10 پیر , دسمبر 2018

سعد رفيق جو بيان غير ذميواراڻو قرار، سازشن جا ثبوت ڏنا وڃن: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته وفاقي وزير سعد رفيق جو بيان غير ذميواراڻو آهي. ڪا سازش آهي ته ثبوتڏنا وڃن. بينظير قتل ڪيس بابت مشرف جي بيان بابت ان کان ئي پڇيو وڃي. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته وفاقي وزير غير اداري طور بيان نه ڏنو. هن پاڪستان آرمي جي ڪمانڊ کي نشانو بڻايو. هن چيو ته فوج منظم ادارو آهي. جتي هرڪو آرمي چيف جي اشاري جو منتظر هوندو آهي. هن چيو ته آئين به فوج کي تحفظ ڏئي ٿو. سمورن شهرين کي آئين جو احترام ڪرڻ گهرجي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته فوج سياسي بيان ناهي ڏيندي. هن چيو ته ميجر جنرل فيض محمد جي صحيح سان اهو نه سمجهيو وڃي ته فوج اسلام آباد ڌرڻي جي خاتمي جي ضامن آهي. هن چيو ته ڪلڀوشن سان ملاقات انساني همدردي جي بنياد تي ڪرائي. ڪنهن دٻاءُ جو نتيجو ناهي. دٻاءُ هجي ها ته قونصلر پهچ ڏيون ها. هن چيو ته سيڪيورٽي معاملن بابت کي ڀارت اڳواٽ آگاهه ڪيوهو. سوديبازي نه ڪئي ويندي. ميجر جنرل وڌيڪ چيو ته سي پيڪ کي ڪي خطرا ناهن. فوج سيڪيورٽي جي ضامن آهي. هن چيو ته دشمن بلوچستان جي عوام کي گمراهه نه ڪري سگهندو. هن مشرف جي بيان تي چيو ته کانئس ئي وضاحت پڇي وڃي، باقي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڌار يا روگ عنصر ناهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فاٽا ۾ امن آندو، سڌارا آندا پيا وڃن. بلوچستان ۾ 2 هزار ماڻهن هٿيار ڦٽا ڪيا آهن. ڪراچي ۾ به امن ٿيو هاڻ اڳ کان شهر بدلجي ويو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

فاروق ستار هاڻ سهارو ڳولي رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپوٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه سياسي پارٽيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے