻ ۽ سڀ کن اهميت واري ڳالهه زندگيءَ جو بچاءُ هوندو آهي، سهل زندگي، آرام واري زندگي ۽ زندگيءَ جي آسائشن لاءِ سڄي زندگي هو جاکوڙيندو  رهندو آهي. اياز کيس پنهنجي زندگيءَ جي بچاءَ لاءِ تڙپڻ کان وڌيڪ ڌرتيءَ  يج قدرن ۽ ناموس جي بچائڻ لاءِ اُڀاري تيار ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي آسائشن لاءِ ڏينهن رات تڙپندڙ انسان کي سندس اصل جوهر ” ويساهه“ جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو. اهو ويساهه جيڪو موجوده دور ۾ اڻ لڀ ٿي ويو آهي.  جيڪو ويساهه اسان جا عوامي نمائيندا، سياستدان ۽ پاڻ کي عوام جا ڀرجهلو سڏائيندڙ اڪابر وڃائي چڪا آهن.

تارازيءَ جي هڪ پلڙي ۾ هڪ ماڻهوءَ جو ساهه آهي ۽ پلري ۾ سندس مردهه ويساهه آهي ۽ اهو به رڳو اڪيلو ناهي، ان ويساهه  جي ڳوٿرريءَ ۾ ڀريل سندس خوشيون، سندن اکين جا سپنا ۽ چمڪ، چين جون مرڪون، رت ست، همت، جذبو، حوصلو، اعتماد ۽ سندس آئيندو شامل آهن، جن جي حاصلات ۽ پورائي لاءِ هو هيڏي هوڏي واجهائيندو رهي ٿو، اياز چوي ٿو:.

شاعر زندگيءَ جي رفتار جو سونهون هوندو آهي ۽ پنهنجي مبهم انداز ۾ سياستدان کان اڳ تاريخ جا اهم موڙ ڏسي سگهندو آهي. پنهنجي تقدير جي باري ۾ هن کي پروڻ پوندا آهن. (ڪپر ٿو ڪن ڪري، شيخ اياز جي شاعري -2 ص: 67 )

جيئن ته ڏيهي توڙي پرڏيهي تاريخ جو ڄاڻو هو، عالمي مطالعو، شعور ۽ تري ئي وسعت نظر ( Vision  )  رکندڙ هو، جنهن به سندس ان vision  کي سمجهيو، اهو سندن عاشق بڻجي ويو، انهن ۾ سندس همعصر دور سان واسطو رکندڙ به هئا/آهن ته اڄوڪي دور جا مداح پڻ آهن ۽ جن اياز ان ويساهه واري تصور/نظرئي کي پنهنجي محدود عقل جي فٽ پٽيءَ سان ماپي پنهنجون فتوائون گهڙي ٻڌايون پر اياز جيئن ته ان فٽ پٽيءَ جي ماپ ڄاڻي چڪو  هو ۽ کيس اهو اندازو هو ته هو فٽ پٽي هڪ هٿ کان ٻئي هٿ تائين پٽي اُڇالجي ، ان ڪري هن چيو ته “

”آءُ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،

جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي“

هت سڀاڻي رڳو ايندڙ وقت ناهي بلڪه ” سڀاڻي“ مان مراد شعوري سوچ آهي، اياز کي يقين هو ته ايندڙ نسل وڌيڪ متحرڪ ۽ پريڪٽيڪل هوندو، اهو ڪنهن اڳ ۾ جڙيل يا ٻڌايل فٽ پٽيءَ بدران اياز جي پيغام جي اصل روح مطابق پنهنجا سماجي مسئلا سمجهندو ۽ انهن جا حل ڪڍي سگهندو.

اياز کي پنهنجي دور ۾ ماڻهن مذهب جي آڙ ۾ لويو ۽ کيس ڪافر ۽  ملحد جهڙا لقب ڏنا ” وري ڪڏهن عالمي نظريين ۽ رجحانن کان واقعن کان متاثر کيس فرائڊ ۽ ٻين فلاسافرن جي غير فطري نظرين جو پوئلڳ قرار ڏنو. جڏهن ته اياز عقل، فهم، فڪر، ڏاهپ توڙي ڏات ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

شيخ اياز جو عورت ڏانهن رومانوي لاڙو هو ۽ ان جو اظهار هن پنهنجي شاعري توڙي نثر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي، جيڪو ڪٿي ڪٿي اڻ وڻندڙ به ۾محسوس ٿئي ٿو ۽ ان تي مون پنهنجي ڪتاب شيخ اياز صدين جو سرجڻهار ۾ وضاحت سان لکيو آهي پر سندس اهو لاڙو فطري ۽ انتهائي ذاتي نوعيت وارو هو. ان کان هٽي ڏسبو ته هو  عورت جي هر ڪردار ۽ عمل کي مان ڏيندڙ آهي، هو اڄ جي عورت کي مضبوط، بهادر ۽ عقلمند سمجهي ٿو، تڏهن ته چوي ٿو ،

ڪائي گونگي گانءِ، ناهي اڄ جي نينگري،

ڀوري ڀانءِ مران کي، ڏونگر ڏوري ٿي وجهي،

جيستائين اياز جي ذاتي عملن ۽ عورتن سان عشق جو تعلق آهي ته اهي سندس حياتيءَ سان لاڳاپيل ڳالهيون هيون ۽ جن جو ذڪر به هن کليل لفظن ۾ ڪيو آهي، هينئر اياز جمساني طور موجود ناهي پر هينئر  اسان وٽ سندس فڪر ۽ پيغام آهي، جيڪو بنا ڪنهن وڌاو جي آفاقي آهي ۽ قطعي  طور تي هن نسل، ڌرتيءَ ۽ عوام جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ان مان صحيح معنيٰ ۾ سجاڳي ۽ بيداري حاصل ڪرڻ هن وقت جي ضرورت آهي، ان فڪر  ۽ پيغام کي جاچڻ  سان معلوم ٿيندو ته ان ۾ ڪنهن به اهڙي فڪر ، پيغام، فلسفي يا نظرئي جي جهلڪ نه آهي، جيڪو سندس تهذيب، ڌرتيءَ  يا عوامي/ قومي قدرن مطابق غير سماجي يا غير فطري سمجهيو وڃي.

مان سمجهان  ٿي ته اياز جي فڪر کي فرسودهه فٽ پٽيءَ تي ماپڻ بدران سندس اصل جوهر سمجهڻ جي شديد  ضرورت آهي ۽ ان سلسسلي ۾ مختلف فطري پاسن مطابق تحقيق ڏانهن وک وڌائڻ گهرجي، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جهڙيءَ ريت شاهه ڀٽائيءَ جو فڪر هن ڌرتيءَ جي عوام لاءِ سماجي سگهه ۽ تشخص جو ڪم ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح ان کان بعد واري دور شعور ۽ علم مطابق شيخ اياز جو فڪر اسان کي سماجي سگهه ڏيندو . اڄ دنيا شاهه جي فڪر کان آگاهه ٿي چڪي آهي، توڙي جو سندس فڪر جا ڪيترائي پنا اڃا به بند پيل آهن ۽ انهن کي جديد شعور ۽ Vision  مطابق کولڻ جي ضرورت آهي پر ان سان گڏوگڏ هيءُ وقت آهي ته شاهه کي سگهه بڻائڻ سان گڏوگڏ اسين اهو پڻ ثابت ڪيون ته شاهه جي سگهه اسان وٽ ٻيا ڪهڙا ۽ ڪيترا مفڪر پيدا ڪيا؟ اسان پڻ انهن مان ڪيتري ۽ ڪهڙي سگهه حاصل ڪري سگهيا آهيون؟  ان لاءِ اسان کي اياز جي فڪري گهرائي سان پڙهڻو پوندو. ان کي اڃان وڌيڪ سمجهڻو ۽ سمجهائڻو پوندو. هن دور ۽ حالتن ۽ هڪ اهڙي رهبر جي موجودگيءَ جي ضرورت آهي، اياز جي نظرئي ۽ فڪر جا مداح ڪيترائي آهن ۽ ڪيئي استاد توڙي اديب جن اياز کي پنهنجي شوق ۽عشق ۾ پڙهڻ چاهيو ۽ سمجهيو آهي. انهن کي سندس فڪر تحريڪ جي صورت ۾ ڦهلائڻ لاءِ اڳڀرو ٿيڻ جي ضرورت آهي.

بجاءِ ان جي جو اياز جي فڪر مان غير فطري پاسن کي اجاگر ڪجي يا سندس عشق ۾ انتها تي پهچي غير حقيقي انداز ۾ اجايو پڏايو وڃي، جهڙيءَ ريت تازو اياز ميلي ۾ شاهه ۽ اياز جي ڀيٽ ڪئي وئي يا اياز جو شاهه سان مقابلو ڪرائي سندس قد بت طئه ڪيو وڃي، هينئر ضرورت آهي ته شاهه ۽ اياز جي گڏيل سگهه سان اڳتي قدم وڌايو وڃي اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته شاهه ۽ اياز ٻئي پنهنجو مٽ پاڻ آهن پوءِ به لطيف لطيف آهي، جنهن لاءِ اياز پاڻ ئي چيو آهي ته :

آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کِهه منهنجون اکيون“

(اياز)

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے