17 بدھ , اکتوبر 2018

آخر اختر درٻيلائيءَ کي ڪھڙي ڏوھه جي سزا ڏني پئي وڃي..!!؟

اعجاز ممنائي

ساهتي پرڳڻي جو ناميارو سماج سڌارڪ شاعر اديب ۽ صحافي اختر درٻيلائي اڃان تائين دل جي تڪليف سبب بيماريءَ جي بستري تي پيل آھي ڪوبه کانئس حال پُڇڻ وارو نه آھي اديبن جي لاءِ ٺھيل نالي ماتر   ثقافت کاتي توڙي اطلاعات کاتي سميت تر جي ڪنھن چونڊيل نمائندي به سندس سار نه لڌي آھي تازو درٻيلي شھر جي سياسي سماجي ادبي فورم پاران سندس علاج ۽ سھائتا نه ڪرڻ خلاف گهر ڀاتين ۽ رهواسين سميت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو سماج آخر اھڙو بي حس ۽ سنگدل ڇو ٿي ويو آھي جو ڪنھن بيمار جي واھر ڪرڻ کان به لاچار آھي ان موقعي تي متاثر صحافي جي گهر واري ڦتل خاتون به لڙڪن جو مينھن وسائيندي چيو ته منهنجو مڙس اختر درٻيلائي هڪ شاهڪار ۽ سدابهار تخليقڪار آهي جنھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پنهنجي فن سان پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي آھي هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا آهن جيڪي سندس هٿن ۾ اڃا به محفوظ آھن، جڏهن ته پاڻ ڪيترين غريبن جو آواز بڻجي اخبارن ذريعي ڪالم لکي ۽ خبرون ھلائي سندن سان ھمدريءَ طور سڃاتو ويندو ھو، ڄڻ ته پاڻ غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائيندڙ شخص ھو پر اڄ هيءُ شاعر اديب ۽ صحافي دل جا وال بند هئڻ ڪري لاچار ۽ بيوس بڻيل آھي اڄ ھُو بيماريءَ جي بستري تي سخت متاثر هجڻ جي حالت ۾ بي يارو مدد گار بڻيل آهي پر ڪوبه اسان مسڪينن جي واھر نه پيو ڪري اسان گهر ۾ هن وقت سخت فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون جڏهن ته بيماريءَ جي بستري تي پيل شاعر اختر درٻيلائي ٻُڌايو ته مان گهر جو الهه تلهه کپائي پنھنجو ڪجھه علاج ڪرايو آهي پر منهنجو علاج مڪمل ٿي نه سگهيو آهي هن چيو ته مان ثقافت کاتي اطلاعات کاتي توڙي چونڊيل نمائندن ۽ سرنديءَ وارن ڏي علاج ڪرائڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيترائي ڀيرا پنڌ ڪيا آهن پر منهنجي ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جي پريس ڪلب تي سراپا احتجاج بڻيل آهيان پر منھنجي دانهن ڪير به نه پيو ٻُڌي بس ھاڻي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پهچي ويو آهيان پر بي رحم انتظاميا کي مون غريب تي ڪا ڪھل نه پئي اچي هن ڳوڙھا ڳاڙيندي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته خدارا منهنجو علاج ڪرائي منھنجي حياتي بچائي وڃي اھا صدا ھڪ فرد جي نه پر ھڪ قوم جي ان سرمائي جي آھي جنھن سان معاشرو خوشحال ۽ سُکيو ستابو ٿيندو آھي ڇوته شاعر يا اديب ڪنھن به معاشري جي سنوار جو اھم ڪردار رکندڙ ھوندو آھي اسان جو سنڌي معاشرو ته صديون پراڻو آھي جنھن قومن کي نظم ۽ ضبط، ريتون رسمون ۽ زندگي گذارڻ جا طور طريقا سيکاريا آھن ھن دور ليکڪ اديب توڙي صحافي مظلوم بڻجندو پيو وڃي جيڪو قلم جي ذريعي دوستن کان وڌيڪ دشمن پيدا پيو ڪري ڇوته جيڪڏھن ھُو پوليس جي اڍنگن روين خلاف ٿو لکي ته پوليس سندس دشمن ٿي پوي ٿي جيڪڏھن معاشري ۾ موجود ڏوھارين خلاف آواز ٿو اٿاري ته اُھي سندن دشمن ٿي پوَن ٿا ڪنھن آفيسر جي ڪرپشن کي بي نقاب ٿو ڪري ته کيس عتاب مان گذرڻو پوي ٿو جيڪڏھن حڪمرانن تي تنقيد ٿو ڪري ته کين سازشي قرار ڏنو وڃي ٿو آخر اسان ڪھڙي طرف وڃي رھيا آھيون ٿورو سوچيو !!!

ڪنھن جاءِ تي ھڪ مفڪر جو قول پڙھيو ھيم ته ”مونکي وڻ جي ڇانوَ ھيٺ نھر جي ڪناري تي سادو اوڇڻ ۽ ھڪ ڪتاب ڏيو آءُ ھر طرح سان خوش رھندس ” پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسانجي معاشري ڪڏھن ليکڪ جو قدر نه ڪيو آھي جيڪو معاشري جي اوڻائين کي وائکو ڪري شفاف معاشري جي قيام لاءِ قدم ٿو کڻي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز ٿو بلند ڪري ان جو قدر نه ٿا ڪريون پر ھڪ بدمعاش لٽيري انسان دشمن ۽ حيوان مثل وڏيري توڙي سرمائيدار کي وڏا پروٽوڪول ڏيئي ھٿي ڏيون ٿا ته اسان جي تباھيءَ جو سامان تيار ڪري ڪنھن دوست تجزيو ڪندي چيو ته جنھن قوم جي پاڙي جي غريب جي نياڻي ڪنواري ويٺي ھجي ۽ بيواھن توڙي يتيمن جي واھر ڪرڻ بجاءِ دولتمند ماڻھو بار بار حج عمرہ ۽ زواريون ڪندو وتي ته ڇا اھا قوم زندهه رھي ترقي ڪري سگھي ٿي؟ جنھن قوم وٽ ميرٽ جي لتاڙ ھجي ۽ غريبن جا حق غصب ٿيندا ھجن ۽ اميرن جا ٻار پئسن عيوض داخلائون ۽ ڊگريون وٺن ڇا اھا قوم زندهه رھي ترقي ڪري سگھي ٿي؟ جنھن قوم جا نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار ٿي اجتماعي خودڪشيون ڪندا ھجن ۽ قوم جا مالدار ماڻھو پنھنجون  ڏھه ڏھه محلاتون سجائيندا ۽ سنواريندا رھن. ڇا اھا قوم زندهه رھي ترقي ڪري سگھي ٿي؟ جنھن قوم جي فقيرن توڙي غريبن وٽ رھڻ لاءِ ڪو اجھو يا گھر نه ھجي ۽ اتي جلسن ۽ جلوسن تي لکين رپيا خرچ ڪري ڪُوڙيون تقريرون ڪري قوم کي بيوقوف بڻايو وڃي ڇا اھا قوم زندهه رھي ترقي ڪري سگھي ٿي ؟ جنھن قوم جا ماڻھو پنھنجي امام ۽ مئوذن جو خون چوسيندا ھجن ۽ مسجدون سنگ مرمر سان ٺاھيون وينديون ھجن ڇا اھا قوم زندهه رھي ترقي ڪري سگھي ٿي؟ جنھن قوم وٽ غريب بيمارن ماڻھن جي علاج جو ڪو بندوبست نه ھجي ۽ قوم جي ڊاڪٽر جي فيس غير قوم جي ڊاڪٽر کان وڌيڪ ھجي ڇا اھا قوم  زندهه رھي ترقي ڪري سگھي ٿي؟ يقينن انھن سڀني سوالن جو جواب ”نه ” ۾ آھي ته پوءِ اسان ڇا سوچيو آھي؟؟؟

مشھور ليکڪ آسڪروائلڊ جو قول آھي ته ھر معاشري ۾ ٻن قسمن جا ماڻھو نظر اچن ٿا ھڪڙا اھي جيڪي يقين نه ڪرڻ جهڙن مسئلن تي يقين رکن ٿا ۽ ٻيا اھي جيڪي ناممڪن کي ممڪن ٿا سمجھن ھاڻي سوچڻو اھو آھي ته اسان جو شمار پھرئين نمبر سان آھي يا ٻئي نمبر سان آھي ڇوته ليکڪ تاريخ جو پانڌيئڙو ھوندو آھي ھن جون نگاھون حال سان ھلي ماضيءَ سان گڏ مستقبل ۾ به کُتل ھونديون آھن پر جڏھن ان ليکڪ کي چئني طرفن کان غمن جا غبار ڏنا وڃن سندس اڳيان ڏکن جا ڏونگر کڙا ڪيا وڃن تڏھن به ھُو ھمت نه ھاريندو آھي پر پنھنجي جاکوڙ جاري رکي معاشري جو چھرو چِٽڻ لڳندو آھي ڇوته ان جي جنگ ڪنھن فرد سان نه پر انھن بگڙيل اصولن سان آھي جن جي ڪري واٽن تي ڪنڊا وڇايا ويا ۽ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون اختر درٻيلائي کي به اڄ ان بگڙيل اصولن جي سنوارَ جي سزا ڏني پيئي وڃي جنھنڪري سندس واھر نه پئي ٿئي سندس صدائون ڪو ٻُڌڻ کان لاچار آھي سندن ڪنن ۾ ڪپھه پيل آھي پاڻ ڪنن ھوندي به ٻوڙا آھن سندن اکين مٿان ڪارا چشما چڙھيل آھن انڪري اکين ھوندي به انڌا آھن ڇا توھان سڀ ليکڪ اديب صحافي ۽ قلم ڌڻي به انھن سان گڏ بيٺل آھيو جيڪي اصولن تي سوديبازي ڪندا آھن جيڪي معاشري لاءِ بگاڙ جو سامان گڏ ڪندا آھن جيڪڏھن توھان جو جواب ھا ۾ آھي ته پوءِ ڄاڻي وٺو ظلم جي خلاف ويڙھه ۾ مارجي ويندڙ جو موت چنڊ جو موت وانگر ھوندو آھي جنھن جي مرڻ کان پوءِ ظلم جي ڪاري رات جڳ تي ڇانئجي ويندي آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے