12 بدھ , دسمبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

قائداعظم محمد علي جناح به سنڌ جو سنڌي ليڊر هو، جنهن پاڪستان ٺهرايو، سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ جي ٺهراءُ پيش ڪيو، موالي ٿڌو ساهه کڻندي چيو، ته ادا فصل ۽ زراعت جي تباهه ڪاري سان سنڌ کي 20 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو ويو آهي. ريڙهه جي  هڏي ڀڳي يا پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڳو، بهرحال سنڌي سڌرڻ ۽ ترقي وٺڻ بدران ٻهراڙيءَ هاڻ  بک بدحالي جو شڪار ٿي وري جهالت سبب هٿيار کڻن تي مجبور ٿي  پوندو، جيتوڻيڪ محمد علي جي اغوا ۾ پنهنجا ئي شامل ٿي سگهن ٿا، چيو پيو وڃي ته ملڪاڻي سان اڻ بڻت هلندڙ هئي ۽ سائين مڇيرن جي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جي سزا ۾ اغوا ٿي ويو. رياست کي جناح وارو پاڪستان گهرجي ته پوءِ ڪُلڀوشن واري ڊپلوميسي ۾ حڪومت ڇا ٿي ڪرڻ چاهي؟ جيڪڏهن نوازشريف هن کي جيترو ڇڏيو ويو ته پوءِ ملڪ پاڻ مري ويندو. ان ڪري انساني بنياد تي ڪيتري به لچڪ ڏيکاري قائداعظم جي ڏهاڙي تي منظر پيش ڪري ۽ ايندڙ وقت ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي معافي واري عمل کي تيز ڪري ابتدا ۾ ڪجهه قيدين جون مٽا سٽا ڏيکاري، اڳتي هلي ڪلڀوشن جو وارو به اچي سگهي ٿو. بهرحال نظرئي ۽ ۽ نظام کانسواءِ هلندڙ ڪنهن به ملڪ ج مستقبل نه هوندو آهي، اسابن جي ملڪ جي نظرياتي ليڊرن جي شهادت کانپوءِ هاڻ ملڪ ۾ مالدارن جي سياسي ورپار جا مقابلا آهن، ٻن ٽن ڏينهن کان سڀني ٽي وي چينلن تي بي نظير شهيد جا جوڀن ۽ جوش، وري ڪمند جي ڪٽيل ڪارڪنن ۾ پ پ ۽ بي نظير لاءِ، سنڌي ماڻهن ۾ وري به وڏي جوش ۽ جذبو پيدا  ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ممڪن آهي ته اسٽيبلشمينٽ گرينڊ الائينس جي معرفت  پ پ کي اندرون سنڌ ۾ ٽف ٽائيم ڏي، پر پوءِ به پ پ وري به سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ۽  پاڪستان ۾ ٽيون نمبر پارٽي مقبول آهي ۽ ايندر ڪافي سالن تائين رهندي، قيادت ڪهڙي به رهندي پر پ پ هر حال ۾ هاڻ سنڌ جي وڏي پارٽي رهندي.

ڪامريڊ سليم طنز ۾ چيو ته ادا هاڻ پ پ ورسين تي ڪا نه هلندي، ايم ڪيو ايم ڪنهن هڪ ليڊر جي پٺيان ڪا نه هلندي، نوازشريف ميڊيا جي هڪ ٽي وي چينل جي زور تي ڪيترو وڙهي سگهندو؟ جڏهن ته هو هاڻ پنهنجي ڀاءُ کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، مريم نواز ۽ نوازشريف جي جذباتي رد عمل واري سياست آهي، ۽ ٻيا سڀ سياستدان طاهر القادري  وارن لاشن تي سياست ڪرڻ ٿا چاهين، جڏهن ته ن ليگ جي باري ۾ هاڻ نوازشريف ٿو چئي ته ن ليگ هڪ نظرئي جو نالو آهي، يقينن اهو نظريو هاڻ هو اليڪشن ۾ پيش ڪندو ته نظريو ڪهڙو آهي؟  عمران ۽ بلاول ته تنقيد ڪري چڪا آهن پر ڏسڻو آهي ته مسلم ليگ قائداعظم جي نالي سان جنم وٺندر مسلم ليگ جو حصو بڻجي ٿي رهي يا ڪرپشن جو جديد نظريو کڻي ن ليگ جو  جديد نظريو نظريو ٿا متعارف ڪرائين؟ اسان ايم ڪيو ايم جي اصل ڪهاڻي ۽ آخري ڳالهه ته فاروق ستار ٻڌائي ته مهاجر ووٽ ڪڏهن به نه ٽٽندو  ۽ هن ايم ڪيو  ايم جو مهاجر ئي سنڌ جو وڏو وزير ٿيندو جو واضح اعلان ڪري، باقي ٻيا ڌڙا پاڻ ٻڌائي چڪا آهن ته هو سڀ ڪجهه ايسٽيبلشمينٽ جي حڪم ۽ حڪمت عملي تحت ڪري رهيا آهن، ” بول ۽ پاڪ“ ٽي وي چينل، کلم کلا جو اشتهارن تي نه پر ادارن جي تعاون سان هلي رهيا آهن ۽ بول چينل تي زرداري صاحب کي انٽرويو ڏيڻ ۽ پ پ جي خبر چار عمران خان جي ليول تي هلائڻ مان ضرور لڳي رهيو آهي ته نوازشريف هڪ پاسي هڪ ٽي وي چينل جيڪو يهودي اشتهارن پنهنجا پنج چيئنل ٻيا به هلائي رهيو آهي ۽ ادارن جي شازش جو   مقابلو ميڊيا ۽ عدالتن ذريعي به ڪري رهيو آهي ۽ ادارن ۽ ٻين سڀني سياستدانن ۾ جماعتن کي پروموٽ به اهي ئي ادارن جي خرچ ۽ فنڊن تي تي هلندر ٽي وي چيئنل ڪري رهيا آهن، غور ڪرڻ جي اها ڳالهه آهي ته اهي ٽي وي چيئنل ايم ڪيو ايم واري ڌڙا بنديءَ کي به هٿي ڏئي رهيا آهن،  يعني پاڪستان جي سياست هاڻ واضح ٿي وئي آهي، ن ليگ ۾ جيڪي مخالفت لاءِ تيار ڪيا ويا، انهن کي عارضي حڪومت ٺهڻ تائين روڪيو ويو آهي. هاڻ جيڪا عارضي متفق حڪومت ٺهندي ان دوران سڀ ستل جاڳندا ۽ نون حلقن ۾ اعتراضن ۽ آدمشماري وارن اشوز کي ايڏو ڊگهو  ڪيو ويندو، جو اليڪشن ٽن سالن تائين پوئتي هٽندي ۽ پوءِ ميڊيا موجوده سياستدانن کي ڪوريج گهٽ ڏيندي، بلڪه ڏيهي پرڏيهي ادارن جي متفقه ايجنڊا پوءِ واضح ٿيندي ۽ هاڻ اهو وقت پري نه آهي ته شهرن ۽ ٻهراڙين مان ڪهڙي نوجوان کيپ تيار ڪري حڪمت عملي تحت لاٿي وڃي ٿي، باقي پ پ وٽ هاڻ اهي ورسيون وڃي بچنديون جن جي ملهائڻ لاءِ ميڊيا وارا ڪجهه ڏوڪڙن ۽ اشتهار تي ۽ ڪجهه تعلقات تي پ پ کي زندهه رکندا ايندا.

جهوني جوڳي چڙندي چيو ته ڀليا آهيو، سڀ ڀليا آهيو، نواز شريف جي خاندان کي سياست مان نٿو ڪڍي سگهجي، هيءَ ڪو انڊيا جو نهرو خاندان يا پاڪستان جو ڀٽو خاندان نه آهي، جنهن بابت نظرياتي ليڊرن کي شهيد ڪرڻ سان سندس سياست ئي ختم ٿي ويندي، بلڪه ادارن کي انڊيا سان جنگ نه آهي، ڪرڻي، ته به ن ليگ جي ضرورت پوندي ۽ پنجاب کي پاڪستان جي تاريخ ۾  پهريون دفعو هڪ ليڊر مليو آهي، جنهن کي ڪهڙي ذهانات سان صرف اقامي ۽ پگهار پٽ کان نه وٺڻ جو مواد ڏئي مظلوميت جو داستان تقريرن ۾ ئي کيس هر طرح مضبوط ۽ زندهه رکڻ جو جواب بڻايو ويو آهي پر نوازشريف مان جنم وٺندڙ مريم نواز به هڪ ليڊر بڻائي پيش ڪئي وئي آهي ۽  کيس دنيا جي طاقتور عورتن جي سروي ۾ 11هون نمبر به ڏنو ويو آهي، بهرحال هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ترقي يافته صوبو پنجاب آهي، آدمشماري ملڪ ۾ پنجاب جي وڌيڪ، فوج فوج پنجاب جي، اهم ادارا پنجاب  وٽ ۽ ملڪ جو قرض لاهڻ ۾ وڏو پيسو پنجاب ڏيندوآ هي ۽ وري دنيا مان لکين پنجابي ڏوڪڙ ڪمائي ٿا موڪلين اهڙي طرح سنڌ جي ڪارخانن  جي اهم عهدن تي پنجابي ڪراچيءَ ۾ ڏيهي پرڏيهي ڪمپنيون ۽ ادارا پنجابين جا، ڪسٽم ۾ به پهريون نمبر پٺاڻ ۽ ٻيو نمبر پنجابي آفيسر آهن،

اهڙي طرح هر وڏي صوبائي ۽ وفاقي عهدي ۽ ادارن تي اسان جا پنجابي حاوي آهن، يعني اسان پنجابي ئي هن ملڪ جا راجا مهاراجا آهيون ۽ هميشه ننڍن صوبن کي رعيت سمجهي حڪومت ڪنداسون ۽ ٽنهي صوبن جي معدنيات به اسان جي ۽ هميشه حڪمراني اسان جي آهي ۽ هميشه رهندي. تڏهن مون چيو ته ڀليو آهين، بيوقوف تڪبر پنجابين کي هر غريب قوم کي ڪچلڻ، حق کائڻ، دشمنن جو به آلاڪاري بڻجڻ سان آهي، آهه غريبان ڪهر خدائي بڻجي ڪڙڪندو ته پوءِ پاڪستان ۾ آيل زلزلن کي به ياد ڪريو، هن وقت توهان اسان کي سوئر، گڏهه ۽ ڪتا کارائي انسان مان جانور بڻائڻ جي روش تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ سعودي ڏوڪڙن تي مذهبي افراتفري کي به عروج تي پهچائي، مذهب تان مسلمانن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي، ترقي لاءِ خدا اسان کي هر صوبي ۾ قدرتي نعتمن سان اهڙو مالا مال ڪيو آهي جو اسان انهن تي ئي گذارو ڪرڻ سکون ته به اسان ” پن جو پيالو پڃي ڇڏيون“ جيڪڏهن ايٽمي ٽيڪنالاجي تي انحصار ڪريون ته به اسان مڪمل خوشحال زندگي گذاري سگهون ٿا پر سنڌ ۾ صرف تعليم کي تباهه ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري ٽن سالن کان ماسترن کي پگهارون ڏيڻ بدران روز مارون پيون ملن، جيڪي اسڪولن ۾ اوطاقون ۽ وٿاڻ کوليو ويٺا آهن، اهي ئي پ پ جي پليٽ فارم تي اسان جا اڳواڻ بڻجي اسان کان ووٽ وٺي ايوان ۾ وڃي، وري تعليم  جي نالي ۾ ملندر فنڊن کي آفيسرن سان گڏجي هضم ڪندا، ان وچ ۾ افغانستان ۾ تيار ٿيندڙ آمريڪي دهشتگرد داعش جي نالي ۾ پاڪستان ۽ صوفين جي امن واري ڌرتي سنڌ جي زراعت ۽ زراعت ڪار کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ بک ۾ بدحال ٿي بندوق کڻندر نوجوانن کي ڏوهاري، مدرسن معرفت داعش نيٽ ورڪ پکيڙي پوءِ امن ۽ امان قائم رکڻ لاءِ سي پيڪ، ڪوئلي ۽ پيٽرول جي حفاظت لاءِ سنڌ ۾ رينجرز ۽ فوج ايندي ۽  اسان سيمينار ڪري چونداسين، جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي ڪنڌارئون جوکو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے