15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو طرفان امڙ۽ گهر واريءَ سان ملاقات ۾ به ڏوهه جو اعتراف

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو هلندڙ هفتي پنهنجي امڙ ۽ گهر واري سامهون به ڀارتي ايجنٽ هئڻ جو اعتراف ڪيو. ڀارتي نيوز ويب سائيٽ ٽائيمز آف انڊيا جي هڪ رپورٽ موجب 25 ڊسمبر تي پاڪستاني پرڏيهي آفيس ۾ امڙ۽ گهر واريءَ سان ملاقات دوران ڪلڀوشن ياديو ٻڌايو ته هو حقيقت ۾ هڪ ڀارتي جاسوس آهي. رپورٽ موجب ڪلڀوشن ياديو پاڪستان طرفان هنيل الزامن جا تفصيل امڙ ۽ گهر واري کي ٻڌائي ڏوهه جو اعتراف ڪيو جنهن ۾ پاڪستان م دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن جي سازش ۾ ملوث هئڻ جو به اعتراف به شامل آهي. رپورٽ موجب ڪلڀوشن جي اعتراف تي سندس امڙ سوال ڪيو ته تون ايئن ڇو چئي رهيو آهين تون ته ايران ۾ ڪاروبار ڪندين هئين ۽ اغوا ڪيو ويو هو، تو کي سچ ٻڌائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے