10 پیر , دسمبر 2018

شاهي اُڏام کان پوءِ پيدا ٿيل وسوسا ۽ افواهه ۽ ذميداريون

پنجاب جي وڏي وزير ۽ نواز ليگ سربراهه جي ڀاءُ ميان شهباز شريف جي سعودي عرب ڏانهن شاهي جهاز ۾ روانگي ۽ اتي جي روايتي حڪمرانن سان ملاقات کي پاڪستاني سياست ”اين آر او“ سان مشابهت ڏني آهي، گهڻن جو خيال آهي ته شاهي پروٽوڪول ۾اهڙي اڏام سندن لاءِ ڪيئي سهولتون پيدا ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سهولتن جو هڪڙو نئون جهانُ ميان نواز شريف لاءِ پيدا ٿي سگهي ٿو.

ٻه ڏينهن اڳ اٽڪل ٻه درجن سفارتڪار پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات لاءِ آيا ۽ ساڻس گڏيل دلچسپيءَ جون ڳالهيون ڪيون.

نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف سان ڪالهه اڳوڻي فوجي جنرل ناصر جنجوعا جي تفصيلي ملاقات کي پڻ ان سلسلي جي ڪڙي سمجهيو پيو وڃي.

نواز ليگ ”اين آر او“ جي حوالي سان ڪهڙي ايجنڊا هيٺ ڪهڙي سهولت حاصل ڪري سگهي ٿو؟ وارو سوال بنيادي ۽ اهم آهي. جيڪڏهن ملڪ جي اڳوڻي فوجي قيادت ۽ سعودي عرب ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪري رهيا آهن ته اهي ٻيئي ڌريون سي پيڪ جي عنوان تي هڪٻئي کان پري آهن. آميريڪا سعودي عرب جو ويجهو اتحادي هجڻ جي ناتي ڪنهن به معنا ۾ سي پيڪ لاءِ رستا سڌا ڪري نه ٿو سگهي ۽ فوجي قيادت وري سي پيڪ کان پوئتي هٽي نه ٿي سگهي. شريف فيملي لاءِ ڪي جزوي رستا ته کلي سگهن ٿا پر اهي ڪنهن به معنا ۾ ايڏي وڏي پئماني جا نه هوندا جنهن سان سندن سياست جون سموريون رڪاوٽون پري ٿي وڃن. انهن جزوي رستن ۾ ماڊل ڪالوني ڪيس ۽ علامه طاهرالقادري جو مڪمل اصرار ايجنڊا جو حصو بڻجي سگهن ٿا.

جيڪڏهن بحث طور اها ايجنڊا رکجي ته نوازليگ جي ايندڙ امڪاني وزيراعظم جي ناتي ميان شهباز شريف جي سياسي، سماجي ۽ عالمي نبض جانچڻ لاءِ اها اڏام آهي ته ان سان پاڪستان ۾ جمهوري طور چونڊون لهسجي وينديون ۽ آزاداڻي نموني جون چونڊون رڳو ڍونگ ۽ عوام سان فراڊ هونديون.

پر، 360 ڊگريون ڦيرو پائي ڏسجي ۽ ”سي پيڪ“ جي رٿا ئي رولڙي جو شڪار ٿي وڃي ته اها پاڪستان لاءِ سراسري طور خطرپسندي ۽ بنا تور ماپ جي ائڊوينچر کان مٿي ڪجهه به نه هوندو. اها سُبتي کي ابتو ڪرڻ واري پاليسي ملڪ جي سڄي وهنوار کي پڻ ابتو ڪري سگهي ٿي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جو برادر اسلامي ملڪ ۽ ويجهو دوست آهي، اميد ته سعودي اختياريون شريفن کي پناهه ڏيڻ ۾ دلچپسي نه ڏيکارينديون. پنجاب جي وڏي وزير جي سعودي عرب روانگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن چيو ته قوم شهباز شريف جي دوري جي مقصدن بابت ڄاڻڻ گهري ٿي. سعودي عرب ماضي ۾ پاڪستاني سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ڪرپٽ مافيا کي ٻاهرين ملڪ نه پر جيل ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، سعودي عرب ۾ به ڪرپشن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، اميد ته سعودي عرب عوام جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي طريقي ڪار اختيار ڪندو.

پاڪستان سرڪار کي گهرجي ته ملڪ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي بحثن جي حوالي سان پرڏيهي ملڪن سان جيڪي ڪجهه بحث ڪجي، جيڪي به فيصلا ڪري اچجن، جيڪي به وعدا ۽ اقرار ڪجن سي ملڪ جي چونڊيل پارليامينٽ آڏو پيش ڪجن ته جيئن ڪنهن به قسم جو وسوسا ۽شڪ به پيدا نه ٿين ۽ ڪنهن به افواهه ساز فيڪٽريءَ کي اجايو ڳالهيون ڦهلائڻ ۽ عوام جون متيون منجهائڻ جو وجهه به نه ملي سگهي.

جمعو 29 ڊسمبر 2017ع، 10 ربيع الثاني1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے