23 منگل , اکتوبر 2018

نوٽ بُڪ جا ورق: جاڏي پير تاڏي خير-37 :آدرش

رنگيءَ جا رنگ هيا. هر سياسي پارٽيءَ جا پنهنجا نرالا ڍنگ هيا. ڪميونسٽ پارٽي  جا روس نواز ۽ عوامي تحريڪ جا مائوسٽ همراهه پڙهاڪو هيا. سپاف ۽ جساف وارن وٽ رڳو نعرا، پڙهڻ ۾ مڙيئي خير واري ڳالهه هئي. پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا، هڪٻئي جا ڪيئي ڪونڌر ڪٺائون. ليننسٽ ۽ مائوسٽ وري رڳو ڪتابي هوندا هيا. جهيڙي جهٽي کان پري ڀڄندا هيا. نه ٻن ۾ نه ٻارنهن ۾.

***

اسان وٽ شڪارپور جي نوجوانن ۾ جاويد ڀٽو، ڊاڪٽر احمد نواز ”عابد“ هڪڙو، پڊعيدن جو مرتضيٰ سولنگي، لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽرز سڪندر مغل، ڪريم راڄپر،مرتضيٰ شيخ، گهنشام پرڪاش، ڊاڪٽر مرليڌر، ڊاڪٽر بخش علي سنڌي، وجئي ڪُمار، قمبر جا ڊاڪٽرز محبت ٻرڙو، ظفر قادري، عبدالرحمان سومرو، بخت جمال، نذير شيخ، ايوب شيخ ۽ صحبت ٻرڙو ۽ جامي چانڊيو ڏاڍا پڙهاڪو ۽ بحث مباحثن جا ڪوڏيا هيا. اها راند ڦٽي وئي. سڀ ڳوٽان وکرجي ويون.

***

ڪميونسٽ ڪاڪا ڪئپسول جي خول ۾ بند هوندا هيا. ڏاڍا ڳنڀير هوندا هيا. روسي صدر برزنيف جهڙي شڪل ڪري ڳالهائيندا هيا. کلڻ ته الله کين ڏنو ئي ڪونه هو. لطيفو به اهڙو منهن ڪري ٻڌندا هيا ڄڻ تڏي تي ويٺل، عذرخواهي وٺي ” حڪم ڌڻي جو“ ٿا ٻڌن.

***

هاري ڪاميٽيءَ جو صدر هڪ ڇٽيهه لکڻو ڪامريڊ هو، جنهن کي ربيع ۽ خريف جي فصلن جي به ڄاڻ ڪونه هوندي هئي.  هڪ ٻنيءَ ۾ ويو ته ڏاٽي سان هر ڪاهڻ لڳو.

***

ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ فقه جعفريه مسلڪ رکڻ وارا امامن سان عشق ڪرڻ وارا آهن. ڪميونسٽ پارٽي سان تعلق رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ سڀ کان پهريون شيعا، پوءِ اردو دان ۽ آخر ۾ ناستڪ هوندا هيا.

سبط حسن، علي سردار جعفري، پروفيسر جمال نقوي، امام علي نازش ۽ اعزاز نذير محرم الحرام جا ڏهه ئي ڏينهن ڪارو ويس  ڪندا هيا. سبط حسن ۽ علي سردار جعفري مها دهريا هئا پر مجلسون پڙهندا هيا.

ان لڏي کي سنڌي ڀانءِ نه پوندا هيا.

***

اسان جو خوشبو سان گڏ هلڻ وارو رولاڪ ڪڪر،شاعر، سٺو نثر نويس ۽ ريڊيو جو رٽائرڊ بالا عملدار، جديد ليکڪ به مولا عليءَ جو وڏو عاشق آهي. هن جي رومينٽڪ نظم ۾ به يا حُسين لڳو پيو هوندو آهي.

مهاڳ اهڙن تهڙن شاعرن ۽ اديبن جا لکندو ئي ڪونه، گهٽ ۾ گهٽ ويهين گريڊ جو هجي. انهن ۾ ايڏي ساراهه هوندي جو پڙهڻ کان  پوءِ مرزا غالب جو انگريزن جي شان ۾ لکيل قصيدو ڇسو لڳندو.

اسان جي دلبر جو امام حسين سان عشق ۽ مرزا قليچ بيگ صاحب سان محبت ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي. همراهه  جڳ مشهور، نوبل انعام يافته شاعر پبلو نرودا تي مضمون لکندو ته ان ۾ اهو ضرور ثابت ڪندو ته مرزا قليچ بيگ چليءَ ۾  مختيار ڪار ٿي رهيو . هن ئي جنرل پنوشيءَ  جي زمين جا ڪاغذ پٽ ٺاهيا هيا.

***

حسن ناصر ڪير سڏائي؟  سچو ڪارڪن ۽ سور سختيون سهندڙ سپوت هو. آڻ نه مڃيائين. ڪنڌ ڪپايائين. نذير عباسي به انقلاب جي راهه ۾ سر ڏنو، شهيد ٿي ويو. امر ٿي ويو.

مير ٿيٻو ذهين ماڻهو هو پر سندس قسمت جو حال صفا کوٽي سڪي جهڙو هو. شهيد نذير عباسيءَ جي بيواهه سان شادي ڪري ڇڏي وڃي ان جي ڀيڻ سان شادي ڪري ان مان جند ڇڏائي هاڻي آميريڪا ۾ ڪنهن ٽئين زائفان  جي زندگي سان گڏ آهي.

هو سنڌي ادب  جي خاتون اول، ڪتاب ” خوش خصلت خاتون“، جي ليکڪا بادام ناتوان  جو فرزند آهي. شڪارپور ڄائي ليکڪا بادام ناتوان سُگهڙ ۽ سٺي زائفان هئي. هوءَ  مهان شاعر شيخ اياز جي ٻين گهر واري مائي اقبال بيگم جي ماسي  هئي.

***

اسان سانجهيءَ کان ٿو رو اڳ ” هندو مسلم ڀائي ڀائي“ شهر جيڪب آباد پڳاسون. اسان جو سرواڻ ”ڪامريڊ…ڪامريڊ… ڪامريڊ“ ڪندي، بيٺي بيٺي قلفي پوري ڪري چڪو هو. هن شهر ۾ داخل ٿيڻ سان، سڪندر بختيار کوسو صاحب سان رابطو قائم ڪيو. هن گهر جو ڏس ڏنس، هن جي پاڙي ۾ پهتاسون، ڪار مان لٿم، مون کي جيل  مان ڇٽڻ جهڙي خوشي ٿي.

سڪندر بادشاهه ساڙهي پائي بيٺو هو،ڀاڪر پائي مليو . پنهنجي گهر ڀرسان واري مٿي ٺهيل اوطاق ۾ وٺي آيو. هڪ  وشال ڪمري ۾ ويهاري، پاڻ چانهه پاڻي کڻڻ لاءِ هيٺ  گهر ويو.

اسان جي سگهڙ ۽ سياڻي، سڪندر بادشاهه جي راڻي ، زهره کوسو، سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي.

مائي زهره جو لاڳاپو، سنڌ جي حڪمران گهراڻي ڪلهوڙا سان  هئڻ ڪري، سڪندر بادشاهه  به هن اڳيان کاڌ خوراڪ  جو وزير بڻيل آهي. حاڪم سخت هئڻ سبب هو بارداني  ۾ ڪڻڪ جي خرد برد نه ڪري سگهندو آهي.

***

چانهه  پيئڻ ۽ بسڪوٽ کائڻ کان پوءِ هانو جهل ٿي. ”انڪل سرگم“ ٽيپ ۾ اهائي، بند ٿي ويل ڪمپنيءَ EMI جي هنڌان هنڌان ڳنڍيل ڪئسٽ  وجهي پراڻو گٺل راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. طبلي تي سنگت مير صاحب ڪئي. ڪارل مارڪس ۽ لينن جا سر وکيرڻ شروع  ڪيائين. منهنجو ڪنڌ ڌوڻڻ  بدران هڪ هنڌ ڄمي ويو. چرڻ پرڻ ئي ڇڏي ڏنائين.

اڄوڪي دور ۾اهي ڳالهيون ، اسان جي ديس ۾ مدي خارج (expired) دوائن وانگر آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي تندرست ڪرڻ بدران راهه رباني وٺرائينديون آهن.

***

مان سڪندر بادشاهه کي ڏسڻ لڳم، هو لڳ ڀڳ ستر بهارون ڏسڻ کان پوءِ به سدا بهار ٺنڊا ٺارلڳو پيو آهي. رنگ اهڙو چِٽو ڄڻ روزانو فيئرائنڊ لولي ڪريم جي سڄي شيشي هڻندو هجي. وار گهاٽا اهڙا اٿس جو گهيٽو به گم ٿي وڃي.

مان ڪڪ پيو ٿيان. تئي تي مانيءَ وانگر اٿلان پٿلان پيو ڪمري مان اٿي، ٻاهر سڪندر بادشاهه کي اشاري سان سڏ ڪري، کانئس سائين الطاف گوهر جي گهر  جو ڏس پڇي، ڏاڪڻ تيزي سان لهندي، سائينءَ جي گهر ڏانهن هلڻ لڳم، جيڪو سڏ پنڌ تي هو.

***

واٽ تي روڊ جي ساڄي پاسي ٺهيل هڪ گهر مان، هڪ ڊگهي قد جي زائفان دروازي جا ٻئي تاڪ کولي، هيڏي هوڏي نهاري، گند سان ڀريل ٿيلهي، ناليءَ ۾ اڇلائي. مان کيس ڪونه وڻيم، مون تي هڪ غلط نظر وجهي،زور مان ٺڪ ڪري ، در بند ڪيائين.

هن ڪنول جهڙي دوشيزه جي منهن جي تختي، بدن تي بيٺل ڇاتيءَ وارا ٻه نه اڏا مندڙ ڪبوتر، مون کي ٻِڪي جي کوڙي وانگر ياد ٿي ويا.

***

الطاف گوهر ملي ويو ته دل جو درکلي ويو. خدمت چاڪري ڪيائين، سگريٽن جا پاڪيٽ گهرائي ڏنائين. هن سان کلندي ڪڏندي، روح  رهاڻ ڪندي، سفر واري ڪوفت، شام جي اس جي پاڇي وانگر لهي وئي.

***

مون کي سائين الطاف گوهر، آمريڪن ليکڪ هرمن ميل وِل  جي ڪلاسيڪ ۽ شاندار ناول ”موبي ڊڪ“  جو نائڪ، جاکوڙي، ارڏو ۽ بهادر ڪپتان اهاب ((Captain Ahaab لڳندو آهي. جيڪو جهاز جي ڊيڪ تي بيهي، پنهنجي عقاب جهڙين اکين سان سمنڊ کي ماپيندو آهي. طوفانن کي مڙس ٿي منهن ڏيندو آهي.

***

رات پنهنجو ماتمي لباس پاتو. سڪندر بادشاهه فون تي فرمان جاري ڪيو ته ليڪچر جو ٽائيم ٿي ويو آهي. اچو ته هلون. اسان تختگاهه تي آياسون.  الطاف صاحب مهمانن سان مليو. هن مون کي سائين ضياءَ  شاهه لاءِ به سگريٽن جا پاڪيٽ وٺي ڏنا هيا.

امانت مالڪ جي حوالي ڪيم ته هن خوش ٿي، مٺڙي مرڪ مرڪندي، الطاف ڏانهن ڏٺو. مهمان گاڏيءَ ۾ ويا. مان سائين الطاف گوهر ، سائين ضياءُ شاهه گوڏي گاڏي ڪئي. اسان بينظير لائبريري پهتاسون. لائبريري جي  هڪ هال ۾ پروگرام هو. اها لائبريري ضلعي انتظاميا جي آهي. لائبرريءِ جو روح روان جيڪب آباد ناميارو اديب ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب هوندو هو. هاڻي پاسيرو ٿي ويو آهي.

***

ڊاڪٽر صاحب رٽائرڊ آهي. جڏهن پروفيسر هو ته ڪيترن پي ايڇ ڊي ڪندڙن جو گائيڊ رهيو. هو نيڪدل گائيڊ آهي. هو هڪ هندو مائيءَ کي کڻي ڪلمي گو نه ڪري سگهيو، پر ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺرائي ڏنائينس، جيڪا قلم ” ڪ “ سان ۽ ڪتو ”ق“ سان لکندي آهي. ٻليءَ  کان ڊڄندي آهي تنهن ڪري اهو اکر ئي لکڻ نه ايندو اٿس.

***

اسان جا سهڻا رٽائرڊ پروفيسر لکي لکي ٿڪجي پيا آهن. ثقافت کاتي جي دعوت ملندي اٿن ته سچل ڪانفرنس، ڀٽائي ڪانفرنس، قلندر ڪانفرنس ۾ ويندا آهن، ميز جي خاني ۾ رکيل پراڻو مقالو ڪڍي، ٿوري ڦير ڦار ڪري،شعر هيٺ مٿي ڪري، کڻي وڃي، اسٽيج تي ڏُڏ شاگرد وانگر پرهندا آهن. صدر مجلس به غور سان ٻڌڻ بدران، موبائيل تي فيس بڪ ۾ پنهنجو نئون فوٽو رکڻ ۾ رڌل هوندو آهي. پنڊال ۾ ويٺل سدورا اديب، زالن جا ستايل، ويٺي، بور مقالا ٻڌڻ بدران ننڊ جهوٽو ڪري وٺندا آهن. پروفيسر صاحب مقالا پڙهي، ماني کائي، چيڪ وٺي، روانا ٿي ويندا آهي. وري ايندڙ سال. جيڪي جيئرا، سخي قادر قلندر هو  شهباز.

***

هڪ مشاعري ۾ شاعر حفيظ جالنڌري ڊائيس تي شعر پڙهڻ آيو. شعر پڙهڻ کان اڳ چوڻ لڳو ” دوستو ! عمر جي اهڙي هنڌ آهيان جو متان هي آخري  شعر هجي، سو ڌيان سان ٻڌجو“ احمد فراز نَرُ ماڻهو هو. هيٺان ويٺي، کلندي چيائين، ” حفيظ صاحب! اها ڳالهه اوهان گذريل سال به ڪئي هئي.“

***

نامور اديب ڊاڪٽر داد محمد ” خادم“ بروهي ٻهڳڻو ماڻهو هو. پنهنجو وارو ڄائي ويو، هو وٽنري ڊاڪٽر هو. گهوڙن ۽ گڏهن جو علاج ڏاڍو سليقي سان اهڙي نموني ڪندو هو ڄڻ  اديب جو ڪندوهجي.

هو ٻولين جو ڄاڻو هو. هن جنهن وقت پي ايڇ ڊي پئي ڪئي ته يونيورسٽيءَ ۾ ڪوبه پروفيسر اهڙو ڪونه هو جيڪو هن جي ٿيسز ”سنڌي ٻوليءَ تي سرائيڪي جو اثر“  جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ ڊگريءَ جي سفارش ڪري. ان ڪارڻ هن  جي ٿيسز هندستان جي پروفيسر ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي ڏانهن اماڻي وئي هئي. هو ماهر لسانيات هو. هن ڇنڊ ڇاڻ ڪري، منظوري ڏني. ان آڌار تي ڊاڪٽر داد محمد ” خادم“  صاحب جانورن جي ڊاڪٽر سان گڏ فلسفي جو ڊاڪٽر به  ٿي ويو.

***

شڪارپور جا منهنجا پاڙيسري ڊاڪٽر انور شيخ ۽ ڊاڪٽر عباس شيخ مني صدي اڳ پنهنجا ڪک ڇڏي، جيڪب آباد ۾ وڃي اجها وسايائون. ڊاڪٽر انور شيخ مهان شاعر شيخ اياز جو ويجهو عزيز هئڻ  سان گڏ سنگتي هو. ان جو ذڪر اياز  صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪيو آهي. ٻنهي ڄڻن  مريضن  جي سيوا ڪئي، دوا  درمل  ڏنائون ته ڌڻي سڳوري کين شفا ڏني. ٻئي ڄڻا  حال حيات آهن.

***

اسان هال اندر اچي ويٺاسون. طوطو ٽين…ٽين ڪري رهيو هو. پنهنجو مغز جهرڪيءَ جيترو، اهڙا ڳورا فلسفا ڪو هاٿي هجي ته سمجهي.  پاڻ کان مٿي هيا. مان نيٺ اٿي ڪري ٻاهر اچي لان جي ٿڌي بئنچ تي ويهي سگريٽ دکائي، وڻن سان ڪچهري ڪرڻ لڳم.

***

ليڪچر پورو ٿيو. مان هال اندر آيم، چانهه چُڪي ملي ، ان کان پوءِ قافلو سڪندر بادشاهه جي محل ۾ آيو. ڪهاڻيڪار عباس سارنگ، سومرو شبير احمد ذهين دوست گل محمد مستوئي  ۽ ٽي. وي چئنل ۾ ڪم ڪندڙ دلبر اشرف  بروهي وغيره ساڻ آيا.

ماني اچي وئي. سڀني ڍءُ ڪري کاڌي. مانيءَ کائڻ کان پوءِ دعا گهرڻ بدران، ڪاڪي وري ڪاهه ڪئي. هن جو ڳالهين مان اڃان پيٽ نه ڀريو هو. رات جو ٻارهين وڳي خطاب پورو ٿيو عذاب پورو ٿيو.

***

سڄي سنگت موڪلائي وئي. سڪندر بادشاهه به پنهنجي گهر وڃي راڻيءَ وٽ آرامي ٿيو، اسان چار خليفا سمهي پياسون.

ماڻهو ننڊ ۾ کونگهرا هڻندو آهي. انهن جي ڪل ان کي ڪونه هوندي آهي. ڀر ۾ ستل ماڻهو تنگ ٿيندو آهي.

مون کي ننڊ جو جهوٽوآيو. مون کي سڌ ئي ڪونه ته مان ڪو فلڪ شگاف کونگهرا پيو هڻان، منهنجو منهن پاسي تي سمهڻ ڪري، انڪل سرگرم ڏانهن هو. هن ڇڪ  ڏيندي منهنجي ٻانهن کي زور سان اهڙو لوڏايو ۽ منهنجو ڇرڪ ائين نڪري ويو ڄڻ  زلزلو آيو هجي. هن اُڇاتري نموني ڪاوڙ مان چيو  ” سائين!  کونگهرا  ته  ٿا هڻو، هوڏي منهن  ڪري سمهو“ هن جي اهڙي انداز تي اندر ۾ باهه وٺي ويم پر صبرِ ايوبي اختيار ڪيم.

هن کي اصل ۾ منهنجي هلت تي اندر ۾ ڪي باهيون هيون جو مان هن جي ڳالهين کي ليکي ۾ ئي نه پيو آڻيان، سو هن  نيٺ پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍي ورتو.

مان پاسو ورائي ستم، ننڊ مندر وسائي بتن اڳيان هٿ ٻڌي وڃي بيهي رهي، منهنجي رات اهڙي اذيت واري گذري جو تشريح لاءِ لفظ کٽي پون ٿا. اها رات اڃان تائين منهنجي اکين مان نڪري ڏينهن ڏي ڪونه وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے