18 جمعرات , اکتوبر 2018

سپريم ڪورٽ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فين بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ فين بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران شريف خاندان جي ملڪيتيڪاليج جي بئنڪ اڪائونٽس سميت ٻيا تفصيل طلب ڪري ورتا. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن طرفان وڌيڪ فيون وصول ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه جي پٽ آصف رجوانه عدالت جي سامهون پيش ٿي غير مشروط معافي طلب ڪري ورتي. عدالت جي پڇاڻي تي پنجاب جي گورنر جي پٽ آصف رجوانه ٻڌايو ته اسان جا ايڊووڪيٽ انجم سان خانداني لاڳاپا آهن، هو منهنجي والد برابر آهي، ڊاڪٽر فريد ايڊووڪيٽ انجم کي فون ڪرڻ لاءِ چيو هو، چيف جسٽس آصف رجوانه جي غير مشروط معافي قبولي ورتي. عدالتي حڪم باوجود شريف ميڊيڪل ڪاليج جي مالڪن جي عدم موجودگي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته شريف خاندان جي ملڪيت شريف ميڊيڪل ڪاليج جا مالڪ ڇو نه آيا آهن جنهن تي شريف ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته ڪاليج جو مين ٽرسٽ ميان نواز شريف آهي، کيس نوٽيس نه مليو آهي، جنهن سبب حاضر نه ٿي سگهيو. چيف جسٽس چيو ته پوءِ نواز شريف کي گهرايو وڃي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي ٻڌايو وڃي ته شاگردن کان ڪيتري في وصول ڪئي ويندي آهي، اسپتال جي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين تفصيلن کان به آگاهه ڪيو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پئسا تعليم جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجي، جيڪڏهن ٻارڙن جي داخلا لاءِ سرندي وارن سان رابطو ڪرڻو پيو ته ڪيو ويندو، ڇا ڪو اهڙو طريقو آهي جو فيس نه ڏئي سگهندڙ شاگردن جي به ڪنهن نموني داخلا ممڪن بڻجي وڃي. چيف سيڪريٽري پنجاب چيو ته صوبائي حڪومت وٽ فنڊ موجود آهن.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے