11 منگل , دسمبر 2018

ڪانگريس جي مخالفت باوجود ڀارتي لوڪ سڀا ۾ ٽن طلاقن خلاف بل منظور

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪانگريس جي مخالفت باوجود ڀارتي لوڪ سڀا هڪ ئي وقت ٽن طلاقن خلاف بل منظور ڪري ورتو آهي. ڀارت ۾ هاڻ هڪ ئي وقت 3 طلاقون نه ڏئي سگهبيون ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ 3 سال قيد ۽ توڙي ڏنڊ جي سزا کي منهن ڏيندو. ٽن طلاقن خلاف بل هيٺئين ايوان لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيو ويو، جنهن کي ڀارت ۾ عورتن جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته هاڻ اهو بل وڏي ڀارتي ايوان راجيا سڀا ۾ پيش ڪيو ويندو. ٽن طلاقن خلاف بل جي ڪانگريس ۽ مسلم پرسنل بورڊ سخت مخالفت ڪئي هئي. لوڪ سڀا ۾ ڪانگريس جو چوڻ هو ته بل ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، ان کي اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي. ڪانگريس موجب بل جو مقصد هندو انتهاپسندن کي خوش ڪرڻ آهي، پارٽي سوال اٿاريو ته جنهن شخص گهرواري کي ورهين کان ڇڏي ڏنو هجي، ان جي سزا ڇا هوندي؟ ٽن طلاقن کي ڏوهه قرار نه ڏنو وڃي. واضح رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڀارتي سپريم ڪورٽ مسلمانن ۾ ٽن طلاقن کي غير قانوني قرار ڏنو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے