12 بدھ , دسمبر 2018

جنرل غفور جي بيان تي افسوس ٿيو، سڄي تقرير نظر انداز ڪرڻ سٺو ناهي : سعد رفيق

لاهور (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته والد جي ورسي تي منهنجي سڄي تقرير قومي ادارن وچ ۾ هم آهنگي، مفاهمت ۽ متحد ٿيملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ جو بيان آهي، ڪجهه چئنلن منهنجي ڳالهه ٻولهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر هاڪاري سوچ رکندڙ شخص آهي، منهنجي تقرير تي سندس ردعمل سان دلي افسوس ٿيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي طرفان سعد رفيق جو بيان غير ذميواراڻو قرار ڏيڻ ۽ اڳتي اهڙن بيانن کانپوءِ پاسو ڪرڻ جي صلاح کانپوءِ وفاقي وزير ردعمل ڏيندي چيو آهي ته مان هڪ ذميوار ۽ سنجيدا شخص آهيان ۽ ڪڏهن به غير ذميواراڻو توڙي غير آئيني رويو اختيار نه ڪيو اٿم، ماتحت نظام کي ڪڏهن به ٽارگيٽ ناهي ڪيو ۽ نه وري ان جو تصور ڪري سگهان ٿو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان ۾ سعد رفيق جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي 27 منٽن جي تقرير کي پاسي تي رکي رڳو ڪجهه لفظن تي راءِ قائم ڪرڻ مناسب ناهي، چئنل تبصرا ضرور ڪن پر منهنجي سڄي تقرير به ٻڌرائن. سندس چوڻ هو ته رياستي ادارن وچ ۾ فاصلا ۽ غلط فهميون پيدا ڪندڙ ملڪ سان زيادتي ڪري رهيا آهن، اسان کي شڪايت هوندي آهي ته برداشت ڪندا آهيون يا وري خاموشي سان لاڳاپيل اٿارٽي کي آگاهه ڪندا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مرتضٰي وهاب ايپڪس ڪاميٽي مان گورنر کي ڪڍڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے