23 منگل , اکتوبر 2018

ملير جي زمين تي والار

ذوالفقار واهوچو

ڪراچي شهر جيڪو 47ع کانپوءِ سنڌين  جي انتظامي هٿن مان نڪتو آهي ، تڏهن ڏينهن کان ڪراچي جا اصل ڌڻي سمورن انساني حقن کان محروم  آهن ، انهن کان روزگار کسجي ويو، سياست کان ٻاهر ڪڍيا ويا ، سماجي زندگي انهن جي سخت متاثر ٿي، انهن کان ٻولي کسي وئي سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا، ڪاروبار کسجي ويو، هو پنهنجي شهر ۾ اجنبي بڻجي ويا، اهو ظلم انهن سان اڄ به جاري آهي جيڪو رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي ، جن کي اسان جي وڏڙن پناھ ڏني ، اڄ اهي اسان کي چون ٿا ته ”ڪراچي شهر ۾ سنڌ ڪي لوگ بهي آ گئي هين“ ،مهمان مالڪ بڻجي ويا آهن،اسان ڌاريا بڻجي وياسين ، ڏک ان ڳالھه جو آهي ته سنڌ جا حڪمران سنڌي آهن ، پر انهن ڪڏهن به ڪراچي جي سنڌين رهواسين کي پنهنجو نه ڪيو آهي، انهن جي سياسي ، سماجي ، معاشي مفادن جو تحفظ نه ڪيو آهي، اڳ اهي سنڌي مذهبي جماعتن جي تسلط هيٺ هيا ، شهيد ڀٽو آيو ان پيپلز پارٽي ٺاهي ، مقامي ماڻهو ان سان گڏ جي ويا ،اهي ماررواڙي هجن، گجراتي هجن، ميمڻ ڪاٺياواڙي هجن،بوهري، خواجا،ڪڇي سڀ پ پ پ سان  سلهاڙجي ويا ، ان سان گڏ مقامي سنڌي ، ملاح ، برفت، خاصخيلي ، گبول ۽ ٻيون اسان جون ٻروچ ذاتيون اڄ به پ پ پ سان واڳيل آهن ، ڪيئي ورھ اڳ عوامي تحريڪ ، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڌرين جو به هڪ وڏو حلقو هيو، جيڪو سنڌين جي مفادن جي ترجماني ڪندو هو ، ضياءُ الحق جي دور کانپوءِ هڪ منظم سازش وسيلي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تيار ڪئي وئي ، ان کان اڳ اهو ڪم جماعت اسلامي ڪندي هئي جيڪو هن وقت ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي ، سڄي   ڪراچي جو ڪارووهنوار  غير مقامي ڌرين حوالي ٿيڻ سبب سنڌي ڪراچي ۾ ڇورا ڇنا ٿي ويا، ايم ڪيو ايم جي قبضي ۽ دهشت سبب واپاري طبقو ،خاص ڪري اهي سنڌي برادريون جيڪي 47ع کانپوءِ هندستان جي سنڌي علائقن مان لڏپلاڻ ڪري اچي ڪراچي ۾ آبادٿيون هيون، يا پاڪستان کان اڳ اچي هتي آباد ٿيون هيون اهي، ايم ڪيو ايم جي جبر جو شڪار ٿي ويون انهن جي ڪنهن به مالڪي نه ڪئي اهي ڪاروباري هجڻ سبب وڙهي به نه ئي سگهيا نيٺ انهن ڪاروبار بچائڻ لاءِ انهن کي فنڊ فراهم ڪيا ، ووٽ ڪيا ائين سڄو شهر مڪمل طور تي ڌرتي ڌڻين جي قبضي مان نڪر ي ويو ، جڏهن صوبائي سرڪار به اڪثريت نه هجڻ سبب ايم ڪيو ايم جي اتحاد سان قائم ٿيندي رهي ، ان دوران ڪراچي ، حيدرآباد ۽ ٻيا شهر انتظامي طور تي انهن ڪمزور سرڪارن ايم ڪيو ايم حوالي ڪيا، ڪراچي ۾ هڪ رٿابندي تحت سنڌين جو قتل عام ڪيو ويو ، شهر مان سنڌي لڏي وڃي ڪراچي جي ٻهراڙين کي آباد ڪيو ، جنهن ۾ شانتي ننگر، سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد  سميت ٻيون ڪيتريون ئي آباديون وجود ۾ آيون.

هن وقت گذريل 10 سالن کان سنڌ تي پ پ پ جي سرڪار آهي ان سرڪار ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري پهريان ٻٽو مڪاني نظام لاڳو ڪيو ، ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ نواب شاھ شهرن جا انتظام انهن حوالي ڪيا ،ا هي شهر سنڌين لاءِ اجنبي بڻيل رهيا،ان اکان اڳ مشرف جي دور ۾ ته ايم ڪيو ايم کي مادر پدر خودمخيتار  بڻايو ويو ، اڇي ڪاري جا مالڪ هئا ، هن وقت قدرتي طور تي  ايم ڪيو ايم ملڪ جي مفادن خلاف ڌارين ملڪن جي قوتن جي مفادن لاءِ ڪم ڪيو اسٽيبلشمينٽ انهن خلاف قدم کنيا تڏهن وڃي انهن جو ڪجهه زور گهٽ ٿيو آهي شهرين سک جو ساھ کنيو آهي،ان هوندي به اسٽيبلشمينٽ انهن کي ڪراچي ميٽرو پوليٽين ڪارپوريشن ۽ ڊي ايم سيز انهن حوالي ڪيون ويون آهن ، ڪجهه پ پ پ وٽ آهن ، هن وقت صوبائي سرڪار به سنڌين جي آهي ته انتظامي ڪامورا به سنڌي آهن ،ان جي باوجود ڪراچي مڪمل طور تي سنڌين جي هٿن مان نڪتل آهي.

هن وقت پ پ پ سرڪار ڪراچي اندر بحرياٽائون ، ڊي ايڇ اي ۽ ٻيون رهائشي اسڪيمون شروع ڪرايون آهن انهن کي هزارين ايڪڙ زمين حوالي ڪئي آهي جتان ڳوٺن جا ڳوٺ لڏايا ويا آهن ، پوليس جي سهڪار سان ماڻهن کان زمنيون وڪرو ڪرايون ويون آهن ، مقامي ماڻهن لاءِ ڌرتي ٽامون بڻائي وئي آهي ، ملير جي زمين  تيزي سان وڪرو ٿي رهي آهي اتي ڌارين جي والار وڏي منظم رٿابندي سان ڪئي پئي وڃي ، هاڻ ته پپري کان وٺي گھگھر ڦاٽڪ تائين  35 ڪلمتي برادري جا ڳوٺ آهن جن کي لڏائڻ جو پروگرام جوڙيو ويو آهي ، پوليس معرفت انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ،انهن بلڊر مافيائن سان گڏ مقامي چونڊيل نمائندا به شامل آهن جيڪي انهن لاءِ زمين جي خريداري ۾ بروڪر وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ان سڄي ڪڌي عمل ۾ روينيو کاتي جا سنڌي ڪامورا به شامل آهن ، انهن ته سڄي ملير جي زمين غير قانوني طريقي سان مقامي ماڻهن کان کسي بلڊرن حوالي ڪري اربين رپيا ڪمائي ورتا آهن ، ان سڄي ڪڌي عمل واري گنگا مان ملير جي صحافين به پنهنجا هٿ صاف ڪيا آهن انهن به پنهنجو حصو ورتو آهي اهي به ڪک مان لک پتي بڻجي چڪا آهن،  ملير هن وقت سخت خطري هيٺ اچي ويو آهي ،ا سان ميمڻ ڳوٺ وڃڻ لاءِ ملير ٻڪراپڙي وارو روڊ ڏئي وينداسين ته ٻڪرا پڙي کان وٺي ميمڻ ڳوٺ تائين بلڊرن جون رهائشي اسڪيمون  جاري آهن جتي غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي، سومار ڪنڊاڻي واري روڊ سان ميمڻ ڳوٺ اينداسين ته ميمڻ ڳوٺ تائين رهائشي رٿائون جاري آهن اتي به غير مقامي ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي ،  ان کانپوءِ ميمڻ ڳوٺ کان شيدي ڳوٺ واري روڊ سان وينداسين ته اتي ملير ندي جي پيٽ جي زمين تي پوليس جي مدد سان قبضا ڪري اها زمين فاطما ڊريم سوسائٽي ۽ ٻين سوسائٽين کي ڏني وئي آهي، جتي رهائشي رٿائن جي نالي سان ڪم جاري آهي جتي پڻ غير مقامي ماڻهن کي رهائش مُهيا ڪئي پئي وڃي ، ائين اسان قائد آباد کان گھگھر ڦاٽڪ تائين وينداسين ته اسان کي روڊ جي ٻنهي پاسن کان غير مقامي ماڻهن جو آباديون نظر اينديون اتان مقامي ماڻهو لڏايا ويا آهن يا قبضن جي خوف سبب اهي زمينون سستيون وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن ، ان سڄي عمل ۾ ملير جي مقامي سياسي قيادت به ملوث آهي انهن به جاوا ڪيا آهن ، پر هاڻ مقامي ماڻهن جو وجود خطري هيٺ اچي ويو آهي ،هن وقت گھگھرڦاٽڪ  تائين 35 ڳوٺن جي معززن گذريل ڏينهن ڪٺ ڪري دانهن ڪئي آهي ته بلڊر کين لڏائڻ لاءِ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن ، جڏهن مقامي سياسي اڳواڻ ڳوٺاڻن کي چون ٿا ته زمين نه بچندي پيسا سٺا ملن ٿا وڪرو ڪريو پاڻ به ڪمايو ۽ اسان کي به ٻه رپيا ملندا، جن ڳوٺن کي لڏائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي انهن ۾ مور خان قيصراڻي پنجل ڪلمتي، حمر، حاجي نجب علي ،ولي خان ڪلمتي،غلام محمد ڪلمتي ، سڌير ڪلمتي،نور محمد قيصراڻي ،محمد موسي ،محمود قيصراڻي ، مورند قيصراڻي ، امين  ڪلمتي ،ابراهيم آباد،روڌن ڪلمتي ڳوٺ سميت 35  ڳوٺ شامل آهن جن کي لڏائڻ جا سانڀاها ٿي رهيا آهن.سنڌي  عوام کي ان ناحق جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ، هي ظلم بند ڪرائڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ، پهريان انهن کي اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم وارن علائقن مان لڏايو ويو ، هاڻ اتان لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، جڏهن ته ڳوٺاڻن وٽ ڳوٺ آباد اسڪيمن جا سرٽيفڪيٽ ، روينيو کاتي جا سروي رڪارڊ پڻ موجود آهن جن ۾ انهن ڳوٺڻ کي قانوني ڏيکاريو ويو آهي ، ان باوجود سنڌي ڪامورن ، مقامي لالچي سياسي قيادت ، بااثر وڏيرن جي ملي ڀڳت سان انهن کان زمين کسي پئي وڃي ، ملير جي زمين جي هي والار  اصل ۾ ملير جي مقامي ماڻهن جي وجود لاءِ خطرو پيدا ڪري رهي آهي ، تنهن ڪري ان کي فوري روڪيو وڃي ۽ ملير ۾ جاري سمورين رهائشي رٿائن کي بند ڪري ملير جي ماڻهن کي تحفّظ فراهم ڪيو وڃي ، جيڪو وقت جي سرڪار جي ذميواري آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

وعدن جي برکا ۽ وڌندڙ مايوسيون!

شفيق الرحمان شاڪر پاڪستان ۾ سسپينس جو سمنڊ وهائڻ ۽ انهيءَ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے