10 پیر , دسمبر 2018

ڪهاڻي ڌوٻياڻي:عبدالواحد سومرو

حمير جڏهن بي ايڍ  جي ٽرينگ  حاصل ڪري رهيو هيو تڏهن هڪ نئون ماحول، نوان دوست جنهن ۾ حسين جميل نوجوان ماسترياڻيون ۽ ڪجهه شاگردياڻيون به شامل هيون- شام جو هي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ويندو هيو- هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي،

حبدار سهڻو ته نه هيو،پر صاف سٿرو، ميل جول جو ڪوڏيو  دوستن سان وقت تي ڪم ايندڙ شخص هيو- اهو ڪم ڳوٺ، توڙي اسڪول ۾ گڏ ڪم ڪندڙن کان ويندي اڄوڪي ماحول ۾ به هميشه ويٺي گفتگو ڪندي مسڪرائيندي نظر ايندو هيو. حبدار ان سکيا جي دوران جيڪي ڇوڪريون شمع  نورين ۽ شازيه سان به ملڻ جلڻ شامل هيو- انهن مان هڪ نورين ڏانهن مٿس وڌيڪ ڇڪبو ويو-

نورين خوش شڪل،صاف، وار وڏا گهاٽا ۽ سڊول بدن، گول چهرو، وڻندڙ چپ، ڀريل ڳٽا جن تي پائوڊر به چمڪ ۾ واڌ جو سبب هيو ته جواني جو رت به هيو- چال چلت ۾ به پروقار- باقي ٻين ڇوڪرين کان هڪ ڳالهه ۾ منفرد هئي، اها انفراديت خاص ڪري هن جي پوشاڪ پهرڻ جي هوندي هئي- سينگار ۾ واڌ جو سبب هيا-

حمير ۽ نورين جو ويهڻ ڪهچري ڪرڻ روز ۾ شامل هيو- اهو سفر پنهنجو زور شور سان جاري ساري هيو-

هڪ ڏينهن حمير پنهن جي دل جي ڳالهه هنداڻي جي ڦاڪ وانگر ڳالهه جي صورت ۾ ڪٽي ڪري ڏيکاري-

هن دوست صرف ان کي چيو ته: “هي شهر ڏيک وارو آهي – ڪير آهي۽ ڪهڙو گهر جو ماحول اٿس، سو هڪ دفعو جاچ ڪري ڏس-”

حمير کي ان دوست جي ڳالهه تي ڪجهه وقت ته دل ۾ ناراضگي رهي- نيٺ هڪ ڏينهن حمير جي دل ۾ خيال آيو ته ڀلا ڏسي وٺجي- ان ۾ ڪهڙو حرج آهي-

حمير هڪ ڏينهن نرين کي ويٺي ويٺي چيو ته: ” اڄ دير آئي آهين،

گهر گهڻو پري اٿئي ڇا”

“نه، نه… !“ نورين چيو-

“پوءِ ايتري دير پر ڇو“؟

“بس تيار ٿيندي دير ٿي ويئي-” نورين چيو

“ڀلا پوءِ رهائش ڪٿي آهي؟” حمير پڇي ورتس-

وارن کي جهڏڪو ڌيئي “چيو: لائيڌر اپريا ۾”-

حمير ڳالهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو، ها، ويجهو ۽ سٺو علائقو آهي-” اها گفتگو ختم ٿي ۽ ٻئي اٿي هليا ويا- حمير اها ڳالهه وڄي پنهنجي دوست کي ٻڌائي- حمير جي دوست گڏ پڙهندڙ شمع، شازيه کان به ڪنهن بهاني پڇا ڪري ورتي- هڪ ڏينهن وڄي نورين جي گهر تائين پهتو- اهو وري سولو ڪم هينئن ٿيو جو هڪ واقف اتي ملي ويس- جيڪو به نورين کي سڄاڻيندڙرفيق مليو. ان علائقي جي هڪ اسڪول ۾ پڙهائيندو رهيو- ان ٻڌايس ته ” ننڍين ڀبنرن کي اسڪول ڇڏي ويندي آهي-“اتان اهو اٿي اچي هڪ شام جو ڪلاسن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ گڏجي طارق روڊ تي هڪ هڪ هوٽل تي گڏجي ماني کاڌي- ماني جي دوران ان حمير کي چيو:“ يار نورين جو والد ڌوٻي آهي- علائقي ۾ وڄي پڇي ڏسي آيو هيس-”

حمير چيس:“توکي ڪنهن ٻڌايو؟”

هڪ ڏينهن وڄي علائقي ۾ نڪتس- اتي رفيق مليو- جيڪو هن جي پاڙي جي اسڪول ۾ پڙهائيندو آهي- ان ٻڌايو“ – دوست ڳالهه ڪري ٻڌاسين-

“نه يار، ايئن ڪئين هوندو؟” حمير چيو-

”ڇو ايئن نه هوندو ؟“ دوست چيس

 

”ايترا سٺا ۽ مهانگا ڪپڙاجو پائي ايندي آهي-“ حمير چيو نوان ڪپڙا- ٽهڪ ڏيندي چيو- ڌوٻيءَ جي ڌيءَ جو آهي- آيل ڌلا ئي وارن ڪپڙن مان هڪ ڏينهن لاءِ هڪ جوڙي جي  حساب هڪ نئون جوڙو پائي اچڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟“ دوست تفصيل سان ٻڌايس- حمير ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ڄڻڪ پنهنجو پاڻ کي ٺونشو لڳندي محسوس ڪيو ۽ ٿوري وقت جي لاءِ دماغ چڪرائجي ويس- حمير جي دل م پيدا ٿيندڙ پيار واري چڻنگ آهستي آهستي وسامي ويس ته هان  هيءَ ڌوٻاڻي آهي-

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے