19 پیر , نومبر 2018

سلمان خان جي فلم 5 ڏينهن جي ڪمائي جو ريڪارڊ بڻائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) ٽي ڏينهن پهريان ئي بالي ووڊ سلطان سلمان خان جي فلم “ٽائيگر زندهه هي” سڄي ڀارت مان 114 ڪروڙ رپيا ڪمائي نئون ريڪارڊ ٺاهيو هو، تنهن هوندي هاڻي ان هڪ ٻيو ريڪارڊ جوڙي ورتو آهي. “ٽائيگر زندهه هي” رڳو 5 ڏينهن ۾ سڄي ڀارت مان 173 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪري ڪيترين ئي فلمن جي گڏيل ڪمائي کان به اڳتي نڪري وئي. سلمان خان جي ان فلم 5 ڏينهن ۾ ايترا ته پيسا ڪمايا آهن جو شاهه رخ خان ۽ ماهرا خان جي هلندڙ سال ريليز ٿيل فلم “رئيس” گڏيل طور به ايترا پيسا نه ڪمايا آهن. “ٽائيگر  زندهه هي” نه رڳو “رئيس” پر ان سان گڏ اجي ديوگن جي فلم “گول مال اگين”  ۽ ورون ڌون جي فلم “جُڙوا 2” کي به پوئتي ڇڏي ڏنو. هندوستان ٽائمز موجب “ٽائيگر زندهه هي” 5 ڏينهن ۾ سڄي ڀارت مان 173 ڪروڙ جڏهن ته سڄي دنيا مان 220 ڪروڙ رپيا ڪمائي ڪيترائي ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. شاهه رخ خان ۽ ماهرا خان جي فلم “رئيس” گڏيل طور 137 ڪروڙ، اجي ديوگن جي فلم “گول مال اگين” 205 ڪروڙ جڏهن ته ورون ڌون جي فلم “جُڙوا 2” 138ڪروڙ رپيا ڪمايا هئا. “ٽائيگر زندهه هي” سلمان خان سان گڏ ڪترينا ڪيف لاءِ به سُٺي ٿابت ٿي، سندس هلندڙ سال رنبير ڪپور سان آيل فلم “جگا جاسوس” فلاپ ٿي وئي هئي. شروع جي 5 ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ڀارتي فلم “باهو بلي 2” آهي. سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جي ان فلم جي پاڪستان ۾ نمائش تي پابندي مڙهي وئي هئ، جنهن جي ڪري ان کي پاڪستان نمائش لاءِ پيش نه ڪيو ويو آهي. “ٽائيگر زندهه هي” 2012 ۾ ريليز ٿيل فلم “ايڪ ٿا ٽائيگر” جو سيڪوئل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے