19 جمعہ , اکتوبر 2018

عمران پ پ کي ڊيڄاري نٿو سگهي، محترمه کي مشرف قتل ڪيو: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، اسان کي سازشن جو مقابلو ڪرڻ اچي ٿو. اها ڳالهه هن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. سندس چوڻ هو ته محترمه بينظير ڀٽو جي 10هين ورسي جي موقعيتي ٿيل تقريب ۾ هڪ پٽ پنهنجي ماءُ سان ڳالهايو. هن پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي به ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته عمران خان پيپلز پارٽي کي ڊيڄاري نٿو سگهي. نثار کهڙي چيو ته اسان نواز شريف جيان رڳو طعنا ناهيون ڏيندا، جنهن محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان کسيو بلاول بنا ڪنهن ڊپ جي ان جو نالو کنيو. هن چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل ۾ پرويز مشرف ملوث آهي، هو هتان طبي بنيادن تي ويندو آهي ۽ ٻاهر وڃي تقريبن ۾ ڊانس ڪندو آهي. هن چيو ته راولپنڊي ۾ واقعي وارو هنڌ ڌورائڻ جي معافي ڪافي ناهي، پرويز مشرف ڪالهوڪي بيان ۾ اعترافي بيان ڏنو آهي، عدالتون پرويز مشرف جو نوٽيس وٺن. ڳالهه ٻولهه دوران نثار کهڙي ان ڳالهه کي به قبوليو ته سنڌ جي 60 سيڪڙو علائقن ۾ زمين هيٺ پاڻي صحت لاءِ ٺيڪ ناهي ۽ حڪومت ان مسئلي تي ڪم ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) نيب طرفان ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے