18 منگل , دسمبر 2018

 سنڌ جي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙيءَ جي قديم آثارن ۽ تاريخي دڙي کي حڪومت ۽ ثقافت کاتي وساري ڇڏيو آثار به ميسارجڻ لڳا………..

 سنڌ جي تاريخي ماڳ مومل جي ماڙيءَ جي قديم آثارن ۽ تاريخي دڙي کي حڪومت ۽ ثقافت کاتي وساري ڇڏيو، بي ڌيانيءَ سبب مومل جي ماڙي دڙي جا رهيل آثار به ميسارجڻ لڳا………..

پيش آهي يونس ڀٽو جي هيءَ رپورٽ…………،

مومل جي ماڙيءَ جو تعلق سنڌ جي هڪ سدا حيات عشقه قصي مومل راڻو سان آهي، جنهن کي شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ پنهنجي هڪ سرَ “ مومل راڻو”، ۾ پڻ ڳايو آهي، لوڪ داستان موجب هاڻوڪي مومل جي ماڙيءَ جا آثار، مومل جي انهيءَ محل جا آهن، جنهن ۾ مومل جي ڪاڪ ٺيهل هوندي هئي……….،

انهيءَ مومل جي ماڙيءَ جي آثارن کي سنڌ حڪومت توڙي سنڌ جي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو آهي ۽ مسلسل بي ڌيانيءَ سبب دڙو مڪمل طرح ميسارجڻ لڳو آهي……،

هن وقت صورتحال اها آهي جو دڙي جي مٿان ۽ پاسي کان 4 کان 5 ڦٽن جا ڏار ۽ کڏا پئجي ويا انھن ڏارن ۽ کڏن مان مختلف قسمن جون ديوارون نظر اچڻ لڳيون آهن……..،

مومل جي ماڙيءَ تي ايندڙ ماڻهن عوامي آواز ٽي وي جي عيوضيءَ سان ڳالهائيندي چيو…

ھن تاريخي دڙي جي 20 سالن کان ڪابه سار نھ لڌي وئي آھي جنھن سبب دڙو ھاڻ صرف مٽي جي ڍير جئان ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، مومل جي ماڙي جي آثارن جي تحفظ لاءِ علائقي جي ليکڪن، شاعرن ۽ اديب پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو

ميرپور ماٿيلو جي سياسي، سماجي، علمي، ۽ ادبي ھلڪن جي اڳواڻن  شاهه خالد، مهراڻ سنڌي، جبار مهر , شڪيل ملڪ ۽ ٻين وفاقي سرڪار، حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي سميت آرڪيالاجي کاتي کان گھر ڪئي آھي تھ ھزارين سال تاريخ رکندڙ ھن تاريخي مومل جي دڙي جي سار لھي ھن جي کوٽائي ڪئي وڃي جيئن ھي تاريخي ماڳ ميسارجڻ کان بچي سگھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران فهميدا رياض جي ياد تقريب ڪوٺائي وئي

ناليواري شاعره ۽ ليکڪا فهميدا رياض جي ياد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تقريب ڪوٺائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے