20 ہفتہ , اکتوبر 2018

شين کي ڏسڻ جا پئمانا

سنيتا راٺوڙ

ڪائنات ۾ موجود مختلف نظريا ۽ فلسفي جون مختلف شڪليون معروضي حالتن مان جنم وٺنديون آھن. جيئن مارڪس سماجي وجود ۽ سماجي شعور ۾ فرق ڄاڻايو آھي ته ٻئي شيون ھڪٻئي کان الڳ آھن ٺيڪ اھڙي ريت انساني شعور جو تعين سماجي وجود ڪندو آھي ڇاڪاڻ ته انساني شعور سماجي وجود جو محتاج آھي ۽ سماجي وجود ۽ سماجي شعور جون مختلف شڪليون پيداواري اوزار ۽ پيداواري ذريعن جي ارتقا پٽاندڙ ظھور پذير ٿينديون آھن. پيداواري اوزار ۽ پيداواري ذريعا نون سماجي رشتن جو بنياد وجھندا آھن ۽ مجموعي سماجي شعور جو تعين نئين سر ڪندا آھن جيئن يونان ۾ سوفسطائي فيلسوف اينڪساميندر فيثاغورث انڪساغورث ٿي گذريا انھن جي نظر ۾ ڪل سچ پنھنجو طئه ڪيل سچ ھوندو ھيو ته ٻيا وري اٿينز جي مبھم پر اسرندڙ جمھوري دور ۾ مابعدالطبيعاتي فيلسوف ٿي گذريا جن جو نقطئه نظر سو فسطائين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عقليت پسندي تي مبني ھيو. ان دور جا اھم فيلسوف سقراط سندس شاگرد افلاطون اگيٿون ۽ مخالف مليٽس وغيره ھيا. سقراط ھر موجود شيءَ متعلق سوال اٿارڻ ۽ بحث ڪرڻ جو قائل ھيو افلاطون ريپبلڪ ۾ مبھم جمھوري نظام جو خاڪو کڻي آيو. سندس شرطون مڪمل طور تي تصوراتي ھيون انجي ڀيٽ ۾ سندس شاگرد ارسطو Aristotle وڌيڪ عقليت پسند فيلسوف ثابت ٿيو جنھن اوائلي فزڪس جا بنياد وڌا. ته ڪائنات ھوا مٽي باھ پاڻي جھڙن مادي عنصرن مان جڙي آھي. پر اھي خيال جديد دور ۾ پاروٿا مدي خارج بڻجي چڪا آھن.

پر اوائلي فزڪس جا ماخذ اھڙن فيلسوفن جي مرعون منت آھي وري بعد جي دور ۾ امنائول ڪانٽ جھڙا عقليت پسند فيلسوف ٿي گذريا جنھن روشن خيالي ڇا آھي جھڙو عقليت پسند ڪتابچو لکيو ۽ سائنس فلسفي کي نئين اک سان ڏسڻ جو گس ڏنو، ان دور جا وڏا فيلسوف مغالطي جا شڪار ھيا. ڪي تجربيت پسند فيلسوف ھيا ڪي مابعدالطبعياتي. پر يورپ جي dark age of the eroup ۾ ماديت پسند فيلسوف پيدا ٿيا واٽ ٽيلر جيڪو ھاري تحريڪ جو باني ٿي گذريو پر انکان به گھڻو اڳ ڊيموڪريٽس جنھن جي توثيق خود مارڪس ماديت پسندن جي باني طور ڪئي. فرانسس بيڪن وري نج سائنسيت پسند ھيو جنھن جي تصوراتي طور خلقيل دنيا ۾ سائنس کان عاري ماڻھن لا۽ ڪا گنجائش ڪون ھئي اھڙي طرح ٿامس مور يوٽوپيائي ڪميونزم جو مابعدالطبعياتي تصور کڻي آيو . مزدڪ تحريڪ جنھن جو سرواڻ مزدڪ پادري ھيو جنھن چيو ته انسان جو جيئرو الھام انساني عقل آھي پر مضبوط نظريو نه ھجڻ جي ڪري کيس ناڪامي پلئه پئي. جڏھن يورپ ۾ نشاط الثانيه نئين سجاڳي جو دور شروع ٿيو ته ان ۾ ريني ڊيڪارٽ رياضيدان سائنسدان ۽ فلسفي ھيو ان تشڪيڪ پرستي جو بنياد وڌو.

دنيا جي ھر شيءَ ۾ شڪ جي نگاھ وجھڻ گھرجي تشڪيڪ پرستي لازمي آھي Skepticism انساني وجود وحي الھام وجدان ھر شي۽ ۾ شڪ جي نگاھ وجھڻ گھرجي سواءِ انجي ته مان شڪ ڪري رھي يا رھيو آھيان. ڊيوڊ ھيوم جان لاڪ جيمز اسٽيوراٽ ۽ ايڊم سمٿ لبرلازم آئيڊيالاجي جا بانيڪار ٿي گذريا انھن انساني انفرادي آزادي ذاتي ملڪيت سياسي آزادي ۽ گڊ گورننس تي زور ڏنو ۽ آزاد مارڪيٽ۽ سرمائي تي بحث ڪيو. جيڪي age of the reason ۾اڳتي ھلي تبديل ٿيا. ڪجھه وري ريفارميسٽ جنين religious Reformation جون تحريڪون ھلائي سجاڳي ۽ مذھبي اصلاح جو نقطو متعارف ڪرايو.

مارٽن لوٿر پھريون انسان ھيو جنھن اونداھ کي احتجاج جو پھريون پٿر ھنيو ۽ بائيبل جا ترجما ڪري وڏن پمفليٽن ذريعي ديوارن تي نصب ڪري عوام ۾ بيداري پيدا ڪئي ته ڪليسا ۽ چرچ ھٿ ٺوڪيون بائيبل جون تشريعون ڪري عوام جو رت چوسي رھيا آھن ڇاڪاڻ پادري پروھت ۽ واپاري توڙي جاگيردار طبقو ھڪٻئي سان ڳٺ جوڙ ڪري پنھنجن طبقاتي مفادن جو پورائو ڪري رھيا ھيا پر مارٽن لوٿر اڳتي ھلي جاگيردارن جو نمائندو بڻجي ويو پر يورپ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ طرف آھستي آھستي وڌي رھيو ھيو اڳتي ھلي وڏن مفڪرن جو جنم ٿيو جيئن جين جيڪس روس جنھن Go back to nature جو فلسفو ڏنو.والٽيئر گوئٽي فيور باخ دوھرنگ ۽ ڊاڪٽر ھيگل جھڙا وڏا فيلسوف ٿي اڀريا پر انھن سڀني مان اھم ۽ سگھارو نانءُ ڪارل ھينرڪ مارڪس جو آھي جنھن ھيگل جي ابتي پيرن ڀر بيٺل جدلياتي ماديت کي سڌو ڪري بيھاريو ۽ سموري زندگي ذھني ولوڙ ڪرڻ بعد داس ڪيپيٽل جھڙي اھم ۽ غير معمولي تصنيف کي جنم ڏنو مارڪس جنھن چيو ته خودڪار تھذيب جي عروج ۽ پورھيت طبقي جي بي دخلي ڪندڙ تضاد ۾ ئي سرمائيداري جو انت سمايل آھي ڇاڪاڻ ته سرمائيدار پنھنجي موت جو سامان پنھنجي ڪک مان پيدا ڪندو آھي.

اڄ جيڪا ايڏي وڏي پئماني تي انساني ويڳاڻپ نظر اچي ٿي سا آھي ئي پورھيت جي پنھنجي تخليق ڪيل پورھئي کان ويڳاڻپ ڇاڪاڻ ته پورھيت کي پنھنجي تخليق تي اختيار ناھي ھوندو ان ۾ اڃان به گھڻي نواڻ مارڪسسٽ نفسياتدان ايرڪ فرام آندي ته انسان پنھنجو گھربل درجو ان صورت ۾ ماڻيندو جڏھن پنھنجي پورھئي تي سندس اختيار ھوندو اھو انساني برابري جو خواب نيٺ ساڀيان ٿيڻو آھي. آئزڪ نيوٽن البرٽ آئنسٽائين گليلو برونو بائير ارنيسٽ ردر فورڊ جان ايڇ بيڪيولر مينڊيلف راجر بيڪن ڪيپلر ھينري پاسڪل آرڪميڊيز جھڙا عظيم سائنسدانن پوري انساني سماج تي انتھائي گھرا اثر مرتب ڪيا ويجھڙ ۾ ايڊروڊ ڊيبونو ليٽرل ٿنڪنگ جھڙي Decision making فلاسافي متعارف ڪرائي جنھن نون بحثن جو بنياد وڌو پر تاريخ انساني ۾ اينگلز لينن گوربا چوف ٽراسٽڪائي انتينو نيو گرامچي روزا لڪمسبرگ خود سڀئي مارڪسزم جي پيداوار آھن.

انڪري شين کي ڏسڻ سمجھڻ پرجھڻ جا مختلف پئمانا آھن. جيئن دنيا ۾ پھرين سيڪيولر سوسائٽي 1647 ۾ جيڪب ھولي ايڪ اينگلينڊ اندر بنياد وڌو ۽ چيو ته دنيا ۾ سمورين شين جي پرک جو معيار ڪسوٽي سائنس آھي ۽ اھا سائنس جدلياتي ماديت جي سائنس آھي جيئن اوائلي سائنس جاماخذ معروضي قوت جي اشاري ۽ ڌڪي تي بيٺل ھيا ڇاڪاڻ ته ان دور جي سائنسدانن وٽ محدود اوزار ھيا ۽ سائنس static and stagnant ھئي پر جديد سائنس مسلسل ٽڪرا۽ ۽ تضادن سان ڀرپور آھي جنھن ۾ ٻاھرين قوت جو دخل ناھي انڪري شين جي پرک سطحي مٿاڇري نقطئه نظر سان قطعي نٿي ڪري سگھجي ڇاڪاڻ اھا ظاھري ڏيک تي مبني آھي ۽ مظاھر پرستي جي پيداوار آھي شين جو اصل ڳر جوھر ئي شين جي پرک اصل ڪسوٽي آھي اھا Dialectical materilisim آھي جيئن جرمني ماديت پسند فيلسوف فريڊرڪ نٽشي چيو ھيوته Survival has its own dialectic  جياپي کي پنھنجي جدليات ٿيندي آھي ھاڻي ڪلاسيڪل جدلياتي ماديت کان جديد جدلياتي ماديت پسندي ڏانھن وڌڻ جو سفر طئه ڪرڻو آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي، خوشحالي ،سازش ۽ مهانگائي!

شفيق الرحمان شاڪر خيرن سان خوشخبري اها آهي ته  2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے