22 پیر , اکتوبر 2018

شريفن لاءِ سعودي مان جهاز اين آر او کانپوءِ ايندو آهي: پ پ

اسلام آباد (بيورو) پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته بينظير ڀٽو موت کي ڳلي لائڻ لاءِ اين آر او ڪيو هو، جڏهن ته نواز شريف زندگي جي خيرات لاءِ ڪيو هو. هن اسلام آباد ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمر اڳيان گيسيون ڪري معافي وٺندڙ اڄ اسان کي طعنا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته نواز شريف ته ڀلي پار ۾ ويهي به ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته معاهدو نه ڪيو آهي. هو اڄ به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته وري به سعودي عرب مان جهاز آيو آهي ۽ شهباز شريف ڪوڙ ڳالهائيندي ان جهاز ۾ سوار ٿي ويو. عمرو ڪرڻو هو ته پنهنجي جهاز ۾ ڇو نه ويو، شريفن لاءِ سعودي عرب مان سدائين اين آر او کانپوءِ ئي جهاز ايندو آهي.063041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے