18 جمعرات , اکتوبر 2018

دنيا جو سڀ کان ننڍڙو موبائل فون

لنڊن(ويب ڊيسڪ) جديد دور ۾ جتي سڄي دنيا جون موبائل ڪمپنيون نيئن ٽيڪنالوجي ۽ فيچرز سان وڏا وڏا اسمارٽ فون متعارف ڪرائي رهيون آهن اتي ئي هڪ برطانوي ڪمپني دنيا جو سڀ کان ننڍو موبائل فون تيار ڪري ورتو آهي. زينڪو ٽائيني ٽي 1 نالي ان موبائل جو وزن رڳو 13 گرام آهي جڏهن ته ان جي اسڪرين جي ڊيگهه رڳو 0.47 انچ آهي. توڙي انسان جي آڱوٺي جيتري ان موبائل فون ۾ اسمارٽ فونز واريون خاصيتون ناهن تنهن هوندي ڪال ۽ ميسج سميت 2G انٽرنيٽ جهڙا فيچر ان موبائل ۾ موجود آهن. ان موبائل جو ٽاڪ ٽائم 180 منٽ آهي جڏهن ته ان جي انٽرنل ميموري 32 جي بي آهي. اها موبائل ايندڙ مهيني وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي، جنهن جي قيمت 50 آمريڪي ڊالر رکي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آخري ڪتاب”بريف آنسرز ٽو دي بِگ ڪوئسچنز “ پڌرو ٿي ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ) اسٽيفن هاڪنگ جو نئون ڪتاب پڌرو ٿي ويو آهي جنهن کي ”بريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے