22 پیر , اکتوبر 2018

سنڌ جي عوام کي صاف پاڻي پيو ملي، پنجاب ۾ پيئڻ لائق ناهي : مراد علي شاهه

قمبر(ڊ ر)وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه قمبر ۾ نواب سردار خان جي رهائش گاهه تي چيو ته قمبر شهر جي ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو شهر جا رهيل ڪم جلد مڪمل ڪيا ويندا ڳوٺ نور محمد شيخ جي هڪ ئي ڪٽنبجا 10 گهر ڀاتي جمال الدين شيخ،ريشمان،اقرا،صائمه،ڪامل، سائره ۽ جمشيد،احمد جميل،ننڍڙيون ٻارڙيون اجوا،خوشبو،سان ڄام شورو روڊ سن لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا جن جي ڳوٺ سيد مراد علي شاهه اچي وارثن فوتي جمال الدين جي ڀاءُ بدرالدين ۽سندس پٽ جنيد احمد  سان تعزيت ڪئي،ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ چيو ته هي سانحو وڏو ڏکائيندڙ واقعو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي،هن وڏيڪ چيو ته اڳ ۾ به اهو روڊ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ ٺهيو هو جڏهن ته اسان آمري ۽ قاضي احمد جا روڊ ٺهرايا ۽ ڄام شورو سيوهڻ کان رتوديرو روڊ ٺهرايو آهي جنهن کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ٽن پيڪيجن ۾ روڊ جي تعمير ڪرائي رهيا آهيون جنهن اسان مانجهند کان سيوهڻ تائين جلد روڊ جو ڪم شروع ڪرائيندا سين،جڏهن ته روڊ وفاق جي انڊر ۾ آهن ،شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن هن ڏهين ورسي ۾گذريل ورسي کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي هن وڌيڪ  چيو ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي،آءُ پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي اهو موقف رکيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن جي خدمت تي يقين رکون ٿا سنڌ ۾ عوام کي صاف پاڻي مهيا ڪري رهيا آهيون جڏهن پنجاب ۾ پاڻي پيئڻ لائق نه آهي پاڪستان جي معيشت تباهه آهي لوڊ شيڊنگ ساڳي آهي،جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪجهه حصو ريڊ زون ۾ آهي جڏهن ته استادن اسان ٽن سالن لاءِ مقرر ڪيو هو جڏهن ته آءُ پنجن سالن لاءِ ايم پي اي مقرر ٿيل آهيان استادن کي به ڪانٽريڪٽ مقرر ڪيو ويو هو اسان استادن کي ٽيسٽ وٺي پڪو ڪرڻ لاءِ چيو آهي،آءُ فوت ٿي ويلن لاءِ جيڪو ٿي سگهيو اهو ڪندس جڏهن وارثن پاران بچي ويل نوجوان جنيد کي نوڪري ڏيڻ لاءِ چيو وزير اعليٰ چيو ته مون جيترو ٿي سگهيو ته ڪوشش ڪندس جڏهن ته صحت جي حوالي سان جلد لاڙڪاڻي وانگر قمبر اسپتال جي نئين ٺهيل عمارت جو افتتاح ڪندا سين اسان جي فرض ۾ شمار آهي شهرين کي بنيادي سهولتون ڏيون،ان موقعي تي غيبي نواب سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو،اعجاز احمد شيخ،سردار محمد هڪڙو،محمد پنهل سومرو موجوده هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے